Thursday, February 03, 2011

بي بي شهربانو جي مقبري تي .....الطاف شيخ

بي بي شهربانو جي مقبري تي .....
الطاف شيخ
ايران ۾ جيڪي به زيارتن لاءِ اچن ٿا، اهي مشهد ۽ قم شهرن ۾ گهڻو وقت رهن ٿا. ان بعد ايران ۾ به هڪ يا ٻه ڏينهن ترسن ٿا، جتي امام خميني جي مقبري تي حاضري ڀرين ٿا. ان بعد شهر ري ۾ آستان مقدس حضرت عبدالعظيم تي پهچن ٿا. ان کان علاوه ڪنهن ٻئي هنڌ وڃن يا نه پر بي بي شهربانو جي مقبري تي ضرور اچن ٿا، جيتوڻيڪ بيبي شهربانو جو مقبرو شهر کان پري، جابلو علائقي ۾ هڪ جبل تي آهي. اسان جي بس ڊرائيور کي رستي ڳولڻ ۾ ٿوري دقت ٿي پر نيٺ انهن جبلن جي قدمن وٽ پهچي ويو ۽ پوءِ جبلن جي چوڌاري وڪڙن وارن رستن تان ڦري مٿاهين ليول تي اچي پهتو. رستو ۽ پسگردائي ائين لڳي رهي هئي جيئن ملائيشيا جي گنتنگ هاءِ لئنڊ وارو پراڻو رستو يا ممبئي کان پوني ويندي رستي تي کنڊيالا واري هل اسٽيشن وارو رستو. جبل تي جتي بس ڇڏيو ان بعد به ڪيتريون ڏاڪڻيون چڙهي هن جبل جي چوٽيءَ تي پهتاسين. مون هن هنڌ جون ڪيتريون ئي تصويرون ورتيون ان بعد اولهه ڏي منهن ڪري سج جي ڳاڙهي ٿالهه کي افق جي پويان غروب ٿيڻ جو نظارو ڏسڻ لڳس. هيٺ گهڻو پري تهران جا حاجي آباد، تقي آباد، زور آباد ۽ ڪاروان علائقا آهن، ائين جيئن ڪراچي جي هل پارڪ مان ڊرگ ڪالوني، نرسري، محمود آباد، چنيسر ڳوٺ جهڙا علائقا نظر اچن پر هيءَ پهاڙي ڪراچي جي هل پارڪ کان گهڻو گهڻو مٿاهين آهي. منهنجي سامهون بيٺل خيرپور پاسي جا ٽي سنڌي دوست ممتاز ميراڻي، ڊاڪٽر شاهد ۽ ڪريم بخش راڄپر اسانجي انگريزي ڳالهائيندڙ ڊرائيور کان شايد پڇي رهيا هئا ته هتي دفن ٿيل بيبي شهربانو ڪير آهي، يا هو شايد پاڻهي ئي هنن کي بيبي شهربانو ٻڌائي رهيو هو.
 
”تاريخ جي هيڏي اهم شخصيت کان توهان واقف نه آهيو؟“ ڊرائيور چيو.” هيءَ بي بي شهربانو اسان جي ٽئي امام حضرت امام حسين ابن علي (۶۸۰-۶۲۶) جي گهرواري هئي، جنهن چوٿين امام علي ابن حسين (زين العابدين) کي ۶۵۸ ۾ جنم ڏنو.“
” پر هيٺ بيٺل هڪ ٻئي ايراني گائيڊ ٻڌايو ته بي بي شهربانو آتش پرست ايراني هئي.“ اسان جي پاڪستاني همراهن مان هڪ چيو.
”بلڪل صحيح آهي هن توهان کي“ ڊرائيور سگريٽ جو آخري ڪش هڻي ان کي پيرن هيٺان چيڀاٽيو، ”بي بي شهر بانو شادي کان اڳ زوروسٽرن (باهه جي پوڄاري) ۽ اسان جي ملڪ جي شهزادي هئي. هوءَ ايران جي آخري ساساني شهنشاهه يزدگرد سوم جي وڏي ڌيءَ دختر جهان شاهه (دنيا جي بادشاهه جي ڌيءَ هئي)“
مون هن جبل جي چوٽيءَ تان چوڌاري پري پري تائين نظر ڊوڙائي شهزادي شهربانو جو پيءُ شهنشاهه يزدگرد (جنهن جي لفظي معنيٰ الله جوڙيو يا الله ڏتو) ٿي، ابن ڏاڏن جي ۴۰۰ سالن کان هلندڙ ساساني گهراڻي جي حڪومت جو اوڻٽيهون ۽ آخري بادشاهه هو، جيڪو ۱۶ جون ۶۳۲ع تي ايران جي تخت تي ويٺو. پاڻ ساساني گهراڻي جي بيحد مشهور ۽ طاقتور بادشاهه خسرائو دوم ( جنهن ايران تي ۵۹۰ع کان ۶۲۸ع تائين حڪومت ڪئي)، ان جو پوٽو هو. شهنشاهه خسرو دوم ايران جو اهو شهنشاهه آهي، جنهن جي ڏينهن ۾ نبي ڪريم صه جن جي ۵۷۱ ۾ مڪي ۾ ولادت ٿي ۽ جڏهن چاليهه سالن جي ڄمار ۾ حضور صلعم جن تي ۶۱۱ ۾ وحي نازل ٿيو ته ان وقت خسرائو دوم جو والد هرمزد چهارم جي وفات ٿي چڪي هئي. ۽ خسرائو دوم تخت تي ويٺل هو، جنهن کي ڪجهه سالن کانپوءِ حضور صلعم جن اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت جو خط موڪليو هو، جنهن جي موٽ هن سٺي نموني نه ڪئي. انهن ڏينهن ۾ ايران (جيڪو پرشيا سڏبو هو) طاقت، علم، ايراضي ۾ دنيا جو ائين سپر پاور هو، جيئن اڄ آمريڪا آهي، جنهن جي اڳيان عربستان ائين هو جيئن اڄ جو فجي نيپال يا هائيتي جهڙو ڪو ملڪ آمريڪا اڳيان آهي. ڪنهن ٿي سوچيو ته دنيا جو هي طاقتور ملڪ پرشيا جنهن جي حدن ۾ عراق، ڪويت، افغانستان، آذربائيجان ويندي اڄ جي پاڪستان ۽ انڊيا جو ڪجهه حصو اچي ٿي ويو، فقط ٽن ڏهاڪن اندر هڪ عرب رياست کان شڪست کائي ويندو، ۽ پنج سئو سالن کان به مٿي لڳاتار ٻرندڙ آتش پرستن جي باهه، اجهامي ويندي ۽ هن ملڪ جا ماڻهو نه فقط اسلام قبول ڪندا پر مثالي مسلمان ثابت ٿيندا، عالم، زاهد، پرهيزگار متقي پيدا ٿيندا.
حضور صلعم جن جي وفات کان فقط ڪجهه سال پوءِ جڏهن حضرت عمر فاروق خليفو هو ته هن جي ڏينهن ۾ سعد ابن ابي وقاص جي اڳواڻي ۾ مسلمانن ۶۵۰ ڌاري ايران تي عراق ۽ ڪويت واري پاسي کان حملو ڪيو. انهن ڏينهن ۾ عراق، ڪويت ۽ اڄ واري سعودي عرب جو اتراهون حصو به ساساني حڪومت هيٺ هو، يعني پرشيا جو حصو هو. عربن جو هي حملو ڪافي طاقتور هو ۽ ان وقت جو ايراني شهنشاه، بيبي شهربانو جو پيءُ يزدگرد سوم مقابلو ڪري نه سگهيو ۽ عرب اهو سڄو علائقو آساني سان فتح ڪري ويا. ساساني گهراڻي جي حڪومت جيڪا ۴۰۰ سالن تائين رومين جو مقابلو ڪندي رهي، ان حڪومت جي بادشاهه يزدگرد سوم پنهنجن وڏن جو گادي وارو شهر ۽ انهن ڏينهن ۾ دنيا جو وڏي ۾ وڏو شهر طيسفون (Ctesiphone) ڇڏي ايران جي اندرين علائقن ۾ وڃي پناهه ورتي. جتي هن کي هڪ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ مزور ۶۵۱ ۾ قتل ڪري ڇڏيو. ان سان گڏ ساسانين جي ساڍا چار صديون کن حڪومت جو خاتمو ٿي ويو. جنگي قيدي جيڪي مديني پهچايا ويا، انهن ۾ هن ساساني بادشاهه يزدگرد جي وڏي ڌيءَ به هئي. سڀ اچي مديني جي مسجد ۾ گڏ ٿيا ته قيدين بابت وقت جو خليفو ڪهڙو فيصلو ٿو ڪري. چون ٿا ته حضرت عمر جو اهو ارادو هو ته جنگ ۾ قبضي آيل سمورن قيدين جو نيلام ڪيو وڃي ۽ جيڪو وڏو واڪ ڏئي ان جو اهو غلام ٿئي. ان تي حضرت علي صلاح ڏني ته ڇوڪرين کي پنهنجي مڙس چونڊڻ جو حق ڏنو وڃي. سڀني اها ڳالهه قبول ڪئي. حضرت عليءَ ان بعد شهزادي شهربانو کي مڙس چونڊڻ لاءِ چيو. شهزادي شهربانو ميڙ ۾ بيٺل ماڻهن مان هڪ هڪ کي ڏسندي وڌندي رهي، آخر هڪ هنڌ هن جون اکيون ڄمي ويون” مون هن شخص کي هن کان اڳ خواب ۾ به ڏٺو آهي“ شهزاديءَ چيو سڀني مڙي ان شخص ڏي ڏٺو، اهو حضرت علي جو فرزند امام حسين هو. حضرت علي پنهنجي پٽ امام حسين کي چيو ته تو کي هن مان اعليٰ ٻار پيدا ٿيندو. ان بعد حضرت علي شهزاديءَ جي ويجهو اچي هن کان نالو پڇيو. ”منهنجو نالو دختر جهان شاهه آهي“ شهزادي ٻڌايو.
”۽ هاڻ اڄ ڏينهن کانپوءِ توکي شهربانو جي نالي سان سڏيو ويندو“ حضرت علي چيو.
(مٿيون ڳالهيون جن مختلف ماڻهن ٻڌايون، اهي منهنجا ايراني گائيڊ ۽ واقفڪار حوالي طور هيٺيان ڪتاب ٻڌائين ٿا)
الدرجات اولرافي
موجم البلادان
نهج البلاغه
نفس الرحمان، وغيره.
هن شاديءَ مان، امام حسين کي علي زين العابدين پٽ ڄائو جيڪو شيعن جو چوٿون امام سڏيو وڃي ٿو. هونءَ زباني زباني ته ڪيتريون ئي ڳالهيون هتي ايران ۾ ايندڙ ڌارين ملڪن جي زائرين ۽ مڪاني ماڻهن کان ٻڌجن ٿيون ۽ اها ڳالهه پڻ هتي عام آهي ته حضرت فاطمه زهره (امام حسين جي والده محترمه) عربن جي ايران تي ڪاهه کان اڳ شهربانوءَ کي خواب ۾ نظر آئي ۽ کيس چيو ته توکي خوش ٿيڻ کپي جو تنهنجي مقدر ۾ نامياري شادي آهي. ان خواب ۾ شهربانو کي سندس مستقبل جي گهوٽ امام حسين عه جي به تصوير ڏيکاري وئي هئي.
هتي ايران جي مختلف لئبررين ۾ موجود ڪتابن ۾ هن بيبي بابت مختلف ڳالهيون لکيل نظر اچن ٿيون. هڪ هنڌ پڙهيم ته شهربانو جي والد، ايران جي شهنشاهه يزدگرد سوم جي شڪست بعد جڏهن شهربانو ۽ شاهي خاندان جي ٻين ماڻهن کي قيدين طور فاتح عرب فوج مديني پهچايو ته پرشيا جي هارايل حاڪم يزدگرد سوم جي ڌيءَ شهربانو کي ڏسڻ لاءِ ماڻهن جا انبوه اچي گڏ ٿيا، خليفي عمر ابن الختاب حڪم ڪيو ته شهنشاهه عالي جي ڌيءَ کي هن اڳيان پيش ڪيو وڃي. سپاهين شهر بانو کي خليفي جي اڳيان آندو، جنهن هن جو نقاب هٽايو ته شهزادي انکي واپس ڇڪي چيو ته ”وي ! روئي هرمز سياه شد!“
خليفي سمجهيو ته شهزادي شايد سندس بي عزتي ڪئي آهي ۽ شهزادي کي ان جي سزا لاءِ قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر حضرت عليءَ کين يڪدم ٻڌايو ته هن جو ان فارسي جملي مان ڪوبه اهڙو مطلب نه هو. ان بعد حضرت عمر شهربانو کي نيلام ڪرڻ جو ارادو ڏيکاريو، جيڪو پوءِ حضرت علي جي صلاح سان نڪاح جو فيصلو ٿيو، جنهن لاءِ شهزاديءَ حضرت امام حسين جو انتخاب ڪيو.
روايتن موجب اهو پڻ ٻڌايو ٿو وڃي ته ڪربلا جي ميدان ۾ جتي ۱۰ آڪٽوبر ۶۸۰ تي حضرت امام حسين شهادت ورتي اتي مڙس سان گڏ بي بي شهربانو به موجود هئي. حضرت امام حسين جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ بيبي شهربانو کي پنهنجي مشهور گهوڙي ذوالجناح تي ويهاريو ۽ کيس سندس سلامتيءَ لاءِ پنهنجي اباڻي وطن ايران وڃڻ لاءِ چيو.
”تون شهزادي آهين ۽ اسان جي قوم مان به نه آهين“ امام حسين شهربانو کي چيو. ”۽ نه وري هيءَ جنگ تنهنجي آهي.“
هوءَ هن تيز رفتار گهوڙي تي چڙهي ايران جي ان وقت جي مشهور شهر ري (Ray) ۾ پهتي. تن ڏينهن ۾ تهران اڃا مشهور نه ٿيو هو. هي شهر ري، جيڪو اڄ ڪلهه تهران جو حصو بڻجي ويو آهي، تهران کان ائين پري هو جيئن انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت ( ۱۸۴۳) ۾، ڪراچي جو تن ڏينهن جو ننڍڙو شهر (يعني کارادر ۽ ميٺادر واري علائقي تي مشتمل) ملير کان هو. ري پهچڻ تي شهربانو جي جان بخشي نه ٿي سگهي، دشمن هن جي ويجهو اچي ويا، جن کان لڪڻ لاءِ هوءَ هن پهاڙيءَ تي چڙهي وئي. اسان جي گائيڊ محمد علي ۽ سندس دوست مستان علي ٻڌايو ته دشمنن جي هتي پهچڻ تي جبل ڦاٽي پيو ۽ بي بي شهربانوءَ کي ڳرڪائي ڇڏيو ۽ دشمن هٿ مليندا رهجي ويا.
۽ اڄ جنهن قافلي سان گڏ آئون سفر ڪري رهيو آهيان، ان جا ماڻهو هن بيبي جي جبل جي چوٽي تي ان هنڌ ويهي پري کان تهران جو نظارو ڪري رهيا آهن جتي جبل ۾ ڏار آهي ۽ روايتن موجب جتي هيءَ فارس جي ايراني شهزادي ۽ اسلام خاطر سر قربان ڪرڻ ۽ حق جي جنگ وڙهڻ واري حضرت امام حسين جي نيڪ زوجه، جنهن شيعن جي چوٿين امام علي زين العابدين کي جنم ڏنو، دفن ٿيل آهي. ڪي روايتون اهو به بيان ڪن ٿيون ته بي بي شهربانو علي زين العابدين کي ۶۵۸ع ۾ جنم ڏيڻ بعد سگهو ئي وفات ڪري وئي ۽ ۶۸۰ (ڪربلا جي ميدان تائين زنده نه رهي هئي.)
ڪو زمانو هو، جڏهن ستر واري ڏهي ۾ جهاز هلائي جيان جپان پاسي ايندو هوس ته ايران جي ان وقت جي جهازن جي آريا ڪمپني (يعني شهنشاهه پهلوي دور) جا ايراني جهازي اهو ٻڌائي فخر محسوس ڪندا هئا ته سندن چوٿين امام (شهربانو جي فرزند علي زين العابدين) کان ٻارهين (آخري) امام تائين ايران (پرشيا) جي شاهي خاندانن مان آهن جي جي اسلام کان اڳ ايران (Persia) تي سلطنت هئي. پر هاڻ هتي پهچي ڏسان پيو ته اڄ جي ايرانيءَ جي ان سلسلي ۾ راءِ ڪافي بدليل نظر اچي ٿي، جنهن لاءِ هتي جي عالمن ۽ ڏاهن علي شريئتي ۽ آيت الله مطاهري جو خيال آهي ته اهي روايتون ڪمزور آهن. هو ته اهو به چون ٿا ته شهربانوءَ جو ساساني شهزادي هجڻ واري ڳالهه ۾ گمان آهي پر ڪي فارسي زبان جا ڄاڻو ۽ علم جا محقق المباراد، الديناوري ۽ ويندي علامه تابا تابائي (جنهن بابت شروع ۾ لکي چڪو آهيان ۽ جنهن جي نالي تهران ۾ تابا تابائي يونيورسٽي پڻ آهي) مٿين عالمن سان Dis agree ڪن ٿا. هنن جو اهو ئي چوڻ آهي ته شهربانو شيعن جي چوٿين امام علي زين العابدين جي واقعي والده هئي. اهائي ڳالهه ڪيترائي سني عالم به ڪن ٿا، جنهن لاءِ هو قبوص نامي جي ٻاويهين باب جو حوالو ڏين ٿا، جنهن ۾ حضرت سلمان فارسي جي پڻ ان شادي لاءِ دلچسپي يا صلاح مشوري جو ذڪر ڪن ٿا. مشهور اصحابي سلمان فارسي حضرت عمر جي ڏينهن ۾ حيات هو. چون ٿا ته هن سئو ورهن کان به مٿي ڄمار ماڻي ۽ سن ۶۵۵ ڌاري وفات ڪئي جڏهن حضرت عثمان رضه مسلمانن جو خليفو هو. ان بعد سگهو ئي ۶۵۶ ۾ حضرت عثمان جي شهادت ٿي ۽ ۶۶۱ تائين حضرت علي شيعن جو پهريون امام، عالم اسلام جو چوٿون خليفو ٿي رهيو. هونءَ شروع جي راوين، خاص ڪري ابن سعد ۽ ابن قطيبه جي حوالن سان اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته حضرت امام حسين جي زال هڪ غلام ڇوڪري هئي جنهن جو سنڌ سان تعلق هو. مٿيان راوي هن جي شهزادي هجڻ جو ڪو اشارو نٿا ڪن. دراصل پهريون اسڪالر جنهن حضرت امام حسين جي گهرواريءَ جو تعلق ساساني شاهي گهراڻي سان هجڻ جي ڄاڻ ڏني اهو نائين صدي جو عالم زبان موبارد هو.

No comments:

Post a Comment