Thursday, February 03, 2011

تهران جا بزرگراهه، بلوار ۽ ميدان - الطاف شيخ

تهران جا بزرگراهه، بلوار ۽ ميدان
الطاف شيخ
مشهد مان قم اچڻ لاءِ اسان کي پهرين باءِ ايئر تهران اچڻو پيو ۽ پوءِ بس ذريعي قم پهتاسين. تهران جي ايئر پورٽ کان ٻاهران ئي ڪو بس اسٽاپ آهي، پر ايترو به ويجهو ناهي. ٻه کن گهٽيون، اٽڪل اڌ ڪلو ميٽر کن هلڻو پيو پر اهو ايئر پورٽ جوئي علائقو لڳي ٿو جو اسان جي ٽولي جا ماڻهو توڙي ٻيا مسافر ايئر پورٽ مان کنيل ٽراليءَ ۾ ئي سامان وجهي هلندا رهيا. اسان جي گروپ کان علاوه ٻيا جيڪي مسافر هئا، انهن ۾ ڪجهه افغانستان، بنگلاديش ۽ انڊيا جا هئا، باقي ٻيا سڀ پاڪستان جا هئا. انهن پاڪستانين ۾ به گهڻائي سنڌ جي اتراهين علائقي راڻيپور، سکر، خيرپور ۽ شهدادڪوٽ قمبر پاسي جي هئا. لڳي ٿو ته ايران جو سنڌ تي صدين کان وڏو اثر رهيو آهي. مشهد ۾ ته ڪيترا خيرپور جا اهڙا سنڌي مليا، جن جون زالون ايراني آهن ۽ هنن روان فارسي ڳالهائي ٿي. هڪ اهڙي به ايراني فيملي ملي، جنهن کي جڏهن خبر پئي ته منهنجو سنڌ سان واسطو آهي ته هنن سخت شڪايت ڪئي ته سنڌ جا ماڻهو ڪوڙيون سچيون ڳالهيون ٻڌائي ايران جي عورتن سان شادي ڪن ٿا پر پوءِ زالن جو خيال نٿا رکن.
 
”پر ذوالفقار علي ڀٽي ته پنهنجي سنڌي زال کان وڌيڪ ايرانيءَ جو خيال رکيو“ مون کيس کلائڻ لاءِ ٺهه پهه چيو ۽ مون ڏٺو ته هو واقعي ٽهڪ ڏيڻ لڳا. بهرحال مٿين ڳالهه جي تصديق خيرپور پاسي جي هڪ سنڌي پروفيسر به ڪئي ته ”اڄ کان اڌ صدي اڳ تائين اسان جي پاسي جي ماڻهن جو ايران مان وڃي شادي ڪري اچڻ يا اتيئي رهي پوڻ هڪ عام ڳالهه هئي ۽ پوءِ جڏهن هنن جي موڊ ٿيندي هئي ته هو پنهنجن ايراني زالن کي ڇڏي ڏيندا هئا. دل ۾ مون سوچيو ته هي اهوئي قصو آهي جيڪو انگريزن جي دور ۾ ملائشيا (ملايا) ۾ رهيو، جتي اسان جي پنجاب جا سپاهي ملئي عورتن سان شادي ڪندا رهيا ۽ بدلي ٿيڻ تي هنن کي اتي ڇڏي موٽي آيا ٿي. ان بابت تفصيلي احوال آئون پنهنجن ملائيشيا وارن سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان.
بهرحال اسان جو سڄو ٽولو پنهنجي سامان کي ٽرالين تي گهليندا تهران جي هن پراڻي مهرآباد ايئر پورٽ کان ٻاهر نڪري هڪ ويڪري رستي بزرگراهه مخصوص ڪرج تي پهتاسين جتان واڪ ڪري ميدان آزادي واري چو واٽي کان اڳ کاٻي پاسي ويندڙ رستي بزرگراهه شهيد برادران رحماني ڏي مڙياسين. اسان جي اڳيان اسان جي ڪراچي واري ٽريول ايجنسي ”الحرمين“ جا ٻه ڀائر مالڪ (محمد علي ۽ سلمان رضوي) هئا. هن ايئر پورٽ جو نيان Sign ۾ فارسي ۾ لکيل نالو ”فرودگاهه بين المليٰ مهر آباد“ پڙهي اندازو لڳايم ته فارسي ۾ ايئر پورٽ کي فرودگاهه سڏجي ٿو ۽ بين المللي جي معنيٰ پڪ ملڪي (Domestic) هوندي جتي ملڪ جي مختلف شهرن کان اڏامون اچن ٿيون. هفتو کن اڳ جڏهن ايران ۾ قدم رکيم ته پهرين ڏينهن تهران مان لنگهندي ڪن رستن جي نالن اڳيان بزرگراهه پڙهي سمجهيم ته اهي رستا شايد ڪي ڀلارا يا ڪرامت وارا آهن جو اسان وٽ بزرگ جو لفظ اولياءَ، ولي، ڪاني ڪرامت ۽ ڀلاري ماڻهو لاءِ استعمال ٿئي ٿو پر هاڻي اها ڄاڻ ٿي چڪي اٿم ته فارسي ۾ بزرگ معنيٰ وڏو، ويڪرو، پراڻو يا اعليٰ جيئن ته بزرگ مارڪيٽ معنيٰ شهر جي وڏي مارڪيٽ يا کڻي چئجي ته خاص مارڪيٽ. بزرگ ٿي سگهي ٿو عربي جو لفظ هجي پر ايران ۾ تمام گهڻو استعمال ٿو ٿئي. پر اهو لفظ جنهن ۾ پ ۽ گ جهڙا اکر هجن عربي جا ٿي نٿا سگهن، جيئن ڪويت ۾ عرب اميگريشن وارو منهنجي والد جو نالو گل محمد لکڻ مهل منجهي پيو ته قل محمد لکان يا غل محمد. بهرحال هاڻ ڪجهه ڏينهن ايران ۾ رهڻ بعد خبر پئجي وئي آهي ته بزرگراه معنيٰ ويڪرو رستو آهي، جيئن پاڻ وٽ شاهراهه چئجي ٿو جيڪو پڻ فارسي جو لفظ آهي. تهران جا ڪجهه اهڙا رستا جيڪي هن وقت ياد پيا اچن ۽ جن تان اڪثر لنگهه ٿيندو هو، بزرگراه تهران قم، بزرگراه بهشت زهرا، بزرگراهه آيت الله اشرفي اصفهاني، بزرگراه آيت الله حڪيم، بزرگراه نواب صفوي، بزرگراه شهيد حقاني، بزرگراهه آزدگان (ڪمربندي)..... وغيره وغيره اهي سڀ رستا وڏا ۽ ويڪرا آهن، جيئن اسان وٽ ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل، مائي ڪولاچي روڊ يا ايم اي جناح روڊ. بلڪل سچي ڳالهه اها آهي ته تهران توڙي ايران جي ٻين شهرن جي رستن سان اسان جا رستا مقابلو ڪري نه سگهندا.
بزرگراهن کان ڪجهه گهٽ ويڪرا رستا هتي بلوار به سڏجن ٿا، جيڪو لفظ منهنجي خيال ۾ انگريزي جي لفظ بليوارڊ تان ورتل آهي. بلوار ابريشم، بلوار امام حسين، بلوار تعاون، بلوار زيبا شهر، بلوار فردوس، بلوار مير داماد، بلوار انديشه، وغيره تهران شهر جا رستا آهن جن وٽان گذر ٿئي ٿو. فارسي ۾ چوراهي يا چو واٽي (Round about) کي شايد ”ميدان“ سڏجي ٿو جو چوواٽن تي ميدان لکيل نظر اچي ٿو، جيئن اسان وٽ ”شان سرڪل“ نانگن چورنگي، سب مئرين چوڪ يا حيدرآباد ۾ حيدر چوڪ آهي، تئين هتي چوراهن جا نالا ميدان آزادي، ميدان جمهوري، ميدان امام حسين، ميدان رسالت، ميدان توحيد، ميدان شوش، ميدان مقدم وغيره آهن. ريلوي اسٽيشن کي فارسي ۾ ايستگاه ٿا سڏين تڏهن ته تهران جي ريلوي اسٽيشن ٻاهران وڏن اکرن ۾ لکيل آهي:
”ايستگاه راه آهن تهران“
راهه معنيٰ رستو پٽڙي يا Rail ۽ آهن معنيٰ لوه. ”راه آهن“ معنيٰ لوهه جو رستو، جيئن ”مرد آهن“ معنيٰ لوهي ماڻهو. مهرآباد کان نڪري جنهن رستي تي اسين پهتاسين اتي بسين جو ٽرمينل (ترمينل غرب تهران) هو جتان ڪيتريون ئي خوبصورت بسون قم، اصفهان، ڪرمان شاه، يزد، مشهد ۽ ايران جي ٻين شهرن ڏي وڃي رهيون هيون. قم شهر ڏي ويندڙ بس به خالي هئي پر اسان جي گروپ جي ليڊر محمد علي اسانکي ترسڻ لاءِ چئي پاڻ مختلف بس وارن سان ڳالهائيندو رهيو. پوءِ اسان کي هڪ خالي بس ۾ چڙهڻ لاءِ چيو. اسان جي وهڻ بعد به ان بس ۾ ڪجهه سيٽون خالي هيون، جن تي وهڻ لاءِ هن اسان سان گڏ جهاز مان لهڻ وارن پاڪستانين کي دعوت ڏني، جن ۾ ٽي ڄڻا سکر ۽ لاڙڪاڻي پاسي جا ڊاڪٽر شاهد ميراڻي ۽ ان جا دوست هئا. هو سڀ خوش ٿي اسان جي بس ۾ ويٺا، پوءِ جڏهن بس هلڻ لڳي ته اسان کي خبر پئي ته اسان جي ٽوئر جو انچارج هتان سڌو قم شهر وٺي هلڻ کان اڳ تهران جي پسگردائي جون زيارتون پڻ ڪرائڻ چاهي ٿو، جيئن ته آستان مقدس حضرت عبدالعظيم، مقبره بيبي شهر بانو ۽ امام زاده صالح (شيعن جي ستين امام موسيٰ الڪاظم جو پٽ ۽ امام علي رضا جي ڀاءُ) جو آرامگاهه جيڪو تهران جي اتراهين ضلعي تاجرش ۾ آهي.
ايران ۾ هر سال لکين زائرين ۽ ٽوئرسٽ پاڪستان مان اچن ٿا، جن مان ڪجهه پاڻ مرادو دوستن يا مائٽن سان اچن ٿا ٻيا قافلي جي صورت ۾ ڪنهن ڄاڻو ۽ تجربيڪار ليڊر کي پاڻ سان کڻن ٿا جيڪي قم ۽ مشهد شهرن ۾ ته زائرين کي وٺيو اچن پر پسگردائي جي زيارتن لاءِ هنن کي ڇڏيو ڏين ته جي چاهين ته پاڻ ئي وڃي ڏسن. ان معاملي ۾ اسان جو گروپ خوش نصيب چئبو جو اسان جو اڳواڻ اسان کي نه فقط مشهد ۽ تهران ۾ پر قم ۾ به ٽوئرسٽ بس جو بندوبست ڪري سڀني کي وٺي هليو ٿي نه ته اڪيلي سر هر جاءِ تي پهچڻ ڏکيو ڪم آهي، خاص ڪري بيبي شهربانو جي مقبري تي جيڪو جابلو علائقي ۾ آهي جتان ٽئڪسي ته ڇا بس به مشڪل سان ملي ٿي. ايتريقدر جو اسان جڏهن اتان موٽياسين پئي ته سج لهي چڪو هو ۽ مردن سان گڏ ڪيتريون عورتون به سواري جي انتظآر ۾ هيون، جن کي ڏکيو سکيو بس ۾ ويهاري اسان ڪنهن وهندڙ رستي تي اچي لاٿو.
هونءَ زيارت کان علاوه ههڙا خوبصورت هنڌ ۽ مقبرا قدرتي نظارن ۽ عمارتسازي ۽ چٽسالي جي ڪم جي خيال کان به ڏسڻ جهڙا آهن سي. بيبي شهربانو جو مقبرو تهران جي ڏکڻ اوڀر علائقي ۾ جن جبلن جي وچ ۾ آهي،اهي هن بيبي جي نالي سان ”ڪوه شهر بانو“ جبل سڏجن ٿا. هنن جبلن تائين پهچڻ ۾ اسان جي بس بزرگراهه آزادگان (ڪمر بندي) تائين ٿيندي بزرگراه امام رضا ۽ جاده ڪار سيمان رستن تي آئي جتان پوءِ جاده بيبي شهربانو تي پهتي ۽ پوءِ ڪا دير مٿي جبلن تي چڙهندي رهي جتان هيٺ ڏسڻ سان رستي تي هلندڙ ماڻهو ۽ موٽرون رانديڪن جيان ٿي لڳيون. منهنجي خيال ۾ هڪ ٽوئرسٽ جيڪو تهران تائين اچي ٿو اهو کڻي مسلمان هجي يا عيسائي يا ٻئي مذهب جو بيبي شهربانو جي قبر تي فاتح پڙهڻ لاءِ نه ته گهٽ ۾ گهٽ جبل جي چوٽيءَ تان قدرت جو نظارو ته ضرور ڪري. ايڏو مٿي پهاڙي تي آئون صاف، سنهي ۽ آڪسيجن جي ڪوٽا سان ڀرپور هوا جا ڊگها ڊگها ساهه کڻي خوش ٿيس. ڪراچي جي دونهين، ڌوڙ ۽ ڌپ واري ماحول ۾ ڪٿي ڀلا ههڙي سڳنڌ! ساڳي شڪايت ڊاڪٽر شاهد سکر ۽ خيرپور جي ماحولياتي گدلاڻ جي ڪئي. مون اڃان به ڊگها ڊگها ساهه کنيا. پري کان هيٺ هڪ سيمينٽ فيڪٽري نظر اچي رهي هئي ان کان علاوه سڄو علائقو ڪارخان ۽ فيڪٽرين کان پاڪ هو. بس ڊرائيور جيڪو اسان کان پنج ڇهه قدم پري بيٺو هو، تنهن ويجهو اچي اسان کي ٻڌايو ته حڪومت ان ڪوشش ۾ آهي ته هن سيمينٽ فئڪٽري کي هتان شفٽ ڪرايو وڃي جو هن مان نڪرندڙ ڪاربن ۽ سلفر جا جزا تهران جي ماڻهن جي صحت ۽ ههڙن مقبرن جي سونهن خراب ڪن ٿا. اهو ٻڌي مون ڊاڪٽر شآهد ۽ سندس خيرپور جي دوستن ڏي نهاريو ۽ هنن مون ڏي. اسان جي اکين جو هڪ ٻئي لاءِ اهوئي نياپو هو ته اسان ته خبر ناهي ڪهڙي گدلاڻ ۾ ٿا رهون، جتي جي فئڪٽرين مان نڪرندڙ دونهون (Flue gases) نه رڳو هوا کي گدلو ڪري ٿو پر انهن ملن ۽ ڪارخانن جو Sludgeاسان جي ڳوٺن جي ماڻهن ۽ ڍورن جي پيئڻ جي پاڻي کي به زهريلو بڻايو ڇڏي.

No comments:

Post a Comment