Thursday, February 03, 2011

ابن شمشير، ابن شمشير، ابن ..................

ابن شمشير، ابن شمشير، ابن ..................

ايران جي ظالم ۽ چرئي بادشاهه نادرشاهه، جنهن جي مقبري مٿان ٺهيل سندس مجسمو (گهوڙيسوار) جيڪو منهنجي هوٽل جي دريءَ مان به نظر اچي ٿو، نه فقط دهلي ۽ ڪابل قنڌهار ۾ ڦرلٽ ڪئي ۽ باهه ٻاري پر غريب سنڌ کي به نه بخشيو.

انهن ڏينهن ۾ هند توڙي سنڌ جي سياسي توڙي معاشي حالت بيحد ڪمزور هئي ۽ نادر شاهه کي پنهنجن حملن ۽ ڦرلٽ دوران ڪابه مزاحمت پيش نه آئي.

سومرا، ان بعد سما، جيڪي سنڌ جا مڪاني حاڪم سڏيا وڃن ٿا، انهن جو سنڌ تي ۵۰۰ سالن کان مٿي اقتدار رهيو جنهن ۾ سنڌ پنهنجو وڃايل اڳوڻو اوج وري حاصل ڪيو. سن ۱۵۲۰ ۾ شاهه بيگ ارغون ٺٽي تي حملو ڪيو ۽ ان حملي سان سنڌ جي تاريخ جي هڪ سنهري باب جو خاتمو ٿي ويو. ان بعد، بقول شوڪت شورو جي، سنڌ ملڪ هڪ ڀيرو وري اهڙي غلامي، ظلم ۽ بربريت واري دور ۾ داخل ٿي ويو جنهن ۾ ٻه صديون ارغون، ترخان ۽ مغلن مٿس حڪومت ڪندا رهيا. سنڌي معاشرو ان تباهي ۽ ڀڃ ڊاهه واري دور مان گذريو ته وري سنئين لڱي نه ٿي سگهيو. مغل بادشاهه شاهجهان جي زماني ۾ يوسف ميرڪ ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ ۾ لکيو آهي ته ”هن ملڪ (سنڌ) جون حالتون وڃي ان حد تي پهتيون، جو ان جي ماڻهن کي ڪو پڇڻ وارو ڪونه رهيو ۽ اُهي مظلوم ۽ بي واها بنجي ويا.“

هندستان جو مغل بادشاهه اورنگزيب ۱۷۰۷ ۾ گذاري ويو. سنڌ ان وقت سخت انتشار واري دور مان گذري رهي هئي. اها ٽڪرن ۾ ورهايل هئي. بکر، سيوستان، سبي ۽ ٺٽي جون الڳ الڳ نظامتون هيون. ميان نصير ڪلهوڙي پنهنجو لشڪر ٺاهي سنڌ تي ڪلهوڙن جي اقتدار قائم ڪرڻ لاءِ ان کي ڌارين کان آجو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪنهن حد تائين ڪاميابي حاصل ڪئي. ۱۶۹۲ ۾ هن جي وفات بعد سندس وڏي پٽ ميان دين محمد به ۸ سال اقتدار سنڀاليو. کيس اورنگزيب جي پٽ ۽ ان وقت ملتان جي گورنر شهزادي معزدين ۱۷۰۰ع ۾ گرفتار ڪري ملتان ۾ ڦاهي ڏيئي ڇڏي. ان بعد ميان نصير جي وچئين پٽ ميان يار محمد کي مغلن طرفان اڌ گابري سنڌ جو اقتدار حوالي ڪيو ويو. ۱۷۰۷ ع ۾ اورنگزيب جي گزاري وڃڻ بعد جيئن ته ان جي اولاد ۾ حال نه هو ان ڪري ميان يارمحمد هڪ سگهارو حاڪمران ٿي اڀريو اورنگزيب جي باقيات ايتري ته سست قسم جي هئي جو بقول ڪلاائيو جي:

“With the death of Aurangzeb, sovereignty had fallen to the ground, for any body to pick it up.”

سو سنڌ ۾ ميان يارمحمد خان ڪلهوڙي پنهنجو پاڻ کي پختو ڪري ورتو. هن جي هٿياربند فقيرن ؛ تاجي ۽ جادي مغل ڪمانڊر اميرشيخ جهان کي قتل ڪري، بکر جي گورنر الهه يار خان کي سنڌ مان ڀڄائي ڪڍيو. اورنگزيب جو پٽ معيز دين جيڪو لاهور جو گورنر هو تنهن دين محمد وانگر هن ڪلهوڙي حاڪم کي به صحيح ڪرڻ جو سوچيو پر حالتن جو ابتڙ رخ ڏسي هن يار محمد کي سنڌ جو گورنر ئي ٿي رهڻ لاءِ رضامندي ڏيکاري.

ميان يار محمد سبي، ڍاڍر، گنجابا، بکر ۽ سيوهڻ کي پنهنجي حڪومت هيٺ آڻي سنڌ جي وجود کي نئين سرڳنڍيو، پر ٺٽي جو صوبو اڃا مغل حاڪمن جي تسلط هيٺ هو. ميان يارمحمد جي وافات کانپوءِ سندس وڏو پٽ ميان نورمحمد ۱۷۱۹ع ۾ سواءِ ٺٽي جي باقي سنڌ آزاد حصن تي حڪمران ٿي ويٺو ۽ سگهوئي ٺٽو به مغلن کان آزاد ٿي ويو ۽ سنڌ جو نالو ڄڻ ته نئين سر زنده ٿي ويو. ان لحاظ کان ڪلهوڙن جو دور خاص اهميت وارو ليکجڻ لڳو پر بدقسمتيءَ سان ٿوري وقت کانپوءِ هڪ نئين دهشتناڪ مصيبت دهليءَ کي باهه ۽ رت جي وهڪري ۾ وهائيندي، طوفان وانگر سنڌ جي افق تي ڇانئجي وئي. ايران کان لشڪر سميت نڪتل نادرشاهه بادشاهه ۱۷۳۹ ۾ دهلي تي حملو ڪري، ڦرلٽ بعد انڊيا جي سرزمين کي پنهنجي حڪم هيٺ آڻي مشهد ڏي روانگي اختيار ڪئي. واٽ تي ڪابل پهچي ڪجهه ڏينهن لاءِ اتي منزل ڪئي، ۽ سنڌ جي حاڪم نور محمد کي ڪابل ۾ پاڻ وٽ حاضري ڀرڻ لاءِ گهرايو. پر نورمحمد نه ڪابل ويو ۽ نه ئي کيس ڪو جواب موڪليو. هن اهوئي سوچيو ته بهتر آهي ته نادر شاهه جهڙي خوفناڪ ماڻهو کان پري ئي رهجي. هن اهو به سوچيو ته نادر شاهه دهليءَ کي ايڏو لٽي مال دولت پاڻ سان کڻي پيو وڃي سو هن کي سنڌ جهڙي غريب علائقي سان ڪهڙي دلچسپي ۽ ڪهڙي ياد پاد ! جنهن لاءِ هو وري خاص بندوبست ڪري سڄي لشڪر سان هلي ملي اچي سنڌ تي حملو ڪري. ٻن ٽن ڏينهن بعد هن کان اهو به وسري ويندو ته هن ڪو نور محمد کي گهرائڻ لاءِ نياپو ڪيو هو. پر هوڏانهن نادرشاهه ڪجهه ٻيو ئي سوچيو. هن کي خبر هئي ته اهڙي ريت هڪ گورنر جي پاڻ بچائي ويو ته پوءِ ٻيا به ائين ئي ڪندا ۽ ڪنٽرول مان نڪري ويندا سو نادر شاهه اڳتي پنهنجي وطن مشهد وڃڻ بدران، سپاهين کي ساڻ ڪري سنڌ ڏي ڪوچ ڪيو.

نادر شاهه جي حملي سنڌ تي ڪاپاري ڌڪ هنيو. نادر ڌاڙو هڻي سنڌ مان سڀ ڪجهه ميڙي ٻهاري پاڻ سان گڏ کڻي ويو. نادر جي حملي دوران سنڌ جا شهر ۽ ڳوٺ ويران ٿي ويا. بيٺل فصل ڀيلجي ويا. ماڻهن جا گهر ٻار اجڙي ويا. اهي پنهنجا اجها ڇڏي دربدر خاڪ بسر رلندا رهيا. سندن ميڙي چونڊي سڀ لٽجي وئي. ملڪ جي عام وسيلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ۽ انتظامي سرشتو تباهه ٿي ويو. ايڏي تباهي ۽ بربادي باوجود ميان نو ر محمد ڪلهوڙي نادر شاهه جو مقابلو نه ڪيو ۽ ڪنهن به قسم جي مزاحمت ڪرڻ بدران پنهنجي جان بچائي عمر ڪوٽ ۾ وڃي پناهه ورتي. عمرڪوٽ جي آس پاس پري پري تائين واريءَ جون ڀٽون هيون. ميان نورمحمد سمجهيو ته ٿر جهڙي ريگستان ۾ نادرشاهه وڏي فوج سان اچي نه سگهندو. پر سندس اُها ڀُل ثابت ٿي. نادرشاهه عمرڪوٽ پهچي ويو ۽ ميان نورمحمد کي هن اڳيان پيش ٿيڻو پيو. نادر شاهه شڪارپور جو حصو دائود پوٽن حوالي ڪيو. سبي، ڍاڍو جو علائقو بروهين حوالي ڪيو، باقي سنڌ ميان نورمحمد کي ان شرط سان بخشي ويو ته هو هر سال ويهه لک رپيا ڏن طور ايران کي موڪليندو رهندو. ياد رهي ته ان وقت هڪ رپيو به تمام وڏي ڳالهه هو جنهن ۾ ۱۶ آنا هئا ۽ هر آني ۾ ۴ پئسا هئا ۽ هرپئسي ۾ ٻارهن پايون ۽ هر پائي ۾ پنج ڪيسرا هئا ۽ ڪسيري جي به شيءَ ملي ٿي تڏهن ته پهاڪو عام هو ته ڪيسري جي ڪتي ٽڪي جا کائي نان. (ٽڪي ۾ ٻه پئسا هئا). نادرشاهه جي ان حملي کان پورا ٻه سئو سال پوءِ ۱۹۳۹ ۾ به هڪ رپئي جي ايڏي Value هئي جو تولو چانديءَ جو مليو ٿي ۽ ۵۵ رپين ۾ سون جو تولو مليو ٿي.

نادرشاهه هن سڄي تر ۾ خوف ۽ خطري جي علامت بڻيل هو. ڳالهه ٿا ڪن ته سنڌ تي حملي دوران جڏهن هن پنهنجي پٽ جي شادي ڪرائي ته مڪاني رسم رواج موجب سڄي ڄڃ اڳيان گهوٽ ڪنوار کي پنهنجي ستن پيڙهين جو شجرو ٻڌائڻو پيو ٿي ته جيئن ماڻهن کي سندن وڏن جي وڏ ماڻهپي جي خبر پئجي سگهي. سڀني کي خبر هئي ته نادر شاهه هڪ غريب هاريءَ جو پٽ آهي ۽ سڀ اهو سوچي خوش پئي ٿيا ته نادرشاهه پنهنجن وڏن جا نالا کڻندي وڏو ذليل ٿيندو جو اهي ڪجهه به نه آهن. پر نادرشاهه وڏي واڪ چيو ته ”ناصر ابن نادر ابن شمشير، ابن شمشير، ابن شمشير، ابن شمشير، ابن شميشير، ابن شمشير ۽ ابن شمشير!“ (يعني ناصر پٽ نادرپٽ تلوار پٽ تلوار ......) يعني ڪهڙا ويٺا شجرا پڇو. ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا. يا جنهن جي لٺ تنهن جي مينهن ! گهڻو گهڻو پوءِ – اٽڪل ٻه سئو ورهن بعد چين جي مائوءَ به اهائي نادرشاهه واري ڳالهه ورجائي هئي ته ؛

“Power issues from the barrel of a gun.”

مٿي لکي چڪو آهيان ته نادرشاهه جي اچڻ جي ڊپ ۾ ميان نورمحمد ڪلهوڙي پاڻ کي عمرڪوٽ جي قلعي ۾ وڃي لڪايو. جڏهن نادرشاهه اتي ڪڙڪيس ۽ هن کان پڇيو ؛

” تون ڀڄي ڇو وئين ؟ “

ڪلهوڙي حاڪم يڪدم وراڻيس ” اسان هميشه هندستان جي بادشاهه جا وفادار نوڪر ٿي رهيا آهيون. اسان ائين جهٽ پٽ وفاداريون بدلائيندا نه آهيون“

نادر شاهه کي ميان نورمحمد جو اهو جواب ڏاڍو وڻيو. چون ٿا ته ان جواب ڪري نادرشاهه هن کان سڄي سنڌ کسڻ بدران ان جي ڪجهه حصي جو گورنر بڻايائين. سنڌ جي هن ڪلهوڙي حاڪم کان اهو به پڇيو ويو ته هن وٽ ٻه اعليٰ قسم جا هيرا آهن. نورمحمد ڪلهوڙي ان بابت هائوڪار ڪئي ۽ نادر شاهه کي هڪ ڳوڻ ڪڻڪ جي اٽي جي ۽ چونئري گيهه جي پيش ڪندي چيو ؛

” هي اسانجا هيرا آهن. جيڪڏهن ڪنهن وٽ هي آهن، ته هن کي ٻي ڪنهن به شيءَ جي ضرورت ناهي ۽ جي ڪڏهن ڪنهن وٽ هي نه آهن ته دنيا جي ڪابه شيءَ انهن جو پورائو نٿي ڪري سگهي.“

اهو ٻڌي نادرشاهه ڏاڍو خوش ٿيو. اتان پوءِ هو ٺٽي روانو ٿيو. ٺٽي ۾ سورهن ڏينهن نادرشاهه ۽ سندس سپاهين جي هر قسم جي خذمت چاڪري ٿيندي رهي. واپسي تي وڃڻ وقت هن نه فقط ڪلهوڙن جي خزاني جي ٽجوڙي خالي ڪئي پر ٻيو مال ملڪيت پڻ- ويندي ڪلهوڙن جي لئبريريءَ جا ناياب ڪتاب ۽ هٿ جا لکيل نسخا، پاڻ سان ايران کڻائي ويو. ان کان علاوه هن نورمحمد ڪلهوڙي جا ٽي پٽ ۽ ٻارهن هزار سنڌي سپاهي پاڻ سان گڏ يرغمال طور کنيا جيئن پٺيان نورمحمد سندس حڪم جي پوئواري ڪندو رهي ۽ وقت تي ساليانو ڏن روانو ڪندو رهي. ايتري ڦرلٽ بعد جڏهن نادرشاهه سنڌ ڇڏي ته ماڻهن سک جو ساهه کنيو ته هو هتان ٽري ويو. ڪيترن اهو به سوچيو ته جڏهن هيڏي ڦر ٿي، جڏهن هيڏو ڪوس ٿيو، جڏهن هيترا ماڻهو يرغمال ٿيا ته پوءِ ان کان بهتر اهو نه هو ته نادر جو سڀ گڏجي مقابلو ڪن ها. شايد انهي ئي ڳالهه جي هي بيت عڪاسي ڪري ٿو:

سوين آيا سنڌ ۾، نوان نادرشاهه،

ڪانهي ڪا تاريخ ۾، ويڙهه سوءِ ٻي واهه،

متان سوچيو ساهه، متان موٽو ماڳ تان.

سنڌ جي تاريخدان ۽ اسڪالر ڪيول رام ملڪاڻيءَ جو هڪ ڪتاب The Story of Sindh انڊيا مان ويجهڙائيءَ ۾ ڇپيو آهي. ان ۾ نادرشاهه جو هڪ واقعو پڙهيم ته هو دهليءَ آگري مان ڦرلٽ ڪري جڏهن نڪتو ته هن پاڻ سان ڪيترائي مٿرا جا برهمڻ قيدي بنائي، ان خيال کان ايران وٺي پئي ويو ته اتي انهن کي غلام ڪري وڪڻندو. شڪارپور سنڌ جي تخت ٻائي نالي هڪ نيڪ عورت کي جڏهن اها خبر پئي ته هو ءَ پريشان ٿي وئي. هن پنهنجي مڙس سيٺ ڪيولرام ڀوڄواڻي کي منٿ ميڙ ڪئي ته ڪنهن به طرح انهن جي لاءِ ڀنگ جي رقم ڏئي برهمڻن کي آزاد ڪيو وڃي. ڪيولرام جون نادر واري روٽ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ واپار جون ڪوٺيون هيون جتي هن حڪم جاري ڪيا ته نادرشاهه جي ڊمانڊ مطابق پئسا ڏيئي بدنصيب برهمڻ آزاد ڪيا وڃن ۽ نه فقط انهن کي آزاد ڪرايو ويو پر گهر پهچڻ لاءِ سفر جو خرچ به ڏنو ويو. (هي ڪتاب سنڌ جي نامور شخصيتن الله بخش سومرو ۽ ڀڳت ڪنوررام کي منسوب ٿيل آهي.)

هند سنڌ جي هن سفر نادرشاهه کي ٿڪائي رکيو ۽ کيس اهڙي ذهني بيماري ٿي پئي جو هو ڏينهون ڏينهن ويو چڙچڙو ۽ شڪي ٿيندو. ان حالت ۾ هو ويو ٿي پنهنجن پراون جا قتل ڪندو. خود سندس مائٽ ئي هن مان بيزار ٿي پيا. آخر کيس گهاٽي ننڊ ۾ مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ان حالت ۾ به مرڻ کان اڳ ٻه ڄڻا ماري رکيائين.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته نادر شاه غريب جو ٻار ٿي ڪري ننڍي هوندي کان وڏو ذهين ۽ چالاڪ هو. هو ايران (پرشيا) جو قابل ملٽري ليڊر هو جنهن کي دنيا ٻيو سڪندر اعظم ۽ پرشيا جو نيپولين مڃي ٿي. هو جنهن وقت حاڪم ٿيو ته ان وقت پرشيا گمنامين ۽ مايوسين جي اونهي کڏ ۾ ڦاٿل هو. ان کي نادر ئي اچي بلندين تي پهچايو ۽ پراڻو اوج ڏياريو. پرشيا جا ماڻهو فخر ڪرڻ لڳا. پرشيا (ايران) ايشيا جو ائين سپر پاور ٿي پيو جيئن اڄ امريڪا آهي. پر نادر جي اها بدقسمتي چئبي جو هو آخري ڏينهن ۾ سخت قسم جو ذهني مريض ٿي پيو. بقول هڪ مغربي تاريخ نويس جي ؛

“Nadir Shah’s triumphs were at the expense of incalculable suffering and his egocentric behaviour suggests a narcissistic personality disorder and his last years he seems to have developed some paranoid tendencies.

نادر چار شاديون ڪيون ۽ پنج پٽ ۽ پنڌرهن پوٽا ٿيس جن کي سندس مرڻ بعد تخت تي ويٺل بادشاهه قتل جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

مولانا غلام رسول مهر جي لکڻ موجب ” نادر جي موت بعد نادر جي مصيبتن کان نجات ملي ۽ سنڌ جي لاءِ يقينا هن کان وڌيڪ خوشگوار واقعو ٻيو ڪوبه ٿي نٿي سگهيو، پر امن ۽ راحت جا هي ڏينهن به ڪي ٿورا هئا. نادر شاهه کانپوءِ سندس سپهه سالار احمد شاهه دراني خراسان ۽ نادري سلطنت جي اوڀر وارن ڀاڱن جو دعويدار بنجي ويو ، سنڌ جي ڳچيءَ ۾ هڪ ٻيو نوڙ پئجي ويو.“

ميان نورمحمد کي احمد شاهه ابدالي جو حڪم مليو ته سنڌ هاڻ افغانستان کي ڏن ڏئي. هن گهڻو ئي لنوايو ۽ نٽايو ته سنڌ جي آزادي ۽ خودمختياري قائم رهي نيٺ هن کي افغان طاقت اڳيان جهڪڻو پيو. ۱۷۵۴ ڌاري (هيءُ شاهه لطيف جي وفات کان به سال پوءِ جي ڳالهه آهي) ميان نورمحمد ، سنڌ تي احمد شاهه ابدالي جي ڪاهه جون خبرون ٻڌي، وري ٻيو ڀيرو ڊپ وچان جيسلمير ڀڄي ويو ۽ اتي ئي هو ان ئي سال گذاري ويو.

No comments:

Post a Comment