وز جدا ئيها شڪايت مي ڪند
الطاف
شيخ
ايران اسان جو هڪ پاڙيسري، خوبصورت ۽ تاريخي ملڪ آهي، جنهن جا ماڻهو پڙهيل ڳڙهيل، اخلاق ۽ غيرت وارا ۽ بيحد محنتي آهن. قدرت طرفان هنن کي سٺي موسم، ڌاتن، پيٽرول ۽ گئس سان مالا مال جبل ۽ ڌرتي نصيب ٿيل آهي، جنهن تي هر قسم جي پوک ٿئي ٿي. شروع ۾ به لکي چڪو آهيان ته تاريخ جي حوالي سان ايران جو نه فقط هڪ هڪ صوبو پر هڪ هڪ شهر وڏي اهميت رکي ٿو. منهنجي ايران اچڻ جي پروگرام جو ٻڌي مالمو (سئيڊن) ۾ رهندڙ منهنجي هڪ واقفڪار ايراني فيملي طرفان مون کي هر وقت اها راءِ ڏني وئي ٿي ته آئون شيراز، تبريز ۽ اصفهان ضرور وڃان.
”ڇو ڀلا مشهد نه؟ مون هن پارسي فيملي کان پڇيو جيڪا گذريل ٽيهن سالن کان سئيڊن ۾ رهي ٿي جن جي اڪيلي ڌيءَ مئرينا جي شادي سئيڊن جي هڪ مڪاني باشندي سان ٿي هئي. سئيڊن جي جنهن يونيورسٽي مان اسان مئرين انجنيئرنگ ۾ پوسٽ گرئجوئيشن ڪئي، اتي جي ريڪٽر جي هوءَ سيڪريٽري آهي.
”مشهد لاءِ ان ڪري زور نٿي ڀريان، مئرينا منهنجي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته توهان مسلمان مشهد ۽ قم ته هر صورت ۾ ويندائو پر توهان ليکڪ جي حيثيت سان اسان جي ايران جا ٻيا شهر به ڏسجو“
هن جي ڳالهه بلڪل سچي آهي، جو اسان جي ملڪ جو ٽوئرسٽ، خاص ڪري زائرين، جيڪي ايران اچن ٿا، انهن لاءِ ايران معنيٰ فقط مشهد ۽ قم آهي. ان ڪري ٻيا شهر ڏسڻ لاءِ بعد ۾ مون کي پنهنجي قافلي کان الڳ ٿيڻو پيو ۽ اڄ پڙهندڙن کي اهو ئي Suggest ڪندس ته ايران ۾ هفتو ٻه وڌيڪ رهي ايران جا ٻيا شهر اصفهان، شيراز، تبريز، زاهدان، ڪرمان ۽ تهران وغيره به ضرور گهمن- خاص ڪري جي هنن کي تاريخ ۽ شعر و ادب سان دلچسپي آهي ته ايران ٽيهن صوبن جو هڪ گلدستو آهي، جنهن ۾ ڏکڻ اولهه ۾ ايراني نار سمنڊ جي ويجهو وارو صوبو فارس وڏي اهميت رکي ٿو، جيڪو ايران جي ماڻهن جي اصل رهائش هئي. جنهن صوبي جي زبان فارسي يا پارسي سڄي ايران جي قومي زبان ٿي. عربن جڏهن ايران تي حملو ڪيو ته هن صوبي فارس جي شهرن سڀ کان گهڻي مزاحمت ڪئي. فارس چڱو وڏو صوبو آهي، جنهن جي ايراضي سوا لک کن چورس ڪلو ميٽر ٿيندي- يعني سنڌ صوبي کان ٿورو ئي ننڍو ٿيندو، جنهن جي پکيڙ هڪ لک چاليهه هزار ڪلو ميٽر آهي. هن صوبي جو وڏو شهر شيراز آهي، جيڪو دنيا جو هڪ خوبصورت ۽ تاريخي شهر مڃيو وڃي ٿو. شيراز شاعرن، شراب ۽ گلن جو ديس سڏيو وڃي ٿو. ياد رهي ته ايران جي ٻن عظيم شاعرن حافظ ۽ سعدي جو شيراز، ڄم جي جاءِ ۽ آخري آرام گاهه آهي.
شيراز شهر جي سونهن ۽ مشهوري عربن جي ايران فتح ڪرڻ کان پوءِ شروع ٿي ۽ شيراز فارس جي گادي جو شهر مقرر ٿيو. فارس جو پهريون گادي جو شهر، ۲۵۰۰ سال اڳ، پاسر گاد هو، جيڪو پوءِ هخامنشيان (Achaemenid) بادشاهه ”سائرس دي گريٽ“ جي ڏينهن ۾ به گادي جو شهر رهيو. ان بعد دائروس (Darius the Great) ۽ هن جي پٽ زرڪس (Xerxes) جي ڏينهن ۾ پرسيپولس ٿيو. اڄ انهن ٻنهي شهرن جا کنڊهر موجود آهن جن کي ڏسڻ لاءِ دنيا جا ماڻهو ايران اچن ٿا. پرسيپولس (Persepolis) شيراز کان ۵۰ ڪلو ميٽر پري اتر اولهه ۾ جبل رحمت جي قدمن ۾ آهي. سڪندر اعظم جڏهن سن ۳۳۰ قبل مسيح، ايران تي حملو ڪيو هو ته ان ۾ هي شهر پرسيپولس تباهه ڪري ڇڏيو هو. ان کان اڳ وارو گادي جو شهر پاسرگاد به اتي ئي پرسيپولس کان ۷۷ ڪلو ميٽر پري آهي. هن قديمي شهر پاسر گاد ۾ جيڪو اهم مقبرو آهي، اهو بلاشڪ سائرس دي گريٽ بادشاهه جو آهي، جيڪو ستن ڏاڪڻين چڙهڻ بعد ڪنڊائتي ڇت واري ڪمري ۾ آهي. چون ٿا ته سڪندراعظم جڏهن پرسيپولس شهر جي ڦرلٽ ڪرڻ بعد سائرس جي مقبري تي حاضري ڀري، ته هن پنهنجي هڪ فوجي ارسٽو بولس کي سائرس جي مقبري اندر وڃڻ جو حڪم ڏنو. مقبري اندر هن کي هڪ سونو بسترو، شراب پيئڻ جي گلاسن سميت ٽيبل، سوني ڪفن جي پيتي ۽ ڪجهه ڳهه نظر آيا ۽ قبر جي ٻاهران ڪتبي تي لکيل هو ته :
”اي واٽهڙو! آئون اهوئي عظيم شهنشاهه سائرس آهيان جنهن ايراني (پرشن) سلطنت کي جنم ڏنو ۽ ايشيا مٿان حڪومت ڪئي. سو منهنجي هن خوبصورت مقبري تي حسد نه ڪر“
شيراز هونءَ ته باغن جو شهر سڏيو ويو ٿي پر انهن باغن مان ڪيترائي سڪي ويا آهن. تنهن هوندي به شهر ۾ چڱا پارڪ ۽ باغيچا نظر اچن ٿا، جن مان سڀ کان گهڻو مشهور باغ ارم آهي. ۱۹ صدي جي قاچاري بادشاهن جو محل هن باغ جي وچ ۾ آهي.
شيراز ۾ مسجد وڪيل به ڏسڻ وٽان آهي، جنهن جي ڀرسان هتي جي مشهور وڪيل بازار آهي. فارسي جي مشهور شاعر حافظ جو مقبرو جيڪو ۱۹۵۳ع ۾ سهڻو ڪري ٺهرايو ويو، شهر جي وچ ۾ آهي. حافظ شيرازي (سڄو نالو خواجه شمس الدين محمد حافظ شيرازي) ۱۳۲۰ ڌاري شيراز ۾ ڄائو ۽ ۶۹ ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. سندس مقبرو جنهن باغ ۾ آهي، اهو مصلا باغ سڏجي ٿو. حافظ شيرازي دنيا جو اهو شاعر آهي، جنهن جي مشهوري سندس جيئري ئي ٿي وئي تڏهن ته هن ان ڳالهه جي اقرار ۾ شعر چيو ته:
نديدم خوشتر از شعر تو حافظ
بهه قرآني ڪه اندر سينه داري
حافظ پاڻ کي ئي مخاطب ٿي ٿو چوي ته اي حافظ تنهنجي شاعري کان وڌيڪ ڪابه بهتر شاعري نظر نه آئي اٿم، آئون ان قرآن جو قسم کڻي ٿو چوان جيڪو تون سيني سان لڳائي ٿو هلين.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته حافظ شيرازي ان دور جو توڙي اڄ جو دنيا جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي، پر هڪ ڳالهه ايران جي ڪيترن شاعرن جي توڙي انهن مان متاثر ٿيندڙ اسان جي هند سنڌ جي شآعرن جي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته هو الله لوڪ به هئا، حافظ وانگر قرآن به سيني سان لڳائي هليا ٿي، پر شراب واپرائڻ ۾ به فخر ٿي سمجهيائون. ۱۳۵۳ ۾ مظفري گهراڻي جي حاڪم جمال الدين شاهه شجاع جڏهن شيراز تي حملو ڪري ان کي پنهنجي قبضي ۾ آندو ته هن پهريون ڪم شراب تي پابندي هنئي. ان خراب خبر تي حافظ هڪ غمگين شعر لکيو چي:
اگرچه باده فرح بخش وباد گل بيزست
به بانگ چنگ مخورمي، ڪه محتسب تيزاست
هن شعر جو خوبصورت انگريزي ترجمو جيڪو مون پڙهيو آهي اهو ايڊورڊ ڊرائون ڪيو آهي:
Though wine gives delight & the wind distills the perfume of the rose,
Drink not the wine to the strains of the harp, for the constable is alert.
حافظ اڳتي لکي ٿو:
در آستين مرقع پياله پنهان ڪن
ڪه همچو چشم صراحي، زمانه خونريز است
بھ آب ديده بشوييم خرقه ها ازمي
ڪه موسم ورع و روزگار پرهيز است
Hide the goblet in the sleeve of the patchwork cloak,
For the time, like the eye of the decanter, pours forth blood.
Wash the wine stain from your dervish cloak with tears,
For it is the season of piety and the time for abstinence.
هتي اهو به لکندو هلان ته حافظ شيرازي قرآن جو ياد حافظ به هو ۽ چوڏهن مختلف طريقن سان قرات ڪري سگهيو ٿي. مٿين شراب واري ڳالهه جڏهن مون هڪ ايرانيءَ سان ڪئي ته هن کلندي چيو ته ”اهو اسان جي ايشيائي شاعرن جو فئشن هو ته Alcohalic رهجي ۽ هر وقت غمگين موڊ ۾ رهجي ۽ پوءِ مرڪندي آهستي چيو ته ”هنن لاءِ هڪ شراب ۽ ٻيو عشق ڪرڻ ضروري سمجهيو ويو ٿي سو به ڇوڪرن سان! ٻيو ته ٺهيو پر محمود غزنوي جهڙو بادشاه به زال بدران اياز کي وٺي هلندو هو“
بهرحال حافظ شيرازي جيڪو بهاءُ الدين نالي شيراز جي هڪ ڪوئلي جي واپاري جو پٽ هو تنهن ”شاخِ نبات“ (ڪمند جي شاخ) نالي هڪ امير ڇوڪريءَ سان عشق ڪيو. حافظ شيرازي ننڍو هو ته سندس والد ڊگهو عرصو بيمار رهڻ بعد وفات ڪري ويو ۽ سندس ماءُ بچيل ڌنڌي کي وڪڻي قرض لاٿا. حافظ جي پڙهائي لاءِ حافظ جي ماءُ ۽ پاڻ ڏينهن جو پورهيو ۽ نوڪري ڪندا هئا ۽ رات جو هو اسڪول ويندو هو. جنهن بيڪري تي حافظ نوڪر هو ان طرفان هو گهرن ۾ نان ڏيڻ ويو ته هڪ ڏينهن شاخ نبات سان اک ملي ويس ۽ دل ڏيئي ويٺو، هن عشق جو حافظ تي ايڏو اثر ٿيو جو هن کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو. هو غزلن ذريعي شاخ نبات جي حسن جي تعريف ڪندو رهيو. شاخ نبات کي به ان جي خبر پوندي رهي ۽ هوءَ به حافظ کي دل ڏيئي ويٺي پر ٻنهي جو سماجي درجو مختلف هو. حافظ هڪ غريب پورهيت هو ۽ هوءَ هڪ امير گهر جي لاڏلي هئي جنهن ڪري هن رشتي مڪمل ٿيڻ ۾ رنڊڪون پئجي ويون. جيئن جيئن عشق جو نشو حافظ جي دل ۽ دماغ تي سوار ٿيندو ويو تئين تئين هن کي پنهنجي محبوبا شاخ نبات جي سونهن ان خلقڻهار جي سونهن جو عڪس محسوس ٿيڻ لڳي، جنهن شاخ نبات جهڙي سهڻي ڇوڪريءَ کي خلقيو آهي ۽ هن جو پيار ۽ چاهت هاڻ پنهنجي رب لاءِ وڌڻ لڳو. يعني هن جي دل ۾ مجازي عشق بدران حقيقي عشق پيدا ٿي پيو، جنهن هن کي هر وقت غزل لکڻ لاءِ مجبور ٿي ڪيو.
حافظ جي شآعري جو اثر اسان جي ننڍي کنڊ جي ڪيترن ئي شاعرن تي آهي، جن مان شاهه عنايت جو شاگرد بلهي شآهه (۱۷۵۲-۱۶۸۰) ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي (۱۷۵۲-۱۶۸۹) پڻ هئا. اڙدو غزل ۾ به حافظ جي سوچ ۽ خيال نظر اچي ٿو. مير تقي مير، جيڪو ۱۷۲۳ ۾ آگري ۾ ڄائو ان جي شاعري ٿي ڏسجي ته ان ۾ به حافظ واري سچ لاءِ پيار جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ دل جو درد محسوس ٿئي ٿو. مير کان پوءِ اردو جو شاعر نذير آهي. هو ۱۷۳۵ع ۾ دهلي ۾ ڄائو ۽ ۱۸۴۶ع ۾ وفات ڪيائين. هن کي انڊيا جو چاسر ۽ شيڪسپيئر سڏيو وڃي ٿو. هن جي به گهڻي ڀاڱي شاعري تي شيراز جي هن شاعر حافظ جي شاعري جو اثر نمايان نظر اچي ٿو. ان بعد اڙدو جو ٻيو وڏو شاعر مرزا غالب آهي. غالب ۱۷۹۷ع ۾ آگري ۾ ڄائو هو. هو ڏهن سالن جو هو ته اڙدو ۾ شعر لکڻ شروع ڪيا. هن جون ڪيتريون ئي لکڻيون فارسي ۾ آهن. غالب جي وڏي ڀاڱي شاعري تي توهان کي حافظ شيرازي جي شاعري جو اثر صاف نظر ايندو. ڪولمبيا يونيورسٽي طرفان ۱۹۷۱ع ۾ جيڪو انگريزي ۾ ڪتاب Ghazals of Ghalib ڇپيو ان جي مهاڳ ۾ اعجاز احمد لکي ٿو.
“…… the tradition of poetry that reaches its first greatness with Hafiz and Rumi in Persia ends its classical phase with Ghalib in Delhi”
قم شهر ۾ خيابان ارم(روڊ) تي شبستان حرم جي بلڪل سامهون هڪ ايران جي رهاڪو پاڪستاني جو ڪتابن جو دڪان آهي. هن جي دڪان اڳيان لنگهندي سامهون رکيل ڊاڪٽر محمد اقبال جي فارسي ڪتابن کان علاوه اڙدو جو بانگ دارا ۽ ضرب ڪليم نظر اچن ٿا. هن سان جڏهن مٿين عنوان تي ڳالهه ٻولهه ٿي ته هن چيو ته اسان جي ملڪ جو ڊاڪٽر محمد اقبال (۱۹۳۸-۱۸۷۷) آّخري وڏو شاعر هو، جنهن اڙدو ۽ فارسي ۾ لکيو. هن شاعر جو جڏهن اسرار خودي (خودي جا راز) فارسي ڪلام ۱۹۱۵ع ۾ ڇپيو ته ڪيترن ماڻهن اعتراض ڪيو جو هنن کي لڳو ته ڊاڪٽر اقبال ان شعر ۾ حافظ شيرازي تي تنقيد ڪئي آهي پر پوءِ اقبال اهي سٽون پنهنجي شعر مان خارج ڪري ڇڏيون ۽ هن حافظ لاءِ واکاڻ ڪندي چيو ته حافظ دنيا جي وڏن شاعرن مان هڪ آهي. ڊاڪٽر اقبال جا ڪيترائي شعر حافظ ۽ شيلي جي خيالن ۽ سوچن سان ملن ٿا.“
شاهه لطيف جي به ڪيترن شعرن تي حافظ شيرازي جي شعرن جو اثر آهي، شاهه لطيف لاءِ ته اهو چيو وڃي ٿو ته هو هميشه پاڻ سان ديوان حافظ شيرازي ۽ مثنوي مولانا روم رکندو هو. حافظ شيرازي جو هڪ شعر آهي ته:
درميان قصر دريا تخته بندم ڪردئي
بازمي گوئي ڪه دامن تر م ڪن هوشيار باش
(يعني درياهه جي وچ ۾ هٿ پير ٻڌي کڻي اڇليو اٿئي مٿان وري چوين پيو ته خبردار متان ڪپڙا آلا ڪيا اٿئي)
مٿيون شعر ايران جي شاعر حافظ جو آهي، جيڪو هن ۱۳۵۰ ڌاري لکيو، اٽڪل پوڻا چار سئو کن سال پوءِ ۱۷۳۰ ڌاري شاهه لطيف چيو:
مون کي مون پرين ٻڌي وڌو ٻار ۾
اڀا ائين چون متان پانڌ پسائين
حافظ جو هڪ شعر آهي:
ڪسي ڪه ڪشته نه باشد
از قبيله ما نيست
۽ شاهه چيو:
وڍيو هئين ته ويهه نه ته وٺيو واٽ ونء هليو
هي تنين جو ڏيهه اندر جنين اڌ ٿيو
۽ حافظ جو هڪ ٻيو شعر آهي ته :
بشنو از ني چون حڪايت مي ڪند
وز جدا ئيها شڪايت مي ڪند
(حافظ ٿو چوي ته نڙ کان ٻڌ ته ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪري، پنهنجي جدائي جون ڪهڙيون شڪايتون ٿو ڪري)
۽ شاهه لطيف چيو ته:
وڍيل ٿي وايون ڪري ڪٺل ڪوڪاري
هيءَ پڻ هنجون هاري ان پڻ پنهنجا ساريا
حافظ جي شاعري مان نه فقط ننڍي کنڊ جا مسلمان شاعر متاثر ٿيا پر هندو ۽ سک پڻ. اوڻهين صدي جي هندو فلاسفر ۽ سماج سڌارڪ ديبندر ناٿ ٽئگور کي ”حافظ جو حافظ“ سڏيندا هئا جو هن کي حافظ جو سڄو ديوان ياد هو. سندس پٽ رابندرناٿ، ۲۰ صدي جو مشهور شاعر پڻ حافظ شيرازي ۽ ٻين فارسي شآعرن مان متاثر هو.
No comments:
Post a Comment