Thursday, February 03, 2011

ايران جا بادشاهه- شاهن جا شاهه - الطاف شيخ

ايران جا بادشاهه- شاهن جا شاهه
الطاف شيخ
ايران جي تاريخ بادشاهن ۽ حاڪمن، شاهن ۽ شهنشاهن ۽ انهن جي سٺاين ۽ خرابين، ڦڏي بازين ۽ سازشن، آرٽ ۽ ڪلچر کي فروغ ڏيارڻ ۽ قتل و غارت سان ڀري پئي آهي. ايران تي هلندڙ بادشاهي دور عيسوي سن کان به ۳۰۰۰ سال اڳ جو شروع ٿيل آهي، جڏهن ايلامي سلطنت هئي. سنئون سڌو هڪ هڪ بادشاهه جو رڪارڊ هخامنشي گهراڻي کان موجود آهي، جنهن جا شروعاتي حاڪم سائرس اول، ڪئمبيس، داريوس اڄ تائين مشهور آهن، جن حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان به اڌ صدي اڳ پرشيا (ايران) تي راڄ ڪيو ٿي. ان بعد سڪندر اعظم جيڪو سنڌ تائين آيو ان ايران تي حملو ڪري پنهنجي يوناني ماڻهن کي پرشياتي راڄ ڪرڻ لاءِ راهه هموار ڪئي ۽ جيئن انڊيا تي انگريزن ٻه سئو سالن کان مٿي عرصو حڪومت ڪئي تيئن يونانين ٻه سئو سالن کان مٿي عرصو حڪومت ڪئي تئين يونانين جي آرگياد ۽ سلوڪي گهراڻي جي حاڪمن پرشيا تي پوڻا ٻه سئو سال (۳۳۰ قبل مسيح کان ۱۶۴ قبل مسيح تائين) حڪومت ڪئي، ان بعد ۵۰۰ سالن تائين پار ٿياني گهراڻي جا ۴۰ کن بادشاهه ٿيا ۽ سندن حڪومت ۲۴۷ قبل مسيح کان ۲۲۴ عيسوي تائين رهي. ان بعد سوا چار سئو سال ساسانين جي حڪومت رهي. ساسانين جا به ٽيهن کان مٿي بادشاهه ٿيا ۽ ۲۲۴ عيسوي کان ۶۵۱ تائين ايران تي راڄ ڪيائون ان بعد حضرت عمر (ٻئي خليفي) جي ڏينهن کان ايران مڪمل طرح عربن جي حوالي ٿي ويو. اميه ۽ عباسي گهراڻي جي خليفن جي راڄ بعد ٻيا به ڪيترائي مسلمانن جا حاڪم گهراڻا پيدا ٿي پيا، جهڙوڪ علوي، طاهري، ظياري، بوئي، ديلامي، صفاري، سماني، غزنوي، سلجوق وغيره وغيره جن جي بادشاهن مان ڪي سڄي ايران (پرشيا) تي ته ڪي ان جي حصي تي حڪومتون ڪندا رهيا ۽ آخر ۾ ۱۹۷۹ع ۾ امام خميني جي اسلامي انقلاب آڻڻ کان اڳ آخري ٻه گهراڻا جن ايران تي بادشاهي هلائي اهي هئا، قاجاري گهراڻو ۽ پهلوي گهراڻو جنهن جو آخري حاڪم شاهن جو شاهه محمد رضا شاهه پهلوي هو. سائرس بادشاهه کان وٺي آخر تائين ڳڻيا وڃن ته ايران جي گذريل اڍائي هزار سالن جي تاريخ ۾ اڍائي سئو کان مٿي بادشاهه ٿيا. ۶۵۱ ۾ آتش پرست بادشاهه يزدگر سوم جي قتل بعد رضا شاهه پهلوي تائين سڀ مسلمان بادشاهه ٿيا، يا گهٽ ۾ گهٽ مسلمان سڏائڻ وارا حاڪم ٿيا، جن ۾ سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ جي باقين جا ڪم جڏا هئا ۽ سياست کي اسلامي رنگ ڏيئي پنهنجن جوئي ڳلو ڪپيندا رهيا. نادر شاهه، تيمور لنگ، محمود غزنوي جهڙا اسلام جي نالي ۾ هندستان جهڙن ملڪن جي ڦرلٽ ۽ تباهي ڪري پنهنجن کان تاڙيون وڄرائي پوءِ پنهنجن جو ئي قتل عام ٿي ڪيائون ۽ پنهنجي ملڪ جي ئي شهرن ۾ لکين ماڻهن جي کوپڙين جا اهرام ٿي ٺهرايائون. اسلام امن جو مذهب هوندي به هنن اڻڄاڻن ايترو به امن نٿي رکيو، جيترو ساساني دور ۾ حڪومت جي ۴۰۰ سالن ۾ باهه جي پوڄاري حاڪمن رکيو ٿي. نتيجي ۾ هند سنڌ جي مسلمان حاڪمن وانگر ايران جي به ڪيترن ئي بادشاهن اسلام جو نالو روشن ڪرڻ بدران ان کي بدنام ئي ڪيو. بس باقي اسان جي فيلڊ مارشل ايوب خان وانگر پنهنجي لقبن جو ئي واڌارو ڪندا رهيا. هخامنشي گهراڻي جي سائرس دوم ۽ دائروس اول ته پاڻ کي وڌ ۾ وڌ کڻي عظيم (The Great) سڏرايو، مقدونيا جي سڪندر به پاڻ کي دي گريٽ تائين محدود رکيو پر پوءِ اسان جي بعد وارن مسلمانن، عوام لاءِ خوشحالي آڻڻ کان وڌيڪ پنهنجي لقبن ۾ خوشحالي آندي. شاهه مان شهنشاهه ۽ جهان پناهه ٿيندا رهيا. هتي ڪاجار گهراڻي جي هڪ بادشاهه فتح علي شاهه قاجار جي عهدن جو مثال ڏيان ٿو. ايران تي قاچاري خاندان جي سوا صدي (۱۷۹۴ کان ۱۹۲۵ تائين) حڪومت رهي، جنهن ۾ ۸ کن اهم بادشاهه ٿيا. فتح علي شاهه ڪاچاري ٻي نمبر تي بادشاهه ٿيو، پاڻ ۱۷۷۲ ۾ ڄائو ۽ ۱۷۹۷ کان ۱۸۳۴ تائين ايران تي حڪومت ڪيائين. فتح علي جو اصل نالو بابا خان هو پر تاجپوشي مهل هو فتح علي شاهه سڏيو ويو. ان بعد آهستي آهستي هو پنهنجا لقب وڌائيندو ويو. آخر ۾ هن کي بابا خان چئي مخاطب ٿيڻ بدران هي لقب ۽ تعريفي صفتن سان نالو ورتو ويو ٿي.
 
ظل الله گتي ستان، سڪندر شاهان جام جاهه فريدون فار ڪسريٰ، شوڪت اسلام، پناهه شريعت، پناهه حافظ ملڪ اعظم، سلطان ابن سلطان، فتح علي شاهه قاچار.....

No comments:

Post a Comment