Thursday, February 03, 2011

آستان شاهه عبدالعظيم ۽ تغرل ٽاور - الطاف شيخ

آستان شاهه عبدالعظيم ۽ تغرل ٽاور
الطاف شيخ
تهران ۾ بي بي شهربانو جي آخري آرامگاهه کانپوءِ اسان جي ٻي منزل آستان مقدس حضرت عبدالعظيم هو. اسان جي بس ساڳيا لنگهه ۽ رستا وٺي جبل تائين هيٺ لهڻ لڳي. اسان جي قافلي ۾ موجود سڀ ماڻهو ڪراچي جا هئا. ڪراچي اهو شهر آهي جيڪو ڪنهن پهاڙي تي ته ناهي پر سطح سمنڊ کان به هيٺ آهي. يعني سمنڊ کان وڏي ڇول اچي ته ڪراچي شهر نه فقط ٻڏي وڃي پر اهو پاڻي واپس به نه موٽي سگهي. سو ظاهر آهي ان شهر ڪراچي جي ماڻهن لاءِ بي بي شهربانو جو اتاهين جبل تي مقبرو يا ٻيون اتاهيون جايون (جن سان ايران ڀريو پيو آهي) لطف ڏين ٿيون. اسان کي اڄ رات قم وڃڻو هو پر ان کان اڳ ڪراچي جي الحرمين ٽريول ايجنسي وارن تهران جي پسگردائي واريون ڪجهه زيارتون گهمائڻ لاءِ هن خاص بس جو انتظام ڪيو هو.
 
اسان جي بس ڪوه شهربانو نالي جبلن تان لهي هيٺ جاده بي بي شهربانو (روڊ) تي آئي جنهن تان پوءِ ٻئي وڏي رستي جاده ڪارخانه سيمان ۽ جاده امين آباد (رستن) تي آئي ۽ اولهه طرف شهر ري علائقي ڏي هلڻ لڳي. دراصل تهران ويهه کن ننڍن ضلعن ۾ ورهايل آهي، جن مان هڪ ضلعو ”شهر ري“آهي. جيئن کڻي چئجي ته ڪراچي جو ضلعو ملير آهي ري شهر جنهن کي انگريزي ۾ Ray، Rayy ۽ ويندي Rhages لکيو وڃي ٿو، تهران کان به جهونو شهر هو، جيئن ملير ڪراچي کان به جهوني بستي آهي. تهران ته ڄڻ ته ڪالهوڪو شهر آهي. ري شهر ائين آهي جيئن ڪراچي جي مقابلي ۾ ڀنڀور ۽ ديبل. پر ري ته موهن جو دڙي وانگر ۵۰۰۰ سال پراڻو شهر آهي، جنهن جو ذڪر هڪ ايراني لسانيت جي ماهر ٻڌايو ته بائيبل ۾ به اچي چڪو آهي (Judith ۱:۵,Tobit ۱:۱۴) هي ”شهر ري“ آتش پرست ڌرم وارن جو مرڪز هو. منگولن جي حملي بعد ري شهر جو شان شوڪت ويو گهٽبو، ۽ ان سان گڏ ڀرواري شهر تهران جي اهميت وئي وڌندي. اڄ تهران جو شهر ڪراچي وانگر ايڏو ته وڏو ٿي ويو آهي جو ري شهر ان جو حصو بڻجي ويو آهي. تاريخي شين ۾ ري گهڻن جهونن شهرن کان وڌيڪ مالا مال آهي. دراصل بيبي شهربانو جو مقبرو به ري شهر ۾ ٿو اچي. هتي ٻارهين صدي جو برج تغرل ٽاور پڻ آهي، جيڪو سلجوق گهراڻي جي بادشاهه تغرل بيگ جي حڪم سان ٺهرايو ويو هو، جڏهن هن ايران جي گادي جو شهر نيشاپور مان بدلائي ري (Rayy) ۾ ڪيو. هي ٽاور ويهه ميٽر ڊگهو آهي ۽ سندس ٻاهريون حصو ۲۴ حصن ۾ ورهايل آهي. هتي جي ري بازار ۽ شاهه عباسي ڪاراوان سراءِ به جهونيون عمارتون آهن. چشمه علي جي ٽڪري به ري جي جهونين شين مان آهي، جنهن جي کوٽائي ۱۹۳۳ع ۾ شروع ڪئي وئي، جنهن مان ڪيتريون ئي شيون ۷۰۰۰ سال پراڻيون مليون آهن. يعني موهن جي دڙي کان به پراڻيون. چيو وڃي ٿو ته هي علائقو ۶۰۰۰ سال کن اڳ آرين جي بيٺڪ هو. هتي جي هڪ پهاڙي تي قاچار گهراڻي جي شهنشاهه فتح علي شاهه ۽ ڪجهه شهزادن جون تصويرون آهن. اسان کي شاهه عبدالعظيم جي کوٽايل مقبري تي وڃڻو هو، جنهن کي بقول هتي جي ڊرائيور جي حضرت عبدالعظيم سڏين ٿا. هي مقبرو ري بازار جي بلڪل ڏکڻ ۾ آهي ۽ اسان جو ڊرائيور ذڪريا بس کي رازي روڊ ۽ ميدان شهر ري واري چوراهي وٽان ڦيرائي شهيد تبريزي روڊ ۽ هلال احمر روڊ تان ڦري اچي آرامگاهه حضرت عبدالعظيم تي لاٿو.
هونءَ ڏٺو وڃي ته ڌارين ملڪن کان ايندڙ زائرين، تهران جي مرڪزي شهر کان وڌيڪ، تهران جي هن ڏاکڻي حصي ري شهر ۾وڌيڪ اچن ٿا، جتي بي بي شهربانو، حضرت عبدالعظيم ۽ ان سان گڏ امامزاده حمزه ۽ امامزاده طاهر جا مقبرا آهن، جيڪي ماڻهن جي لاءِ ڪشش جو سبب آهن.
حضرت عبدالعظيم امام حسن جي اولاد مان آهي، پاڻ ۹ صدي ۾ هتي ري شهر ۾ شهيد ٿيو هو. سندس والد جو نالو عبدالله ۽ والده جو فاطمه بنت عقبيٰ ابن قيس هو. پاڻ ۱۷۳ هجري ۾ مديني ۾ ڄائو ۽ زندگي جي ۷۹ سالن ۾ هن چار امام ڏٺا. امام موسيٰ ڪاظم، امام علي رضا، امام محمد تقي ۽ امام علي الهادي ۽ هنن امامن کان هن ڪافي ڪجهه پرايو. ايتريقدر جو امام علي هادي ڪيترا دفعا مسئلا پڇڻ وارن ماڻهن کي حضرت عبدالعظيم ڏي موڪليندو هو. پاڻ وقت جي خليفي، خاص ڪري متوڪل جي ظلمن کان جان بچائي، مديني مان نڪري هتي ري شهر ۾ اچي رهيو هو.
حضرت عبدالعظيم جو هي مقبرو ايراضي، عمارتسازي توڙي رنگ روغن، ڪاشي ۽ چٽسالي جي خيال کان ڏسڻ وٽان آهي. شايد ان ڪري هن کي ڏسڻ لاءِ نه فقط مسلمان اچن ٿا پر ڪيترائي يورپي ۽ آمريڪي غير مسلم به اچن ٿا. خوبصورت ڪاشيءَ جي ڪم مون کي به ڏاڍو متاثر ڪيو. مشهد ۾ امام رضا جي روضي ۾ ته ڪئميرا سان فوٽو ڪڍڻ جي اجازت نه هئي پر هتي فوٽو گرافي کان منع نه هجڻ ڪري سڀ کان گهڻا فوٽو هتي ڪڍي سگهيس- خاص ڪري رنگين ڪاشي جي سرن جا- جن جا چهڪندڙ ۽ شوخ رنگ ۽ ڊيزائنون ڏسڻ وٽان آهن. اتي ئي ڀر ۾ شيعن جي اٺين امام علي رضا جي ڀاءُ امامزاده حمزه ۽ امام سجاد جي پٽ امامزاده طاهر جا مقبرا پڻ آهن. مقبري جي ڀرسان ٺهيل مسجد، ان جا منارا، مقبري جا قبا ۽ گنبذ ۽ ٻيون مختلف شيون سلجوق، صفوي ۽ ٻين دورن جي شهنشاهن جي ڏينهن ۾ ٺهيل آهن ۽ ڪٿي ڪٿي ان وقت جا عيسوي سن به لکيل نظر اچن ٿا. جيئن ته ڪاٺ جي هڪ قيمتي پيتي تي نستلق ۽ تلٿ لکڻين بعد آخر ۾ ۱۳۳۰ع سن لکيل آهي. نصيردين شاهه جي مقبري جي اندرين در تي (جنهن عمارت لاءِ گائيڊ ٻڌايو ته ان کي شروع ۾ مسجد هلاڪو سڏيو ويو ٿي) ان تي ۱۴۵۰ع جو سن لکيل آهي، جيڪو تيمور گهراڻي جي حاڪم شاهه رخ بهادر جي حڪومت جو دور آهي، جنهن جي زال گوهر شاد مشهد ۾ امام رضا جي روضي ڀرسان پنهجي نالي واري مسجد گوهر شاد ٺهرائي. ان کان علاوه ٻن لوهي دروازن تي سلجوق دور جو سن ۱۵۳۸ اڪريل آهي.
حضرت عبدالعظيم جي روضي وٽ جيڪو نصير دين شاهه جو مقبرو آهي، اهو ڪاچار گهراڻي جو پنجون بادشاهه هو. پاڻ شهنشاهه محمد شاهه ڪاچار جو پٽ هو ۽ ۱۸۳۱ ۾ ڄائو ۽ ايران جي تاريخ ۾ هي سڀ کان وڏو عرصو بادشاهه ٿي رهيو، يعني ۱۸۴۸ع کان وٺي ۱۸۹۶ع تائين جڏهن هن کي مرزا رضا ڪرمانيءَ ان وقت قتل ڪيو جڏهن هو هتي (حضرت عبدالعظيم جي مقبري واري مسجد هلاڪو ۾) نماز پڙهي رهيو هو. چون ٿا ته قاتل مرزا رضا ڪرماني جمال الدين افغاني جو پوءِ لڳ هو. نصيردين شاهه کي هتي ئي حضرت عبدالعظيم واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. نصيرالدين شاهه جي مقبري وٽ سندس وڏي مورتي (Statue) به رکيو ويو هو، جيڪو اڄ ڪلهه تهران جي گلستان محل ميوزيم ۾ آهي.
هتي جڏهن هن ڪاچاري شهنشاهه نصيرالدين شاهه جي ڳالهه نڪتي آهي ته پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ اهو به لکندو هلان ته نصيرالدين شاهه جي والد شهنشاهه محمد شاهه کي اٺن زالن مان نصيرالدين شاهه سميت ويهه ٻار هئا، ان کان علاوه چار ٻيون زالون هيون، جن مان ڪو اولاد نه هئس. انهن ۲۰ ٻارن مان ست ٻار ته ننڍي عمر ۾ ئي گذاري ويا هئا، بچيل ٻارن مان جيڪي اهم ۽ مشهور ٿيا، انهن مان هڪ نصيرالدين شاهه هو، جيڪو پيءُ جي وفات بعد ايران جو بادشاهه ٿيو. ٻين ٻارن ۾ عباس (ملڪ آرا) عبدالصمد ۽ محمد تقي مرزا مشهور ٿي گذريا آهن.
هتي ئي ري شهر ۾ جتي حضرت عبدالعظيم جو مقبرو آهي، ۹۵۰ سال کن پراڻو سرن جو ٺهيل ۲۰ ميٽر ڊگهو ٽاور ٺهيل آهي، جنهن لاءِ هن مضمون جي شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته برج تغرل سڏجي ٿو جيڪو سلجوق گهراڻي جي ٻئي حاڪم تغرل بيگ جي ياد ۾ ٺهيل آهي، جيڪو ۲۶ ورهين جي ڄمار ۾ ۱۰۱۶ع ۾ ايران جو بادشاهه ٿيو ۽ هن شهر ري (Rayy) ۾ ۱۰۶۳ع ۾ وفات ڪيائين. ٻين منارن ۽ مقبرن وانگر هن ٽاور جي مٿان به بعد ۾ گنبذ ٺهرايو ويو هو، جيڪو پوءِ زلزلي ۾ ڪري پيو ۽ هاڻ وري هي اصلي صورت ۾ آهي. هن ٽاور جو ٻاهريون ڊاياميٽر ۱۶ ميٽر آهي ۽ ۲۴ ڪنڊن واري هن مينار جي ٿولهه ڏيڍ کان اڍائي ميٽرن تائين آهي.
تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هتي ڪجهه سٽون تغرل بيگ بابت لکڻ بيسود نٿو سمجهان، ايران تي سلجوق گهراڻي جي بادشاهن جي ڏيڍ سئو کن سال (۱۰۲۹ کان ۱۱۹۴ تائين) حڪومت هلي جنهن ۾ تغرل بيگ نالي سان ٽي بادشاهه ٿيا. هڪ پهريون تغرل بيگ بن ميڪائيل جنهن هن گهراڻي جو بنياد وڌو. هو ۹۹۰ ۾ ڄائو ۽ ۱۰۳۷ کان ۱۰۶۳ تائين سلطان رهيو ۽ هي مينار هن تغرل بيگ جي ياد ۾ ري شهر ۾ ٺهيل آهي. هن تغرل بيگ پرشيا (ايران) کي فتح ڪرڻ بعد ۱۰۵۵ ۾ عباسين جي گادي واري شهر بغداد تي قبضو ڪري ورتو ۽ هن دور ۾ عباسي خاندان جا خليفا فقط Figure heads وڃي رهيا هئا ۽ خليفن جي ملٽري فوج وغيره تغرل جي حڪم جي باندي ٿي پئي، جنهن رومن سلطنت ۽ فاطمي حڪومت سان ويڙهه ڪري پنهنجي حڪومت جا بارڊر وڌايا ۽ اسلامي دنيا ۾ ايڪو پيدا ڪيو. شايد ان بهادري ڪري تغرل بيگ اسان وٽ به هيرو مڃيو وڃي ٿو ۽ اسان جي بحري فوج جي هڪ جهاز جو نالو تغرل به رهيو آهي.
تغرل بيگ جو قصو ان ڪري به کڻي ويٺو آهيان ته زماني جي گردشن جا ڪهڙا ڪهڙا ته چڪر آهن! ڪڏهن ڪو تخت تي آهي ته ڪڏهن تختي تي. ايران جو حاڪم محمود غزنوي جنهن هندستان ۾ به ڏهڪاءُ مچائي ڇڏيو هو، جنهن ايران، افغانستان، هند سنڌ لتاڙي جهونا ڳڙهه جي سومناٿ مندر مان جڏهن چاهي ٿي ڦرلٽ ڪئي ٿي ۽ هن اهوئي سمجهيو ٿي ته هو ايڏو طاقتور ۽ مال ملڪيت وارو ٿي ويو آهي، جو هن جون ست پيڙهيون وڏي رعب تاب سان هن سڄي ريجن تي حڪومت ڪنديون رهنديون، ان جي وفات بعد سندس پٽ مسعود غزنوي تخت تي ويٺو ته هن تغرل بيگ جنهن جي محمود غزنوي زندگي زهر ڪري ڇڏي هئي، تنهن يڪدم خراسان جي اهم شهرن نيشاپور ۽ مرو (Merv) تي حملو ڪري پاڻ کي نيشاپور جو سلطان سڏايو. هي ۱۰۳۷ع ۽ ۳۸ جي ڳالهه آهي. ٻن سالن بعد يعني ۱۰۴۰ ۾ هن غزنوي حڪومت جي باقي اهم شهرن بلخ ۽ بخارا تي اهڙي زور زبردستي ڪئي جو محمود غزنوي جي پٽ مسعود غزنوي کي لڪڻ جي جاءِ نه پئي ملي ۽ اتان ڀڳو آهي ته اچي لاهور ۾ پناهه ورتي اٿس. ۱۰۵۸ ۾ تغرل بيگ عباسي خليفي القائم جي چوڻ تي فاطمي خليفي کي شڪست ڏيئي بغداد ۾ داخل ٿيو، ان بعد هن عباسي خليفي القائم جي ڌيءَ سان شادي ڪئي.
اسان جيسين حضرت عبدالعظيم جي مقبري جي مختلف حصن کي ڏسي رهيا هئاسين ته اسان جا گائيڊ محمد علي رضوي ۽ عابد جعفري هن مقبري جي اتر ۾ هتي جي وڏي ري بازار مان اسان لاءِ گرم گرم نان ۽ ڪواب وٺي آيا. جيئن ئي بس ۾ چڙهياسين ته هر هڪ کي الڳ الڳ پاڪيٽ ڏنو ويو، جنهن ۾ جيوس جو دٻو ۽ مٺي ۾ سوهن حلوي جو ٽڪرو به هو. مون کي ان ڏينهن خبر پئي ته هي جو ڪراچي سوهن حلوي کان مشهور آهي، اها دراصل ايران جي اسپيشلٽي آهي. ماني کائي بس ڪئيسين ته محمد علي بس ڊرائيور کي اڳتي جي منزل يعني قم شهر هلڻ لاءِ چيو. ڊرائيور پهرين هڪ فارسي گانن جو ڪئسٽ آن ڪيو، ان بعد بس اسٽارٽ ڪئي.

No comments:

Post a Comment