Thursday, February 03, 2011

من مخالف فحاشي استم - الطاف شيخ

من مخالف فحاشي استم
الطاف شيخ
پکيڙ ۾ ايران پاڪستان کان ٻيڻو ٿيندو. پاڪستان جي ايراضي اٺ لک کن چورس ڪلو ميٽر آهي ۽ ايران جي ساڍا سورنهن لک آهي. ان حساب سان ايران جيڏي ملڪ مان يارهن بنگلاديش جهڙا ملڪ ٺهي سگهن ٿا. ايران جي چوڌاري به دلچسپ ملڪ ۽ سمنڊ آهن، سندس ساڄي پاسي يعني اوڀر ۾ اسان جو ملڪ پاڪستان ۽ افغانستان آهي ۽ کاٻي پاسي (اولهه ۾) عراق ۽ ترڪي آهي، مٿي (اتر ۾) ترڪمانستان، آذربائيجان، آرمينيا ۽ دنيا جو کاري ۾ کارو سمنڊ ڪئسپين سمنڊ آهي ۽ هيٺ ڏکڻ ۾ ايراني نار (Gulf) ۽ اوماني نار آهي. اسان جا جهاز عمان، دبئي، قطر، بحرين، دمام (سعودي عرب) يا ڪويت اچڻ لاءِ عربي سمنڊ لتاڙي اوماني ۽ ايراني نارن ۾ اچن ٿا.
 
ايران جو انتظامي نظام هلائڻ لاءِ ايران کي ٽيهن صوبن ۾ ورهايو ويو آهي، صوبي کي فارسي ۾ اوستان سڏين ٿا. هر صوبي جو انتظام هلائڻ لاءِ ان مٿان گورنر مقرر ٿيل آهي، جيئن اسان وٽ هر صوبي لاءِ گورنر آهي. فارسي ۾ گورنر جي عهدي کي استاندار سڏين ٿا. دار جي لفظي معنيٰ ”وارو“ آهي يعني استان وارو، جيئن ان قسم جا فارسي لفظ پاڻ وٽ به استعمال ٿين ٿا، مالدار (مال وارو) خاردار (ڪنڊن وارو) دلدار (دل وارو) وغيره.
جيئن اسان وٽ هر صوبو ڊويزن، ضلعن، تعلق، تپن ۽ ديهن ۾ ورهايل آهي، تئين هتي جو هر صوبو ڪائونٽين ۾ ورهايل آهي، جيڪي شهرستان ٿا سڏجن ۽ هر شهرستان بخشن (ضلعن) ۾ ۽ ضلعا ديهستانن ۾ ورهايل آهن. ۱۹۵۰ع تائين ايران ۾ فقط ٻارهن صوبا (اوستان) هئا پر هاڻ سڄي ايران کي ٽيهن صوبن ۾ ورهايو ويو آهي. هونءَ ته ايران جو سڀ ۾ وڏو صوبو خراسان هو، جيڪو سمجهو ته اسان جي سنڌ ۽ پنجاب صوبن جيڏو ٿيو ٿي. سنڌ ۽ پنجاب جي جملي پکيڙ ٽي لک کن چورس ڪلو ميٽر آهي ۽ خراسان جي اڍائي لک هئي، پر هاڻ خراسان مان ٽي صوبا ڪيا ويا آهن: اتر خراسان، ڏکڻ خراسان ۽ انهن جي وچ ۾ رضوي خراسان آهي. رضوي خراسان ۾ مشهد ۽ نيشاپور جهڙا تاريخي شهر هجڻ ڪري تمام گهڻا مڪاني توڙي ڌاريان، شيعن جي اٺين امام علي رضا جي روضي جي زيارت تي اچن ٿا.
اڄ ڪلهه جي حساب سان ايران جو صوبو بلوچستان ۽ ڪرمان سڀ ۾ وڏا آهن. ايران جو هي صوبو بلوچستان اسان جي بلوچستان ۽ افغانستان جي بارڊر سان مليل آهي. جاگرافي حالت اهائي اسان جي بلوچستان جهڙي اٿس، يعني جبل ۽ گهٽ آدمشماري. مينهن به تمام گهٽ ٿو وسي، ان ڪري گهڻي ڀاڱي سوڪڙ آهي. هونءَ ته ايران جو سرڪاري مذهب شيعا اسلام آهي ۽ ملڪ جي ميجارٽي شيعا آهي پر بلوچستان جا ايراني سني مسلمان آهن. بلوچستان جو اتر وارو حصو سيستان سڏجي ٿو. هتي رهندڙ قومون بلوچ ۽ بروهي آهن. ايران جو بندرگاهه ڇا بهار جتي ايران جي مرچنٽ نيوي جي اڪيڊمي آهي، هن ئي صوبي ۾ آهي. ڇابهار کان علاوه زاهدان، زبول، سراوان، خاش ۽ ايران شهر هن صوبي جا شهر آهن. ايران جو مشهور مذهبي ليڊر سيدعلي حسيني سيستاني به هن صوبي جو آهي، جيتوڻيڪ اڄ ڪلهه هو عراق جي شهر نجف ۾ رهي ٿو. ايران جو ديو مالا ئي هيرو رستم جنهن کي طوس جي شاعر فردوسيءَ پنهنجي شاهنامي ۾ امر بنائي ڇڏيو آهي، پڻ هتي جو آهي. اسان جي ملڪ جا ڪيترائي شاگرد هن صوبي جي زبول يونيورسٽي ۽ زاهدان ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ پڙهن ٿا. ايران جي مشهور مير داد شاهه جو تعلق پڻ بلوچستان سان آهي. مير داد شآهه هڪ بلوچ هاري هو، جيڪو پنجاهه واري ڏهائي ۾ ايران جي صوبي بلوچستان جي هڪ ڳوٺ نيلاگ ۾ رهيو ٿي. هن ايران جي شهنشاهه محمد رضا پهلوي جي حڪومت خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو. سندس زال بيبي هاتون پڻ هن سان گڏ ويڙهه ڪئي. کين عراق جي به مدد شامل هئي، پر اڳتي هلي مير داد شاهه جي پنهنجي ئي قبيلن جي سردارن هن جو ساٿ ڇڏي ڏنو ۽ ۱۹۵۷ع ۾ بندوقي جنگ ۾ مارجي ويو.
مير داد شاهه جي زندگي تي ايران ۾ خميني جي انقلاب بعد ۱۹۸۳ع ۾ ”داد شاهه“ نالي فلم پڻ ٺاهي وئي، جنهن ۾ داد شاهه کي هيرو ڪري ڏيکاريو ويو آهي ته هو ڪيئن جبلن ۾ رهائش اختيار ڪري شاهه جي حڪومتي فوجين سان مقابلو ڪندو رهيو ۽ پنهنجي زال ۽ دوستن کي سندن چنبي مان آزاد ڪيو ۽ زاهدان جي قبائلي سردار محمد دراني کي شڪست ڏني.
ايران جو ڪرمان صوبو جيڪو بلوچستان جي بلڪل ڀر ۾ آهي، تقريبن بلوچستان جيڏو ئي آهي. هوائي جهاز رستي تهران اچڻ مهل توڙي ڪوئيٽا کان ريل رستي ايندي وقت ايران جي هنن ٻنهي صوبن مان لنگهڻو پوي ٿو ۽ پوءِ اڳتي يزد، اصفهان ۽ قم صوبن مان ٽپي تهران پهچجي ٿو. ڪرمان پراڻن ٻارهن صوبن مان هڪ آهي، جيڪو اصلوڪي صورت ۾ آهي. صوبي جو وڏو شهر ۽ گادي جي شهر جو نالو پڻ ڪرمان آهي، جيئن خيرپور يا بهاولپور رياستن جا نالا آهن ته انهن جي وڏن شهرن جا به ساڳيا نالا آهن. ايران جا به ڪجهه صوبا اهڙا آهن جن جا وڏا شهر يا گادي جا شهر ساڳي نالي سان آهن، جيئن ته يزد، اصفهان، قم، تهران، حمدان، بشير وغيره. هونءَ ڪرمان نالي ايران ۾ هڪ ٻيو به صوبو آهي، جيڪو ڪرمان شاهه سڏجي ٿو. هي هڪ تمام ننڍڙو صوبو اٽڪل ۲۵۰۰۰ چورس ڪلو ميٽر جو ايران جي بلڪل اولهه ۾ عراق جي بارڊر وٽ بغداد جي ويجهو آهي. سندس وڏي شهر جو نالو پڻ ڪرمان شاهه آهي.
اسان جي ملڪ جا ڪيترائي ڳوٺاڻا زائرين عراق کان ايران موٽڻ وقت ڪرمان بدران ڪرمان شآهه ۾ ئي لهي پوندا آهن. جيتوڻيڪ ڪرمان ٻئي ڇيڙي تي ٿيو، جيئن آمريڪا ۾ واشنگٽن شهر جيڪو ڊي سي سڏجي ٿو، بلڪل اوڀر ۾ آهي ۽ ساڳي نالي واري رياست (واشنگٽن) USA جي بلڪل ٻئي پوڇڙ تي اولهه ۾ آهي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ ايترو فاصلو آهي جيترو ڪراچي کان ڪوالالپور.
ڪجهه عرصي لاءِ ڪرمان شآهه صوبي کي بختاران پڻ سڏيو ويو ٿي پر ۱۹۹۰ع کان وري ساڳي نالي سان سڏجڻ لڳو آهي. ڪرمان شاهه شهر کان تهران ۵۳۰ ڪلو ميٽر آهي ۽ ڪرمان شهر ته اڃا به پري ٿيو. ڪرمان صوبي جي شهر ڪرمان کان علاوه بام پڻ مشهور شهر آهي، جنهن ۾ ۲۶ ڊسمبر ۲۰۰۳ع تي وڏو زلزلو آيو هو، جنهن ۾ ۸۰ هزار ماڻهو مري ويا ۽ لکين بي گهر ٿي ويا هئا. دٻيل ماڻهن ۾ هڪ ۹۷ سالن جي پوڙهي عورت شهر بانو مازندراس به هئي، جيڪا اٺن ڏينهن بعد جڏهن ٻاهر ڪڍي وئي ته دنيا کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته اها جيئري هئي. زلزلي بعد شهزادو چارلس پڻ هتي آيو هو، پاڪستان کان به ايڌي ۽ ٻيا ڪيترا زلزلي ۾ ڦاٿل ماڻهن جي مدد لاءِ آيا هئا. ڊان اخبار جي فوٽو گرافر خدابخش ابڙي جي ڪڍيل تصويرن کي انعام يافته قرار ڏنو ويو هو. ڪرمان ۽ بام کان علاوه رفسنجان، ماهان، ڪاهه نوج، سرجان پڻ هن صوبي جا مشهور شهر آهن. هن صوبي ۾ به ڊزن کن يونيورسٽيون آهن.
ايران جو صوبو لورستان جنهن جو احوال گذريل مضمون ۾ ٿي چڪو آهي، اهو ڪرمان شآهه صوبي جي ڀر ۾ هتي جي مشهور جبلن جي قطار زئگرو جي وچ ۾ آهي. لورستان به ڪو وڏو صوبو ناهي، بس ڪرمان شاهه ۽ ڀروارن صوبن ڪردستان ايلام، زنجان ۽ بشير جيڏو ٿيندو. لورستان جا وڏا شهر آهن: خرم آباد، بور جرڊ، ڪوه دشت، علي گدارز، پل دفتر وغيره. بورجرد ۾ امام زادي جعفر جي مقبري کان علاوه ڪيترائي ماڻهو هتي جي جامع مسجد ۽ سلطاني مسجد ڏسڻ لاءِ اچن ٿا.
امامزاده جعفر شيعن جي چوٿين امام علي ابن حسين (علي زين العابدين) ۷۱۳-۶۵۸ جو پوٽو هو. سندن پورو نالو ابوالقاسم جعفر ابن الحسين هو، هي مقبرو يارهين عيسوي صدي ۾ سلجوق حاڪمن ٺهرايو هن مقبري جي عمارت اٺاس (اٺ ڪنڊي) جي شڪل ۾ آهي ۽ سندس مٿان ٺهيل گنبذ گول هجڻ دبران آئيس ڪريم ڪون وانگر ڊگهو (۲۵ ميٽر کن) آهي. اندر گهڙڻ سان جيڪي ٻه وڏا هال آهن انهن ۾ ڪاشيءَ جو خوبصورت ڪم ٿيل آهي جيڪو صفوي (۱۶ صدي) ۽ ڪاچاري (۱۹ صدي) جي حاڪمن جي دور جو آهي.
ايران جي صوبي لورستان جي شهر برو جرد (Broujerd) جي جامع مسجد، زگروس جي جابلو علائقن جي سڀ ۾ پراڻي مسجد آهي، جيڪا ۳ هجري صدي (۹ عيسوي صدي) جي ٺهيل آهي. بروجرد شهر جي وچ ۾ هڪ ٻي وڏي مسجد سلطاني مسجد سڏجي ٿي، جيڪا مسجد فتح علي شاهه ڪاچاري حاڪم اڄ واري صورت ۾ آندي. ڪاچاري سلطنت بعد جڏهن ايران تي پهلوي حاڪم ٿيا ته هن مسجد جو نالو ”شاهه مسجد“ رکيو ويو. اڄ ڪلهه هيءَ مسجد امام خميني مسجد سڏجي ٿي. ۲۰۰۶ع ۾ جيڪو بروجرد ۾ زلزلو آيو، ان ۾ هيءَ مسجد ڪافي شهيد ٿي وئي. فلمن جي شوقينن لاءِ هتي اهو لکندو هلان ته ايران جو مشهور فلمساز پروز شهبازي جو تعلق هن صوبي لورستان سان آهي. پاڻ ۱۹۶۲ع ۾ هن صوبي جي وڏي شهر خرم آباد ۾ ڄائو. اسان جي ايراني دوست ڪئپٽن سيف علي جي ڊاڪٽر پٽ ٻڌايو ته شهبازي تهران جي ”ڪاليج آف ريڊيو اينڊ ٽيليوزن ‎“ مان بنيادي تعليم حاصل ڪئي ۽ پهرين هن فلمن لاءِ ڪهاڻيون لکيون. سندس پهرين فيچر فلم ”Traveler from the South“ آهي، جيڪا ۱۹۹۶ع ۾ ٺهي ۽ ٻي فلم جيڪا تمام گهڻي مشهور ٿي ۽ دنيا جي ڪيترن ئي Festivals ۾ ڏيکاري وئي ۽ کيس بين الاقوامي شهرت حاصل ٿي اها سال ۲۰۰۰ Whispers هئي، ان بعد ۲۰۰۲ع جي فلم Deep Breath آهي، جنهن کي فرانس جي ڪئنيز فلم فيسٽِول ۾ تمام گهڻي ڪاميابي حاصل ٿي. منهنجي هن ايراني دوست جي ٻارن ٻڌايو ته؛ اهي فلمون دراصل پهرين فارسيءَ ۾ ٺاهي پوءِ انگريزي ۾ ڊب ڪيون ويون، يا انهن مٿان ٻين زبانن جا سب ٽائيٽل ڏنا ويا. انهن فلمن جا فارسي نالا هن ريت آهن، مسافر جنوب، نجوا، نفس عميق. هنن ٻڌايو ته شهبازي جي هڪ تازي فلم جيڪا ٻه سال کن اڳ ٺهي آهي”بي آهستگي“ آهي، جنهن جو انگريزي نالوGradually رکيو ويو آهي. پاڪستان موٽڻ وقت هنن مون کي شهبازي جي هڪ پراڻي ۱۹۹۹ع جي فلم One More Day جي سي ڊي ڏني جيڪا اصل فارسي فلم ”يڪ روز بيشتر“ جو ترجمو آهي.
پنهنجي ايراني مولوي ٽائيپ دوست جي نوجوان ٻارن کي فلمن بابت ايترو ڳالهائيندو ٻڌي حيرت ٿيم. ”ڇو ڀلا خميني طرفان توهان کي فلمون ٺاهڻ ۽ ڏسڻ تي جهل پل ناهي ڇا ؟“ کلندي پڇيومان. دوست جي ڌيءَ جنهن جو نالو دلڪش آهي، ۽BSc ڪمپيوٽر جي شاگردياڻي آهي، تنهن چيو ته ”انڪل! ڪو ڪتاب پڙهڻ يا فلم ڏسڻ خراب ڪم ناهي. خراب ڳالهه تڏهن آهي جڏهن توهان ڪو خراب ڪتاب پڙهو يا فحش فلم ڏسو جنهن سان توهان جي اخلاق تي اثر پوي!“
هنن ٻڌايو ته؛ خمينيءَ کان جڏهن سئنيمائون بند ڪرڻ جو پڇيو ويو ته هن چيو: ”من مخالف سئنيما نيستم، من مخالف فحاشي استم!“
يعني آئون سئنيمائن جي خلاف نه آهيان پر آئون فحاشيءَ جي خلاف آهيان.
مون سان گڏ سفر ڪندڙ ڪراچيءَ جي سخي مرد سجاد مکي ۽ ان جي ڀيڻ خيرالنساءِ ٻڌايو ته ايران جون ڪجهه فلمون پاڪستان ۾ به ايترو ته مشهور ٿيون آهن جو انهن جون سي ڊيون جتي ڪٿي ملن ٿيون ۽ ڪراچي جي ڪجهه سئنيما هالن ۾ ڏيکاريون پڻ وڃن ٿيون. انهن مان ڪجهه فلمون هن ريت آهن:
غريب طوس، جيڪا شيعن جي اٺين امام علي رضا تي ٺهيل آهي.
شهيد ڪوفا (امام علي تي ٺهيل فلم)، مريم مقدس، سفر عشق، ابراهيم خليل الله، عيسيٰ ابن مريم، اصحاب ڪهف، تنها ترين سردار (حضرت امام حسين تي ٺهيل فلم )، وغيره.

No comments:

Post a Comment