گڏهه جو پڇ ڪيترو صحيح آهي؟
الطاف
شيخ
ايران جو فارس صوبو ڏٺو وڃي ته ايران جو مرڪز آهي جتان جي زبان (فارسي) سڄي ايران (پرشيا) جي قومي زبان ٿي. فارس ۾ اڄ کان ۲۵۰۰ سال پراڻا گادي وارا شهر پاسر گاد ۽ پرسيپولس آهن جيڪي هاڻ آثار قديمه جي حيثيت سان دنيا جا ماڻهو ڏسڻ اچن ٿا. شيراز کان علاوه فارس صوبي جا مشهور شهر آهن، هن ريت آهن: آباديه، استهبان، اقلد، فاسا، سيپڊان، فيروزآباد، ڪازرون، لار، مرودشت وغيره. فارس صوبي ۾ ڪيترائي ڪاليج ۽ يونيورسٽيون آهن. رڳو شيراز شهر ۾ ئي پنج وڏيون يونيورسٽيون آهن:
1- شيراز يونيورسٽي.
2- شيراز يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز
3- شيراز يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي.
4- شيراز يونيورسٽي آف اپلائيڊسائنسز.
5- اسلامڪ آزاد يونيورسٽي آف شيراز
ان کان علاوه هڪ ميڊيڪل سائنسز جي سوسائٽي فاسا ۽ هڪ جاهروم ۾ آهي. ان کان علاوه ڏهه کن اسلامڪ آزاد يونيورسٽيون هن صوبي فارس جي ٻين مختلف شهرن ۾ آهن.تعليم ۽ تاريخي جاين ۾ باغ بستان ۽ عمارتن ۾ فارس نه فقط اڄ پر اڳ به بلي بلي هو. شايد ان ڪري حافظ به فارس کي بصري ۽ بغداد کان وڌيڪ مان ڏنو آهي چي:
روي گفتم ڪه درجهان بنهم
گردم از قيد بندگي آزاد
ڪه نهه بيرون پارس منزل هست
شام و روم وبصره وبغداد
(I said, turn your path to the greater world,
So I should be free of the chains of slovery.
But I found no place for me outside Fars,
Not levant, not Antolia, Not Basra, not Baghdad)
شيراز شهر کي حافظ جي مقبري کان علاوه اهو به شرف حاصل آهي ته هتي ايران جو ٻيو به هڪ اعليٰ شاعر شيخ سعدي جو به مقبرو آهي. ننڍي کنڊ، وچ ايشيا ۽ مڊل ايسٽ جو ڪهڙو ماڻهو هوندو جيڪو شيخ سعدي جي لکيل ڪتابن بوستان ۽ گلستان کان واقف نه هجي. بلڪه هاڻ ته انهن ڪتابن جا انگريزي، فرينچ، جرمن ۽ ملئي ترجما آمريڪا، يورپ ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ نظر اچن ٿا.
شيخ سعدي شيراز شهر جي اتر اوڀر ۾ دفن ٿيل آهي. سندس اڄ جو خوبصورت مقبرو پهلوي شهنشاهه ۱۹۵۲ع ۾ ٺهرايو. شيخ سعدي جو اصل نالو مصلح الدين مشرف ابن عبدالله هو، پاڻ ۱۱۸۴ ۾ (يعني حافظ شيرازي جي ڄمڻ کان ۱۳۵ سال کن اڳ) ڄائو. پاڻ سئو سالن کان وڏي ڄمار ماڻيائين ۽ ۱۲۹۰ ڌاري شيراز ۾ ئي وفات ڪيائين. حافظ سڄي عمر شيراز ۾ ئي گذاريو پر سعدي عراق ۽ شام جو چپو چپو گهمندو رهيو، جتي صليبي جنگيون ڪرڻ وارن (Crusaders) وٽ قيد به ڪاٽيو. بهرحال زندگي جا اٽڪل ٽيهه سال ٻاهر گذارڻ بعد جڏهن پنهنجي ڳوٺ شيراز پهتو ته هو ڪافي پوڙهو ٿي چڪو هو. هو پنهنجي ئي ڪتاب بوستان ۾ پاڻ کي خطاب ڪندي چوي ٿو ته:
بيا اي ڪه عمرت بهفتا درفت
مگر خفته بودي ڪه برباد رفت
(اي سعدي! هاڻ ته موٽ ڪر، تنهنجي عمر ستر کان ٽپي وئي. شايد تون ننڊ پيو هئين جو ڄمار ائين گذري وئي) شيخ سعدي جو عيسائين وٽ شام ۾ قيد ڪاٽڻ جو واقعو هن ريت ٿيو ته هڪ دفعي دمشق جي دوستن کان ڪاوڙجي جهنگ ڏانهن کڻي منهن ڪيائين ، جتي کيس عيسائين قيد ڪري، طرابلس (Tripoli) جي چوڌاري کوٽجندڙ کاهي(خندق) ۾ يهودين سان گڏ، مٽي ڍوئڻ جي ڪم تي هڻي ڇڏيو. حلب جو هڪ رئيس، جيڪو سعدي کي سڃاڻيندو هو، سو اتان اچي لانگهائو ٿيو. شيخ سعدي کي اهڙي حال ۾ ڏسي چوڻ لڳو، اي سعدي ! هي ڇا آهي ؟ جواب ڏنائين ته دوستن جي ڪچهرين کان ته گهڻو ئي ڀڳس پر تقدير کان ڪير ڀڄي ؟ بهرحال ان رئيس رحم کائي، ڏهه دينار عيسائين کي عيوضو ڏيئي، سعدي کي آزاد ڪرايو ۽ پاڻ سان گڏ حلب وٺي ويو، جتي سئو دينارن جي ڪابين تي پنهنجي ڌيءَ سان شادي ڪرايائنس ڪجهه وقت کان پوءِ مائي جو رينگٽ شروع ٿيو، جهيڙا ڪرڻ لڳي، طعنا هڻڻ شروع ڪيائين، چي تون اهوئي ته آهين جنهن کي منهنجي پيءُ ڏهن دينارن ۾ خريد ڪيو هو! شيخ سعدي به رکت ڪانه ڪئي، جواب ۾ چيائنس ته برابر ڏهه دينار ڏيئي عيسائين جي قيد مان ته ڇڏايائين پر سئو دينار وٺي تنهنجي قيد ۾ اڙائي ڇڏيائين.
شيخ سعدي جي اها مشهور ڳالهه ته هر هڪ ٻڌي هوندي جيڪا هن پنهنجي ڪتاب گلستان جي ٽي باب ۾ بيان ڪئي آهي ته :
.......... مون ڪڏهن به زماني جي سختي جي شڪايت نه ڪئي پر هڪ ڏينهن صبر جو دامن هٿ مان ڇڏائي ويو. منهنجي پيرن ۾ جتي ڪانه هئي گرمين جا ڏينهن هئا، جتي خريد ڪرڻ جيترا پئسا به ڪونه هئا. ڏاڍو ڏک ٿيو. وهم ولوڙيندو، سوچون سوچيندو ڪوفي جي جامع مسجد ۾ وڃي پهتس. اتي اوچتو هڪ اهڙي شخص تي نظر پئي، جنهن کي ٻئي پير ڪونه هئا. بروقت الله جو شڪر ادا ڪيم ته اي منهنجا رب ! جتي نه آهي ته ڇا ٿيو پير ته آهن.
شيخ سعيديءَ جتي گهڻو وقت عراق ۽ شام جو سير ڪرڻ ۾ گذاريو اتي هو ڪجهه عرصي لاءِ وچ ايشيا جي ملڪن ۽ هندستان ۾ به رهيو. پنهنجي ڪتاب بوستان ۾ هندستان جي سير بابت هڪ هنڌ لکي ٿو ته:
”جهونا ڳڙهه هندستان جي سومناٿ مندر ۾ هڪ بت ڏٺم، جيڪو هيرن ۽ جواهرن سان سينگاريل هو، مشرڪ ان جي آڏو مٿو ٽيڪي رهيا هئا ۽ روئي دعائون گهري رهيا هئا. هڪ پوڄاري کان پڇيم ته : هن بيجان پٿر آڏو ايتري آهه زاري ڇو ٿا ڪريو؟ جواب ته ڪونه ڏنائين رهندو مٽون کڻي ڦوڪيائين ۽ سڌو وڏي پنڊت کي وڃي ٻڌايائين. مون لاءِ ته مسئلو ٿي پيو. بهرحال جان ڇڏائڻ لاءِ اٽڪل سوچيم ۽ ان پنڊت کي چيم ته: سر! منهنجو اهو سوال اعتراض لاءِ نه پر حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ هو، جيئن حقيقت پڌري ٿيڻ کانپوءِ پوڄا ڪرڻ ۾ وڌيڪ لذت حاصل ٿئي. اتي ڪجهه اطمينان ٿيس ۽ چوڻ لڳو ته ادا! ٻين بتن لاءِ برابر اوهان چئي سگهو ٿا، پر هي ڪو عام بت نه آهي. هي بت سدائين صبح جو خدا جي آڏو هٿڙا کڻي دعا گهرندو آهي. صبح تائين انتظار ڪر! سڀ ڪجهه سمجهه ۾ اچي ويندئي.
مان به بتخاني ۾ اچي ڦاٿس. جيئن تئين ڪري اها رات گذارڻي هئي سيخ سعدي اڳتي فرمائي ٿو ته:
شبي همچو روزي قيامت دراز
مغان گردمن بي وضو در نماز....
(اها رات قيامت جيڏي ڊگهي نظر پئي آئي. پوڄاري بنا وضوءَ جي عبادت ۾ شروع هئا. شايد هنن ڪڏهن به پاڻي کي تڪليف ڪانه ڏني هئي. انهن جي بغلن مان بدبوءِ ائين پئي اٿي ڄڻ ڪو مئل ڍور اس ۾ پيل هجي. بغلها چون مردار در آفتاب.... شايد مون کان به ڪو ڪبيرو گناهه سرزد ٿيو هو، جنهن جي سزا لوڙي رهيو هوس)
بهرحال جڏهن سڀاڳو صبح نروار ٿيو ته بتخاني ۾ هلچل مچي وئي، مون پنهنجي اکين سان ڏٺو ته انهيءَ بت پنهنجا هٿ مٿي کنيا. ماڻهن ۾ رڙيون پئجي ويون. اهو پنڊت پنهنجا ڦڪا ڏند ڪڍي مون ڏانهن مرڪي نهاري رهيو هو. في الحال ته ماٺ ڪرڻ ڌاران ڪو چارو ڪونه هو ، پوڄارين سان رلي ملي ويس. هڪ ڏينهن تلاش ڪندي انهيءَ بت هيٺان ٺهيل تهخاني ۾ لهي ويس. ڇا ڏسان ته هڪ بت پرست رسي هٿ ۾ جهليو بيٺو آهي، جنهن جو ٻيو ڇيڙو بت جي ٻانهن ۾ اهڙي طرح ٻڌل هو جو رسي ڇڪڻ سان ان جون ٻانهون مٿي کڄي وڃن. راز فاش ٿي چڪو هو، بت پرست اتان وٺي ڀڳو. مون کي به جان جو خطرو ٿي پيو. آئون سومناٿ مندر مان نڪري آيس ۽ يمن رستي حجاز کان وڃي نڪتس.
شيخ سعدي نه فقط فارسي ۾ پر عربي ۾ به ڪتاب لکيا پر انهن سڀني ۾ جيئن شروع ۾ ٻڌائي چڪو آهيان، ته ٻه ڪتاب بوستان جيڪو هن ۱۲۵۷ ۾ مڪمل ڪيو ۽ ٻيو گلستان (جيڪو ۱۲۵۸ ۾ لکيو ) سڄي دنيا ۾ مشهور آهن. اهي ٻئي ڪتاب نصيحت آموز ڳالهين سان ڀريل آهن ۽ اسان وٽ سڄي ننڍي کنڊ ۾ سنڌ پنجاب کان بنگلاديش جي مدرسن ۾ جتي جتي عربي پڙهائي وڃي ٿي. اتي شاگردن جو اخلاق سنوارڻ لاءِ ايران جي شاعر عطار جو پڌنامون ۽ شيخ سعدي جو بوستان گلستان ۽ ڪريما فارسي ۽ مڪاني زبانن ۾ پڙهايا وڃن ٿا. سنڌي ۾ به اهي ڪتاب ڪيترن ئي ترجما ڪيا آهن، پر سڀ ۾ بهترين ترجمو مولانا محمد قاسم سومرو ڪيو آهي، جيڪو ڪنڊيارو جي الجامعته العربيه انوار العلوم جو پرنسپال آهي. اردو ۾ مير شير علي افسوس، فريد الدين آفاق، دهلوي، منشي گوپال ڪرشن ۽ محمد منير لکنويءَ شيخ سعدي جي مٿين ڪتابن جا سٺا ترجما ڪيا آهن شيخ سعدي جي ڪتابن جا ويندي پنجابي پشتو ۽ بنگالي ۾ به ترجما ٿيل آهن ۽ ساڳئي ڪتاب جو هڪ به نه پر ٽي ٽي چار چار ترجما آهن.
شيخ سعدي جي لکڻين ۽ شاعري جي مشهوري جو اندازو ان مان لڳائي سگهون ٿا ته نيويارڪ ۾ جيڪا يونائيٽيڊ نئشن جي بلڊنگ آهي ان جي هڪ هال، جيڪو قومن جو هال (Hall of Nations) سڏجي ٿو، ان جي داخلا واري دروازي ٻاهران شيخ سعدي جي هن فارسي شعر سان گڏ انگريزي ترجمو لکيو آهي:
بني آدم اعضاي يڪ پيڪر ند
ڪه در آفرينش زيڪ گوهر ند
چو عضوي به درد آورد روزگار
دگر عضوها را نماند قرار
تو ڪز محنت ديگر ان بي غمي
نشايد ڪه نامت نهند آدمي
Human beings are members of a whole,
In creation of oneeassence and soul.
If one member is afflicated with pain,
Other members uneasy will remain.
If you have no sympathy for human pain,
The name of human you can not retain
منهنجي خيال ۾ گلستان سعدي جو اهڙو ڪتاب آهي جيڪو ننڍي کنڊ جي شايد ئي ڪنهن ماڻهو نه پڙهيو هجي. واقعي هن ڪتاب جو جواب ناهي. توهان جي نه پڙهيو هجي ته ضرور پڙهو توهان کي سنڌي، اردو ، انگريزي ويندي پنجابي ۽ پشتو ۾ به ان جو ترجمو ملندو. منهنجي خيال ۾ ته آئون ڏهن سالن جو به نه هوندس، ته مون پهريون دفعو غلام محمد شاهواڻي جو سنڌي ۾ ترجمو پڙهيو هو. ان بعد اڙدو ۽ انگريزي ۾ به پڙهندو رهيس. نوڪري جي آخري سالن ۾ جڏهن ملائيشيا ۾ جهاز جي ملئي چيني ۽ سنگاپوري جهازي آفيسرن کي پڙهائيندو هوس ته ليڪچر دوران شاگردن کي و تايو فقير، نصيرالدين هوجا ۽ شيخ سعدي جون اڪثر ڳالهيون ٻڌائيندو هوس. جهازي نوڪري جي ڪجهه Thankless ڪمن جي ڳالهه نڪرندي هئي ته آئون جهازين (Seafarers) کي شيخ سعدي جي اڪثر هيءَ ڳالهه ٻڌائيندو هوس ته ڪو ڳوٺاڻو گڏهه خريد ڪري شيخ سعدي وٽ آيو ته هن جو پڇ ڪيترو ڪٽيان جو ڳوٺ جا ماڻهو ان کي صحيح سمجهن ؟ شيخ سعدي وراڻيس ته تون پنهنجي گڏهه جو پڇ کڻي پاڙ کان ڪٽي ڇڏ تڏهن به ڪي ماڻهو چوندا ته وڏو آهي ته ڪي چوندا ته ننڍو آهي.
No comments:
Post a Comment