ڪوهه نور تي اهو نالو نادرشاهه کان پيو
ڪوهه نور هيرو دنيا جو مشهور ترين، قيمتي ۽ وڏي ۾ وڏو چيو وڃي ٿو جيڪو اڄ کان ۴۰۰۰ سال کن اڳ انڊيا جي کاڻين مان نڪتو ۽ مختلف بادشاهن، راجائن ۽ حاڪمن وٽان ڦرندو اڄ ڪلهه انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ جي تاج ۾ لڳل آهي. انگلينڊ وارن هن هيري کي بهتر شڪل ۽ چمڪندڙ بنائڻ لاءِ تراشي موجوده صورت ۾ ۱۰۵ ڪئرٽ ۽ ۲۱ گرام وزن جو بنايو ويو آهي نه ته ان جو اصل وزن ۳۷ گرام هو. بهرحال بنا شڪ جي ڪوهنور هيرو دنيا جو وڏي ۾ وڏو هيرو ليکيو وڃي ٿو. ٻين هيرن وانگر هن سان به ڪيتريون ئي ڪهاڻيون وابسته آهن. چون ٿا ته هن هيري مردن لاءِ هميشه نڀاڳ ۽ موت آندو آهي ۽ عورتن لاءِ خوش نصيبي جو سبب بڻيو آهي.
هي هيرو انڊيا جي مختلف هندو ۽ مسلمان حاڪمن وٽان ٿيندو ۱۵۲۶ ۾ مغل شهنشاهه بابر وٽ پهتو جڏهن هن ابراهيم لوڌيءَ کي شڪست ڏيئي دهليءَ تي قبضو ڪيو. هن هيري بابت لکت ۾ احوال به بابر جي يادگيرين واري ڪتاب بابر نامي مان ملي ٿو. بابر پنهنجي هن ڪتاب ۾ هن هيري لاءِ لکي ٿو ته اهو ايڏو ته قيمتي آهي جو ان جي بدلي ۾ مليل رقم مان سڄي دنيا جي ماڻهن کي ٻه ڏينهن ماني کارائي سگهجي ٿي.
بابر کان پوءِ هي هيرو همايون وٽ پهتو. اڪبر هن کي پاڻ وٽ نه رکيو. ان بعد اڪبر جي پوٽي شاهجهان، جنهن تاج محل ٺهرايو، خزاني گهر جي ٽجوڙيءَ مان ڪڍي پاڻ وٽ رکيو. شاهجهان هي هيرو مور تخت ۾ لڳرائي ڇڏيو هو جيڪو اورنگزيب پنهنجن ٽن ڀائرن کي ماري پنهنجي پيءُ شاهجهان کي آگري ڀرسان قيد ڪري پاڻ وٽ رکيو هو. چون ٿا ته اورنگزيب هي هيرو شاهجهان جي قيد واري ڪمري ۾ دري وٽ اهڙي هنڌ تي رکرايو جتان هيري مان شاهجهان کي تاج محل جو عڪس نظر اچي سگهيو ٿي. اهو هيرو نادر شاهه جي حملي تائين اتي ئي رهيو. مزي جي ڳالهه ته هن هيري جو اهو نالو (يعني ڪوه نور) نادرشاهه ئي رکيو ۽ هاڻ اڄ ڏينهن تائين اهو هيرو ”ڪوهه نور“ سڏجي ٿو. ۱۹۳۹ع ۾ جڏهن نادرشاهه دهلي ۽ آگري ۾ خونريزي ۽ ڦر ڪئي ته مور تخت سان گڏ هي هيرو به ايرن کڻي ويو. نادرشاهه جڏهن هي هيرو پهريون دفعو ڏٺو ته هن جي وات مان ”ڪوه نور“ نڪري ويو يعني روشني جو جبل! ۱۹۳۹ کان اڳ هن پٿر جو نالو ڪٿي به نه آهي.
هن پٿر جي قيمت لاءِ هڪ ٻي روايت به مشهور آهي ته نادر شاهه جي زالن مان هڪ چوندي هئي ته ”جيڪڏهن ڪو پهلوان مڙس پنج پٿر کڻي هڪ اتر ڏي، هڪ ڏکڻ ڏي، هڪ اولهه ڏي ۽ هڪ اوڀر ڏي اڇلي ۽ پنجون پٿر مٿي اڀ ڏي اڇلي ۽ پوءِ انهن جي وچ واري خالي جاءِ سون ۽ قيمتي پٿرن سان ڀري وڃي ته اها ڪوهنور جي قيمت برابر ٿيندي.“
چون ٿا ته نادرشاهه کان ڪوهنور جي جاءِ لڪل رکي وئي پر پوءِ مغل بادشاهه محمد شاهه جي گهر جي ئي ڪنهن ڀاتيءَ نادرشاهه کي اطلاع ڪيو ته اهو هيرو محمد شاهه جي پڳ ۾ لڪل آهي. نادر شاهه هڪ وڏڌي دعوت جو بندوبست ڪيو ته هو محمد شاهه کي دهلي جو تخت واپس ڪري ٿو. دعوت دوران هن اوچتو اهو اعلان ڪيو ته هو هن خوشي جي موقعي تي محمد شاهه کي پنهنجو پڳ مٽ يار بنائي ٿو ۽ هن پنهنجي پڳ لاهي محمد شاهه حوالي ڪئي جيڪو پنهنجي پڳ نادرشاهه کي ڏيڻ کان انڪار ڪري نه سگهيو. دعوت بعد نادرشاهه پنهنجي ڪمري ۾ ويو جتي هن پڳ جا ور کولي لڪل هيرو ٻاهر ڪڍيو. هيري جي چمڪ ، تجلو ۽ سونهن ڏسي ان وقت هن وات مان بي اختيار نڪري ويو ”ڪوهه نور !“.
سن ۱۷۴۷ ۾ نادر شاهه جي قتل بعد هي هيرو افغانستان جي احمد شاهه ابدالي جي هٿ آيو. ۱۸۳۰ ۾ تخت تان لاتل حاڪم شاهه شجاع ڪنهن نموني سان هي هيرو کڻي ڪابل کان لاهور پهتو ۽ پنجاب جي بادشاهه مهاراجا رنجيت سنگهه کي اهو پيش ڪيو ته هو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي انگريزن کي راغب ڪري ته هو پنهنجي لشڪر ذريعي شاهه شجاع کي سندس ڦريل تخت واپس ڪرائي ڏئي.
راجا وصيعت ڪئي ته سندس مرڻ کانپوءِ اهو هيرو اوڙيسا جي جگن ناٿ مندر کي ڏنو وڃي. پر سندس وصيعت تي عمل نه ٿيو. ۱۸۴۹ ۾ انگريزن جو پنجاب تي قبضو ٿيو ۽ لاهور جي قلعي تي برطانيه جو جهنڊو چاڙهيو ويو. انگريزن Treaty of Lahore هيٺ جيڪي شرط شروط رکيا ان ۾ اهو به واضع طور هو ته ڪوهه نور هيرو انگلينڊ جي راڻي حوالي ڪيو وڃي ....
“The gem Called Koh-i-Noor which was taken from Shah Shuja-ul-Mulk by Maharaja Ranjit Singh shall be surrendered by the Maharaja of Lahore to the Queen of England.”
ڪوهه نور هيري کي وڏي حفاظت سان پاڻي واري جهاز H.M.S Medea ذريعي انگلينڊ پهچايو ويو. سڪيورٽي جي خيال کان هيري جي وڃڻ جي خبر اخبار وارن کان ڳجهي رکي وئي. ايتريقدر جو جهاز جي خزاني آفيس جي انچارج ۽ ڪئپٽن کي به نه ٻڌايو ويو ته لوهه جي پيتيءَ ۾ ڇا وڃي رهيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هيرو کڻي ويندڙ هن جهاز جو اهو سفر خطري وارو ثابت ٿيو. جهاز ماريشس پهتو ته جهاز تي ڪالرا جي وبا پکڙي وئي. بندرگاهه وارن هن جهاز کي ساهه پٽڻ ۽ رستي جي سفر لاءِ سامان کڻڻ کان منع ڪري ڇڏي ۽ جلوس ڪڍيو ته جيڪڏهن جهاز بندرگاهه ڏي وڌي ته ان مٿان گوليون هلايون وڃن. ماريشش ڇڏڻ بعد جهاز سخت طوفان ۾ ڦاسي پيو . بهرحال ۶ اپريل ۱۸۵۰ع تي انڊيا کان نڪتل هي جهاز ۸۶ کن ڏينهن جي سفر بعد انگلينڊ پهتو. ان وقت جي انڊيا جي گورنر جنرل لارڊ ڊالهوسيءَ هيري بعد راجا رنجيت سنگهه جي پٽ ۽ تخت نشين دليپ سنگهه کي به لنڊن موڪليو جنهن اتي پهچي ۱۸۵۱ع ۾ ڪوهه نور هيرو مهاراڻي وڪٽوريا کي پيش ڪيو. ان ئي سال برطانيه جي عوام کي ان هيري جي ديدار لاءِ هائيڊ پارڪ ۾ بندوبست ڪيو ويو هو.
ان وقت، ۱۸۵۱ کان وٺي ڪوهه نور هيرو برطانيه وارن جي قبضي ۾ آهي جيتوڻيڪ ان هيري لاءِ ڪيترائي ملڪ Claim ڪن ٿا ته اهو هيرو انهن جي ملڪيت آهي ۽ کين ڏنو وڃي. ۱۹۷۶ع ۾ پاڪستان جي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو تن ڏينهن جي برطانيا جي وزير اعظم جِم ڪالاگهان کي اهو هيرو پاڪستان کي موٽائڻ لاءِ چيو. پر هن انڪار ئي ڪيو. اسان جي ملڪ کان علاوه هن هيري لاءِ انڊيا، افغانستان ۽ ايران به انگلينڊ وارن کان گُهر ڪندو رهيو آهي. اڄ ڪلهه ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته انگلينڊ جي راڻي صاحبه اهو هيرو (ڪوهه نور) ٽاور آف لنڊن ۾ رکرائي ڇڏيو آهي.
No comments:
Post a Comment