خوزستان ۾ وهندڙ کنڊ جون نديون
الطاف
شيخ
دنيا جي ڪي ڪي علائقا ڇا ته سهڻا آهن، سبحان الله! چون ٿا ڪشمير سهڻو آهي. چون ٿا شملا سهڻو آهي. چون ٿا ته سوئيٽزر لينڊ جي جبلن (Alps) وارو علائقو سهڻو آهي. هوندو. مون انهن مان ڪابه شيءَ نه ڏٺي آهي. جهاز هلائڻ جي نوڪري جي حيثيت سان مون به ڪي ڪي هنڌ اهڙا ضرور ڏٺا آهن جن جي سونهن جي تعريف ڪندي زبان نٿي ٿڪجي. ماٺي سمنڊ ۽ سانتيڪي موسم ۾ جبرالٽر وارو علائقو جڏهن ميڊيٽرينين سمنڊ مان نڪري اٿاهه ۽ مڇريل ائٽلانٽڪ ۾ ٿو اچي. اونهاري جي موسم ۾ جڏهن هڪ طرف مون سون ۽ ٻئي طرف سائڪلون سان واسيل مست سمنڊ جهازين کي ڌوڻيو ٿو رکي، اتي هندي سمنڊ اڪري جنت جهڙي ملاڪا نار (Strait) ۾ جهاز جي گهڙڻ سان گذريل ست اٺ ڏينهن جا ڏاکڙا لحظي ۾ لهيو وڃن ۽ اهڙو ئي هڪ سهڻو علائقو ۽ تواريخي لحاظ کان مالا مال ايراني نار جو آخري ڇيڙو آهي. سعودي عرب جي بندرگاهه دمام يا ڪويت پهچڻ لاءِ اسان کي جهاز هن سمنڊ ۾ آڻڻو پوي ٿو، جيڪو صدين کان ايراني نار (Persian Gulf) سڏجي ٿو. ايراني نار Strait of Hormuz کان شروع ٿئي ٿو جنهن جي منهن وٽ ئي دبئي اچي ٿو پوءِ دوحا (قطر) ۽ بحرين UAE جا بندرگاهه آهن. هن سمنڊ جي ٻئي پاسي ايران جا بندرگاهه بندر عباس، بشيهر وغيره آهن. آخر ۾ سعودي عرب جو بندرگاهه دمام، ڪويت، عراق جو بصرو، ايران جي خرم شهر ۽ ابادان ٻيٽ سڀ مليا پيا آهن. دنيا جي پراڻي تاريخ ڌرتي جو هن ٽڪري تي آهي. هي ٽڪرو هڪ عام ماڻهو کي کڻي پورٽ قاسم وارو ويران علائقو لڳي پر هڪ جاگرافي ۽ تاريخ جو شاگرد هن هنڌ تي پهچي پاڻ کي خوشنصيب ٿو سمجهي. ذرا تصور ڪريو ته هي هنڌ اهو آهي جتي دنيا جون قديمي تهذيب سان وابسته فرات ۽ دجلا نديون عراق جي عوام، وهٽن ۽ ٻنين ٻارن جي اڃ اجهائي هتي ٿيون اچيو ڇوڙ ڪن. بصري ۽ ناصريا جهڙا شهر هتي آهن. ڌائو ٻيڙين ۽ سچن موتين کان صديون مشهور ڪويت جو بندرگاهه هتي آهي. سعودي عرب جو دمام بندرگاهه ۽ ان جا ڀر وارا شهر جبيل ۽ الخبر هتي آهن، جن هنڌن تان اسلام جي آمد کان ٻه سئو کن سال اڳ جڏهن ايران تي آتش پرست ساساني گهراڻي جي بادشاهه شاهپور دوم (۳۷۹-۳۱۰) جي حڪومت هئي ته تقليب، بڪرين، وائل ۽ عبدالقيز عرب قبيلا ايران جي خزستان تي حملا ڪندا رهيا، جن کي ايرانين ڀڄائي ٿي ڪڍيو. هي ئي اهو هنڌ آهي، جتان اسلام بعد ۶۳۹ ۾ ابو موسيٰ العشري جي اڳواڻي ۾ مسلمانن ايران تي حملو ڪيو ۽ ايراني شهر اهواز خالي ڪرائي ڇڏيو ۽ خزستان جو اهم ۽ طاقتور صوبو عربن حوالي ٿي ويو، خزستان ايران جو تمام جهونو صوبو آهي، سمجهو ته ايراني قوم جي جنم ڀومي آهي، جتي جا اوئلي ماڻهو خزي سڏجن ٿا، جنهن تان هن صوبي تي خزستان نالو پيو.
اسان جي ٽريول گائيڊ الحرمين جي محمد علي رضوي ۽ ان جي ڀاءُ سلمان رضوي مون کي باءِ روڊ ڪربلا هلڻ لاءِ چيو ”آئون اڃان هن ئي ملڪ ۾ رهڻ ٿو چاهيان“ مون جواب ڏنو مانس، ”توهان ڀلي عراق ۽ شام هليا وڃو، آئون ايران جا ڪجهه وڌيڪ شهر ڏسڻ ٿو چاهيان“
مون پنهنجي ٽولي جي ساٿين کان پڇيو پر هنن ايران ۾ فقط مشهد ۽ قم ۾ رهڻ ٿي چاهيو، خيرپور جو هڪ سنڌي شيعو عالم جيڪو اٺن سالن کان هتي ايران ۾ آهي، ان کان مون خزستان جي وڏي شهر اهواز وڃڻ جو طريقو پڇيو پر افسوس ته هن جي زندگي مشهد، قم ۽ سندس اباڻي سنڌ جي ڳوٺ واري ٽڪندي ۾ ئي ڦرندي رهي آهي. مون کي حيرت ٿي ته ايران جي تاريخ دلچسپ ۽ جهوني آهي، ايران جتي اڄ جي مهانگي دور ۾ به اسان جهڙن ملڪن کان به سستي ماني ۽ بسن جو ڀاڙو آهي، ايران جتي ايترو امن امان آهي، جو اڪيلي ڇوڪري به سفر ڪري سگهي، اتي اسان جا ماڻهو هن ملڪ جا ٻيا شهر ڇو نٿا ڏسن؟ هتي جي عظيم قوم کي غور سان ڇو نٿا ڏسن، جيڪا غيرتمند آهي ، جيڪا محنتي ۽ ايماندار آهي، جيڪا سادگي پسند ۽ بااخلاق آهي. تڏهن ته هو آمريڪا جهڙي طاقتور ملڪ کان به نٿا ڊڄن، تڏهن ته هو ٽانءَ ۾ ڀريل عراق کي به مڃرائي ويا، تڏهن ته هو پنهنجي ڊٺل ملڪ کي وري ٺاهي ويا. ايران ۾ ايندڙ اسان جي ماڻهن کي آئون اها ئي صلاح ڏيندس ته هو ايران جي ڪجهه شهرن جو ضرور سير ڪن: اصفهان، ڪرمان، فارس، تبريز يا هن صوبي خزستان جا ڪجهه شهر: اهواز، ڊيزفل، ششتار، ابادان، بيهبهان وغيره. خاص ڪري اهي ماڻهو جيڪي ايران بعد عراق ۽ شام جي زيارتن تي وڃن ٿا انهن جو ته هونءَ به هتان جي ويجهن صوبن حمدان يا ڪرمان شاهه وٽان لنگهه ٿئي ٿو ۽ هو ڏينهن ٻه آرام سان هتي خزستان ۾ گهاري سگهن ٿا، جنهن لاءِ ايران جي شاعر نظامي چيو آهي ته :
زبس ڪز دامن لب شڪر افشانده
شڪر دامن به خوزستان بر افشانده
(هن جي چپن تي هر وقت مٺي کنڊ ترندي رهي ٿي. اها مٺي کنڊ جنهن جون نديون خوزستان ۾ وهن ٿيون)
ايران جي هڪ ٻئي شآعر نظاري ڪوهستانيءَ به ايران جي هن صوبي خوزستان لاءِ چيو آهي ته:
قد رعناي تو و قامت سر و ڪشمر
لب شيرين تو و شڪر خوزستاني
(تنهن خوبصورت جسم ڪشمر جي سائپريس وڻ جهڙو. تنهنجي لبن جي شيريني خوزستان جي کنڊ جهڙي)
اهواز شهر جي شاهد چامران يونيورسٽي جي پروفيسر ٻڌايو ته هي وڻ جنهن کي انگريزي ۾ Cypress tree سڏجي ٿو، هڪ ديومالائي وڻ آهي، جيڪو سونهن ۽ قدامت جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. هن وڻ جو ذڪر فردوسي شاهنامي ۾ ڪيو آهي. ته هي وڻ ان شآخ مان ڦٽي وڏو ٿيو جيڪا شاخ آتش پرستن جي نبي زوروسٽر پاڻ سان گڏ جنت مان آندي ۽ بادشاهه وشتاسپا جي آتش پرست ٿيڻ جي عزت افزائي خاطر لڳائي وئي هئي. ايران جي هڪ مشهور حڪيم ۽ تاريخدان ذڪريا قاضويني جو چوڻ آهي ته شهنشاهه وشتاسپا زوروسٽر نبيءَ جو سرپرست هو ۽ اهو وڻ شهنشاهه پاڻ پوکرايو. هن وڻ ايران جي آتش پرستن لاءِ پوڄا جو درجو رکيو ٿي ۽ اهو وڻ اڄ واري خراسان رضوي واري صوبي ۾ ڪنهن هنڌ تي هو. ذڪريا (تاريخدان) ٻڌائي ٿو ته عباسي گهراڻي جي خليفي المتوڪل ۲۴۷ هجري (عيسوي سن ۸۶۱) ۾ هن جهوني ۽ پوتر وڻ کي وڍرائي، ايران کان بغداد کڻي وڃڻ جو حڪم ڏنو، جتي هن پنهنجي اکين سان ان وڻ جون ڪامون پنهنجي سامارا محلات جي ڇت ۾ لڳرائڻ چاهيون ٿي، ان وقت جي ايراني پادرين ۽ عوام خليفي کي ان وڻ وڍرائڻ کان جهلڻ لاءِ ڏاڍيون منٿون ڪيون ۽ وڏين رقمن جي آڇر ڪئي پر خليفو المتوڪل نه مڙيو پر ساڳي وقت هو ان وڻ جون ڪامون ڏسي نه سگهيو ڇو جو جنهن ڏينهن ان وڻ جو ٿڙ عراق ۾ دجله نديءَ جي ڪناري تي پهچڻو هو ان کان اڳ واري رات جو محلات جي هڪ ترڪ سولجر (جيڪو المتوڪل جي پٽ جي خدمت لاءِ مقرر ٿيل هو) خليفي کي قتل ڪري ڇڏيو.
بهرحال ايران جو هي صوبو خوزستان هڪ جهونو ۽ بيحد سهڻو صوبو آهي، جنهن مان ڪيتريون نديون سال جا سمورا ڏينهن وهنديون رهن ٿيون ۽ پنجاب وانگر سرسبز ڌرتي آهي، جتي ميدان به آهن ته وڻن سان جهنجهيل جبل به. ايران جي سڀ کان وڏي ندي ڪارون، جيڪا اٽڪل ۴۵۰ ميل ٿيندي، هن صوبي مان لنگهي هيٺ ايراني نار جي سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿي. هيءَ ندي زگروس جبلن جي قطار جي زرد ڪوه جبلن مان اڀري ٿي. رستي تي ڪيتريون ئي نيون ۽ درياهه هن سان ملن ٿا ۽ جيئن ٿيمس ندي لنڊن شهر مان گذري ٿي، تئين هيءَ ڪارون ندي خوزستان جي گادي واري جهوني شهر اهواز مان گذري ٿي. ايراني نار ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان اڳ اها ٻن شاخن ۾ ورهائجيو وڃي، جن جي وچ ۾ هتي جو مشهور ٻيٽ ابادان آهي. هن نديءَ جي وڏي خاصيت اها آهي بلڪه ايران جي هيءَ واحد ندي آهي، جيڪا اڃا تائين Navigable آهي، يعني جهاز رانيءَ جي ڪم اچي ٿي، جيئن پلين ٺهڻ کان اڳ اسان جي سنڌو ندي هئي ۽ جهاز ڪراچي ۾ ترسڻ بدران ملتان تائين هليا ويا ٿي.
اسان جي موهن جي دڙي لاءِ چيو وڃي ٿو ته پنج هزار سال پراڻو شهر آهي پر خوزستان صوبي لاءِ آرڪالاجي وارن اهو ثابت ڪيو آهي ته هتي جي تهذيب عيسوي سن کان به ۸۰۰۰ سال جهوني آهي، جنهن جو شهر اهواز دنيا جو قديم ترين شهر آهي، جنهن لاءِ شاهنامي ۾ فردوسيءَ لکيو آهي ته
ڪه باشد ڪه پيوند سام سوار
نخواهد از اهواز تا قندهار
اسلامڪ آزاد يونيورسٽي اهواز جي فارسي جي پروفيسر هڪ ڏاڍي دلچسپ ڳالهه ٻڌائي ته اهواز لفظ هوز جو جمع آهي ۽ هوز دراصل جهونو لفظ سوز هو جيڪو هتي جي هزار سال کن اڳ هتي رهندڙ هتي جي اصلوڪن باشندن رکيو هو، جيڪي ايلام سڏبا هئا، جن لاءِ انگريزي جو لفظ Elamite استعمال ٿئي ٿو. ”دراصل ان بعد آيل قومون جن جا ماڻهو ايراني سڏجڻ لڳا ۽ فارسي ڳالهايون ٿي انهن لاءِ ”س“ جو اچار ڪڍڻ ڏکيو هو.“ هن پروفيسر ٻڌايو ته هنن ”س“ بدران ”هه“ استعمال ٿي ڪئي ان ڪري سوز بدلجي هوز ٿي پيو، جيئن ننڍي کنڊ جي سنڌ ۽ سنڌيءَ کي هو هند ۽ هندي سڏڻ لڳا، جيڪو لفظ پوءِ يونانين بدلائي انڊس ڪيو، جنهن مان لفظ انڊيا جڙيو.“
توهان جو ايران کان عراق ويندي خوزستان صوبي مان لنگهه ٿئي ته ڪارون نديءَ جي ڪناري واري هن تاريخي شهر اهواز ۾ ضرور ڏينهن ٻه ترسجو ۽ پوءِ اڳيان عراق جي دجله ۽ عرفات ندين جا سير ڪندا وتجو يا توهان ڪويت ۾ نوڪري يا بزنس ڪري رهيا آهيو ته اهواز ٽن چئن ڪلاڪن اندر بس يا ڪار ۾ اچي سگهو ٿا. اهواز شهر ۾ توهان کي ڪيتريون جديد ۽ قديمي شيون نظر اينديون ۽ جيڪڏهن توهان جي تاريخي، آثار قديمه يا جاگرافي جهڙن سبجيڪٽس سان دلچسپي آهي ته پوءِ ههڙين جاين جو توهان صحيح طرح لطف ماڻي سگهو ٿا.
خوزستان عراق جي ويجهو هجڻ ڪري صدين کان هتي ڪيترائي عرب نسل جا قبيلا رهن ٿا ۽ بارڊر واري علائقي ۾ عربي ائين ڳالهائي وڃي ٿي، جيئن دبئي ۽ ايران جي بندرگاهه ڇابهار ۾ اردو ڳالهائي وڃي ٿي. ۱۹۸۰ع ۾ صادام ايران جو هي پاڙي وارو علائقو خوزستان (اهواز سميت) عراق سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي،جنهن تان اٺ سال ايران عراق جي جنگ هلي ۽ ڪيترائي بيگناهه مارجي ويا ۽ گهر برباد ٿي ويا.
ايران جي ڪيترين ئي اهم شخصيتن جو هن شهر اهواز سان واسطو آهي، انساني حقن لاءِ ويڙهاڪ مهر انگيز، تاريخدان حامد داباشي، پئٽرڪ موناهن برٽش ڪاميڊئن، اڄ ڪلهه جو ائگريڪلچر جو ايراني وزير محمد رضا اسڪندري ۽ هن کان اڳ وارو ڊفينس جو وزير علي شامخاني، ريتا اسڪارپر، ابو نواز جهڙا اديب ۽ شاعر هن شهر سان واسطو رکن ٿا. هڪ ناول نويس احمد محمود، جنهن جا انگريزي ۾ ترجمو ٿيل ناولن مان هڪ ٻه مون به پڙهيو آهي، ۱۹۳۱ع ۾ هن شهر اهواز ۾ ڄائو ۽ ۲۰۰۲ع ۾ تهران ۾ گذاري ويو. هن ننڍپڻ ۽ جواني جا ڏينهن هڪ مزور، ڊرائيور ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندي گذاريو ۽ کاٻي ڌر جي خيال ڪري شهنشاهه پهلوي جي ڏينهن ۾ جيل به ڪاٽيو. هن جي زندگي جو احوال پڙهي مون کي سنڌ جو باغي شاعر ابراهيم منشي ياد ايندو آهي. احمد محمود جا ڪيترائي ناول انگريزي ۽ ٻين زبانن ۾ ترجما ٿي چڪا آهن، جهڙوڪ:
The Neighbours
Story of One City
The Scorched Earth
The Zero Degree Orbit
The Live Human
The Fig Tree of Temples
وغيره، جيڪي اصلوڪي فارسي ناولن: همسايه، داستان، يڪ شهر، زمين سختيه، مادر صفر درجه، آدم زنده، درخت انجير معبيد..... جو ترجمو آهن.
نوبخت اهوازي ۽ سندس پٽ ايران جا مشهور نجومي آهن، هنن جو واسطو آتش پرست ڌرم سان آهي، هي نه فقط هن شهر اهواز جا آهن پر هنن جو هن شهر کي سڌارڻ ۾ به وڏو هٿ آهي.
No comments:
Post a Comment