ايران جو اصحابي
الطاف
شيخ
ايران ۾ رهندي ۽ خاص ڪري اصفهان مان ايندي ويندي اسلامي تاريخ جي اهم شخصيت، اصحاب سڳوري ۽ اسان جي نبي ڪريم صلعم جي سچي عاشق حضرت سلمان فارسيءَ جو ذڪر نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندو.
حضرت سلمان فارسي اصفهان جي هڪ ڳوٺ جو رهاڪو هو انهن ڏينهن ۾ ايران ”پرشيا“ ۽ ”فارس“ جي نالن سان سڏيو ويو ٿي. سلمان هڪ آتش پرست جي گهر ۾ ڄائو جن جو ڌرم باهه جي پوڄا ڪرڻ هو. ڪجهه گهر يهودين ۽ عيسائين جا به هئا. ايران ۾ اسلام بعد ۾ (۶۵۰ ڌاري) آيو. سلمان فارسي کي ننڍي هوندي کان دين حق تي هلڻ جي جستجو هئي. هو پنهنجو ڌرم ڇڏي عيسائي پادرين ۽ راهبن جي پويان لڳو. هڪ راهب مرڻ وقت کيس چيو ته اي حق جي ڳولا ڪندڙ نوجوان هن وقت ان نبي آخرا لزمان جي پيدا ٿيڻ جو وقت ويجهو اچي ويو آهي، جيڪو ريگستان مان اٿي دين حنيف کي زنده ڪندو ۽ هو ان ڌرتي ڏي هجرت ڪندو، جتي ڪيترائي کجين جا وڻ هوندا.
سلمان فارسي ان اشاري تي منزلون ڪندو اچي يثرب کان نڪتو. رستي تي هن کي غلام بڻائي هڪ يهودي وٽ وڪيو به ويو پر آخر هن کي حضور صه جن سان ملاقات نصيب ٿي ۽ اسلامي نالي سلمان سان سڏجڻ لڳو. سلمان فارسي غلامي جي زندگي ۾ هجڻ ڪري بدر ۽ احد جي لڙائين ۾ ته حصو وٺي نه سگهيو، باقي پنجين هجري ۾ جيڪا خندق جي لڙائي لڳي ان ۾ بچاءُ خاطر خندق کوٽڻ جي سٺي راءِ سلمان فارسي پيش ڪئي ۽ مسلمانن کي سوڀ نصيب ٿي. ايران جو هي نيڪ انسان حضور صلعم جن کي ايڏو ته پيارو هو جو هڪ دفعي جڏهن مديني جي مهاجرين ۽ انصار ۾ اچي بحث ٿيو ته ”سلمان فارسي رضه ڪنهن سان گڏ آهي؟“ حضور اڪرم صلعم جن اهو بحث ٻڌو ته فرمايو: ”سلمان من اهل البيت“ (سلمان منهنجي اهل بيت مان آهي). سلمان فارسي جو عشق رسول صه ۽ شوق جهاد ڏسي هڪ دفعي حضور صلعم جن فرمايو “ جنت ٽن ماڻهن جو اشتياق رکي ٿي، علي رضه، عمار رضه ۽ سلمان رضه. هڪ ٻئي موقعي تي حضور صلعم جن کين سلمان الخير جو لقب عطا ڪيو.
حضور اڪرم صلعم جن جي رحلت کانپوءِ سلمان فارسي رضه وڏي عرصي تائين مديني ۾ رهيو. حضرت عمر فاروق جي عهد خلافت ۾ هن عراق ۾ ئي رهڻ پسند ڪيو. ايران تي حملي وقت (جڏهن ايران جو آتش پرست ساساني حاڪم يزدگر سوم هو) سلمان فارسي به مجاهدين اسلام ۾ شريڪ هو. حضرت عمر ان بعد کيس مدائن جي گورنري پڻ ڏني، هن مرد درويش گونري وارن ڏينهن ۾ به سادگي کان ڪم ورتو. سڄو پگهار غريبن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. پيٽ گذر لاءِ تونئريون ۽ تڏا ٺاهي وڪڻندو هو، ڪنهن سان به تکو نه ڳالهائيندو هو.
هڪ ڏينهن ڪنهن شخص سلمان فارسي رضه کي گهٽ وڌ ڳالهايو. جواب ۾ وراڻيائنس ”منهنجا ڀاءُ جيڪڏهن قيامت جي ڏينهن منهنجي گناهن جو پڙ ڳرو هوندو ته تو جيڪي ڪجهه چيو آهي منهنجي حالت ان کان به خراب هوندي ۽ جي منهنجي گناهن جو پڙ هلڪو هوندو ته تنهنجي ان بدشد ڳالهائڻ کان آئون ڇو گهٻرايان.
حضرت سلمان فارسي ۳۵ هجري ۾ وفات ڪئي. انهن ڏينهن ۾ حضرت عثمان رضه جو دور خلافت هو. کين اتي مدائن شهر ۾ ئي دفن ڪيو ويو، جيڪو اڄ ڪلهه عراق ۾ اچي ٿو وڃي. پاڻ قرآن جو ڪجهه حصو فارسي ۾ پڻ ترجمو ڪيائين بلڪه چون ٿا ته سلمان فارسي پهريون ماڻهو آهي، جنهن قرآن جو ڪنهن ڌارئين ٻولي ۾ ترجمو ڪيو.
No comments:
Post a Comment