اسلامي دنيا جي خلافت ۽ امامت
ڪنهن زماني ۾ ايران جي صوبي ”خراسان“ ۾ نيشاپور ۽ طوس وڏا شهر هئا پر اڄڪلهه ”مشهد“ وڏي ۾ وڏو شهر آهي. نه فقط خراسان صوبي ۾ پر سڄي ايران ۾، تهران بعد، مشهد وڏي ۾ وڏو شهر آهي.
مشهد ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهيو آهي. مشهد جون بازارون سامان ۽ خريدارن سان ٽٻ رهن ٿيون. مشهد جا ”پارڪ“ سرسبز ڇٻرن ۽ گلن ٻوٽن سان ڀريل رهن ٿا. مشهد ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جو شهر آهي. مشهد ٽوئرسٽن ۽ زائرين جو شهر آهي. مشهد هوٽلن ۽ خوبصورت عمارتن جو شهر آهي. مشهد جيڪو نائين صدي جي شروع تائين سناباد نالي هڪ ڳوٺڙو هو ان کي اڄ وارو هي شان، مان، مرتبو، سونهن ۽ سوڀيا فقط ۽ فقط امام علي رضا جي روضي مبارڪ ڪري آهي. جتي هرسال ايران ۽ ٻين ملڪن کان لکين زائرين سلاميءَ لاءِ اچن ٿا. هتي مشهد ۾ شيعن جو اٺون امام، علي ابن موسيٰ الرضا جن دفن ٿيل آهن. پاڻ حضور صلي الله عليه وسلم جن جي اولاد مان آهن. سندن شهادت ڪري هن شهر جو نالو مشهد پيو. پاڻ عام طرح امام علي رضا يا فقط امام رضا جي نالي سان به ياد ڪيا وڃن ٿا.
اسلام جي اٺين امام علي رضا ۱۱ ذوالقعد ۱۴۸ هجري (عيسوي سن ۷۶۵) ۾ مديني ۾ امام موسيٰ الڪاظم (ستين امام) جي گهر جنم ورتو. سندن والد جي ۷۹۹ ۾ وفات بعد پاڻ امامت جا فرض سرانجام ڏنائون. پاڻ پنهنجي ڏاڏي امام جعفر الصادق جي وفات کان پورو هڪ مهينو پوءِ ڄاوا هئا. پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي وانگر امام رضا به تعليم پنهنجي پيءُ وٽ حاصل ڪئي. سندن والده ام البنين نجما ان زماني جي قابل ۽ علم جي ڄاڻو خاتون هئي. ننڍپڻ کان ئي امام علي رضا پنهنجي پيءُ سان گڏ رهڻ ڪري ڪيتريون ئي ديني ڳالهيون، مذهبي مسئلن جا حل، شريعتن جا اصول ۽ قانون سکي ڀڙ ٿي ويو. سندن والد امام موسيٰ الڪاظم (ڄم جو سال ۷۴۵) پنهنجن دوستن کي هميشھ اهوئي چوندو هو ته مون کان پوءِ امامت جي پڳ جو حقدار منهنجو هي پٽ علي رضا ٿيندو.
هتي تاريخ سان وابسته ڪجهه ڳالهيون لکڻ ضروري سمجهان ٿو جيئن اهي پڙهندڙ جن جي ان ڏس ۾ معلومات گهٽ آهي اهي بهتر نموني سان سمجهي سگهن. ايران اچڻ کان اڳ مونکي به اها ڄاڻ نه هئي ته مذهبي نقطي نگاهه کان مشهد جو شهر اهم ڇو آهي؟ مشهد ۾ ڪهڙي شهيد امام جو روضو آهي؟ يا ويندي امام مان مطلب ڇا آهي. پوءِ چڱو جو ڪئپٽن مظهر حسين زيدي ۽ چيف انجنيئر اجتبيٰ حسين زيدي جهڙن منهنجي مرچنٽ نيوي جي دوستن جن جو نه فقط ايران اچڻ وڃڻ ٿيندو رهي ٿو پر ڪيترائي سال ايران وارن جا جهاز هلائڻ جو به کين موقعو مليو. انهن ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌايون. بهرحال اسلامي سياسي تاريخ ۽ حڪمراني بابت جيڪي ڪجهه آئون سمجهي سگهيو آهيان ان بابت هتي مختصر طور لکان ٿو.
حضور صلي الله عليه وسلم جي ۶۳۲ ۾ وفات بعد اسلامي سلطنت جو سربراهه (خليفو) حضرت ابوبڪر صديق ۶۳۲ کان ۶۳۴ تائين ٿيو. پاڻ ۵۷۳ ۾ ڄائو هو. يعني حضور صلي الله عليه وسلم جن کان ٽي سال ننڍو هو. ۶۱۰ ۾ جڏهن حضور صلي الله عليه وسلم جن تي وحي نازل ٿيو ۽ پاڻ ڪريم جن اسلام جي تبيلغ شروع ڪئي ته حضرت ابو بڪر شروع جي مسلمانن مان هڪ هو.
حضرت ابوبڪر صديق جي قتل بعد حضرت عمر فاروق اسلامي دنيا جوحاڪم خليفو ٿيو. پاڻ ۵۸۱ع ۾ ڄائو هو ۽ ۶۳۴ کان ۶۴۴ تائين خليفو رهيو. پاڻ مديني ۾ مسجد النبوي ۾ دفن ٿيل آهن حضرت عمر بعد حضور صلي الله عليه وسلم جن جو ناٺي حضرت عثمان ۶۴۴ کان ۶۵۶ تائين اسلامي دنيا جو خليفو رهيو. سندن ڄم جو سال ۵۸۰ آهي.
حضرت عثمان جي قتل بعد اسلام جو چوٿون خليفو سن ۶۵۶ع ۾ حضرت علي ابن ابي طالب ٿيو. حضرت علي حضور صلي الله عليه وسلم جن جو سوٽ، ناٺي ۽ اهل بيت هو. پاڻ عيسوي سن ۶۰۰ ۾ مڪي ۾ ڄاوا ۽ ٻارن ۾ پهريان هئا جن اسلام قبول ڪيو.
سني مسلمان حضرت علي جي، خلفاءِ راشدين جي چوٿين خليفي ۽ اهل بيت هجڻ جي حيثيت ۾ عزت ڪن ٿا ۽ شيعا مسلمان حضرت علي جي پهرين امام هجڻ جي حيثيت سان پڻ کين عزت بخشين ٿا. هو حضرت علي کي حضور صلي الله عليه وسلم جن جو Descendant ۽ صحيح حقدار سمجهن ٿا. هو حضرت عليءَ کي ئي اسلامي حڪومت جو پهريون قانوني، مذهبي ۽ سياسي ليڊر مڃين ٿا. هڪ خيال کان شيعا ۽ سني اختلاف اتان شروع ٿئي ٿو. حضرت علي ۶۵۶ کان ۶۶۱ تائين اسلامي حڪومت جو خليفو ٿي رهيو. حضرت علي ڪوفا جي مسجد ۾ نماز پڙهي رهيو هو ته ڪنهن ظالم هن تي زهريلي خنجر سان وار ڪري شهيد ڪري ڇڏيو. پاڻ نجف (عراق) جي امام علي مسجد ۾ دفن ٿيل آهن. حضرت علي پنهنجي ڄاڻ، ايمانداري، اسلام جي خذمت ڪرڻ، حضور صلي الله عليه وسلم جو وفادار ساٿي ٿي رهڻ، سخاوت، هر مسلمان کي برابر سمجهڻ، دشمنن سان به سٺو ٿي پيش اچڻ، تفسير، فقهي ۽ مذهبي سوچ ڪري تمام وڏي عزت سان ڏٺو وڃي ٿو. حضرت عليءَ جي واعظن، ليڪچرن ۽ نصيحتن (Quotations) جا ڪيترائي ڪتاب آهن. جن مان نهج البلاغھ تمام مشهور آهي. هي ڪتاب ايران جي هر مدرسي ۾ پڙهايو وڃي ٿو. حضرت علي ڪيترن ئي نالن سان سڏيو وڃي ٿو ؛ ابو الحسن، ابو تراب، مرتضيٰ، اسدالله، حيدر ۽ ترڪي زبان ۾ کين Birinci Ali (پهريون علي) پڻ سڏين ٿا.
حضرت علي جي سڀ کان پياري گهر واري حضور صلي الله عليه وسلم جن ڌيءَ فاطمہ زهرا هئي جنهن مان کيس چار ٻار ٿيا؛ حسن، حسين، زينب ۽ ام ڪلثوم. ٻين زالن مان مشهور پٽ العباس ۽ محمد ابن الحنيفا آهن. بيبي فاطمہ زهرا جو اولاد جيڪو ڄڻ ته حضور صلي الله عليه وسلم جن جو Descendent ٿيو شريف يا سيد سڏجي ٿو جن جي سني توڙي شيعا بيحد عزت ڪن ٿا جيتوڻيڪ شيعا هر صورت ۾ هنن کي وڌيڪ قدر ۽ احترام جو درجو ڏين ٿا.
حضرت علي جي وفات تي ڪوفي جي مسلمانن حضرت علي جي وڏي فرزند حضرت امام حسن جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ پنهنجو حاڪم چونڊيو. هوڏانهن امير معاويه باقي عرب دنيا جو خليفو ٿي ويٺو ۽ پنهنجي فوج کي عراق تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ موڪليو جتي جي ماڻهن حضرت حسن کي پنهنجو حاڪم (خليفو) چونڊيو هو. حضرت حسن کي امن خاطر خلافت تان هٿ کڻڻو پيو ۽ معاويي نه فقط پاڻ کي سڄي مسلمان سلطنت جو خليفو سڏرايو پر هن هر طريقي سان حضرت علي جي اولاد ۽ انهن جي پوئلڳن سان سختيون ڪرڻ شروع ڪيون. معاويو اميه گهراڻي جو بنياد وجهي هڪ قسم جو بادشاهه ٿي ويٺو جيتوڻيڪ اڌ کان وڌيڪ اسلامي دنيا حضرت علي جي اولاد – حضرت حسن کي خليفو مڃيو ٿي. حضرت حسن هجري سن ۳ (۶۲۵ع) ۾ مديني ۾ ڄائو ۽ هجري سن ۵۰ (۶۶۹ع) تي مديني ۾ وفات ڪئي. سندن قبر مديني جي مشهور قبرستان جنت البقيه ۾ آهي.
حضرت علي بعد هڪ طرف اميه گهراڻي جو راڄ شروع ٿيو ته ٻي طرف ماڻهن جي دلين تي اهل بيت جو راڄ رهيو. سياسي طرح اسلامي سلطنت جا حاڪم اميه گهراڻي ۽ ان بعد عباسي گهراڻي جا خليفه ٿيندا رهيا پر مذهبي طرح ماڻهن اهل بيت جي عزت ڪئي ٿي. ڪجهه خليفا نيڪ ۽ پرهيزگار به ٿي رهيا پر ڪيترائي ظالم ۽ عياش ٿي گذريا. هو حڪومت ۽ طاقت خاطر پنهنجي ڀائرن ۽ پيءُ سان به وڙهندا رهيا. ۽ ڪڏهن ڪڏهن عوام جي نظرن ۾ پاڻ کي سرخرو بنائڻ لاءِ هنن ظاهري طرح حضرت علي جي اولاد – امامن سان سٺي روش اختيار ڪئي ٿي جو هر دور ۾ مسلمانن جي هڪ طبقي اميه يا عباسي گهراڻن جي خليفن لاءِ اهوئي سوچيو ٿي ته هنن اهلبيتن جو حق کسيو آهي ۽ اسلامي دنيا جو حاڪم اميه گهراڻي جي معاويه، يزيد، مروان يا عباسي گهراڻي جي اسفيان، المنصور، هارون رشيد يا مامون رشيد وغيره کي نه پر حضرت علي جي اولاد کي ٿيڻ کپي. ان ڳالهه لاءِ رکي رکي اسلامي دنيا ۾ احتجاج به ٿيندو رهيو ٿي ۽ ڪڏهن حاڪمن (خليفن) سياست کان ڪم وٺي اهل بيت امامن سان ظاهري طرح سٺو هليو ٿي جيئن عوام خوش ۽ خاموش ٿي وڃي ۽ کين سڪون سان حڪومت ۽ عيش ڪرڻ جو موقعو ملي. هڪ شيعا عالم ٻڌايو ته اهڙي ئي اٽڪل عباسي گهراڻي جي حاڪم – خليفه مامون رشيد ان وقت جي اهل بيت- اٺين امام حضرت علي رضا سان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هن امام علي رضا کي مديني مان خراسان گهرايو.
”مامون رشيد“ عباسي گهراڻي جي مشهور خليفي هارون رشيد جو پٽ هو. اسلام جو چوٿون خليفو حضرت علي مرتضيٰ پنهنجي دور خلافت ۾ اسلامي حڪومت جو گادي جو شهر (Capital) مديني مان بدلائي ڪوفا ڪيو. حضرت عليءَ کي ڪيترن ئي مخالفن کي منهن ڏيڻو پيو جن مان جنگ جمل به هڪ آهي جيڪا سندن دور خلافت جي پهرين سال ۶۵۶ ۾ لڳي. هن ۾ مخالف ڌر حضرت عائشه (حضور صلي الله عليه وسلم جن جي گهرواري) ۽ ٻه اهم اصحابي سڳورا طلحھ ۽ الزبير پڻ هئا. جنگ ۾ حضرت علي جي ڪاميابي ٿي ۽ ٻئي ڌريون بعد ۾ ٺهي ويون ۽ صلح ۾ رهيون پر اڄ تائين ڪيترن شيعن لاءِ اها ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي. سنين جو اهو موقف آهي ته جيئن ته اهو اختلاف حضور صلي الله عليه وسلم جن جي ساٿين (اصحاب سڳورن) جي وچ ۾ ٿيو ان ڪري اسان عام مسلمانن کي ان ۾ پوڻ نه کپي جو ويندي اسانجي عالمن ۽ مولوين، پيرن بزرگن کان اصحابين ۽ تابعين جو درجو بلند آهي. ۽ اهو اختلاف اڄ اسان جي دور ۾ نه ٿيو جو اسان ٻه ڌريون ٺاهي ان جو الزام هڪ ٻئي تي مڙهيون. بنو اميه جو هڪ خليفو عمر بن عبدالعزيز (۷۲۰-۷۱۷) اميه گهراڻي جي مڙني خليفن ۾ هڪ نيڪ ۽ خدا جو خوف رکندڙ خليفو ٿي گذريو آهي. هن کان به جڏهن ماضي ۾ حضرت علي ۽ معاويه جي وچ ۾ هلندڙ اختلاف بابت پڇيو ويو ته هن وراڻيو ؛” الله اسان جي هٿن کي صاف رکيو آهي. هرهڪ کي پنهنجو حساب ڏيڻو آهي ۽ الله بهتر جج آهي ۽ جڏهن تنهنجا ۽ منهنجا ان خون کان هٿ صاف آهن ته ڇو ويهي پاڻ پنهنجي زبان خراب ڪيون. ڇو ويهي پاڻ هڪ ٻئي کي گهٽ وڌ ڳالهائي پاڻ کي گنهگار هڪ طرف ڪيون ته ٻئي طرف اسلام جي دشمنن کي اسان مسلمانن تي کلڻ جو موقعو مهيا ڪريون .....“ بهرحال جڏهن اسان جو خدا هڪ آهي، رسول هڪ آهي، قرآن ۽ ڪلمو هڪ آهي ته ڇو ويهي پاڻ ۾ ويڇا وجهون. پر هتي اسان تاريخ جا فقط ڪجهه Facts ڏيڻ ٿا چاهيون ته علي جي اولاد تي جيڪي ظلم ٿيا ۽ جيڪي هنن تڪليفون سٺيون ان کان ڪوبه شيعو توڙي سني انڪار نٿو ڪري سگهي.
جنگ جمل دوران ۽ بعد ۾ جڏهن حضرت علي اسلامي دنيا جو خليفو هو ته معاويو شام جو گورنر هو. هن انهن ڏينهن کان وٺي حضرت علي جي حڪومت جي اندروني طرح مخالفت پئي ڪئي. ۶۶۱ ۾ حضرت علي جي قتل بعد معاويو يڪدم ڪوفا تي چڙهائي ڪري آيو ۽ حضرت علي جي ماڻهن تي زور ڀرڻ لڳو ته هو حضرت امام حسن بدران هن کي خليفو مڃين. حضرت امام حسن ۽ سندن ننڍي ڀاءُ حضرت امام حسين سان جيڪي ناانصافيون ۽ ظلم ٿيا ان کان دنيا واقف آهي. هڪ انسان قدرت جون اهي ڳالهيون سمجهي نٿو سگهي جن لاءِ شاهه لطيف جو چوڻ آهي ته ؛
دوست ڪهائي دادلا، محب مارائي
خاصن خليلن کي، سختيون سهائي
الله الصمد بي نياز، سا ڪري، جا چاهي
انهين منجهه آهي، ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي.
معاويه خليفي جي روپ ۾ بادشاهه ٿي حڪومت ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي گهراڻي جو بنياد وڌو. هن گاديءَ جو هنڌ ” ڪوفا“ مان بدلائي شام جي شهر ”دمشق“ ۾ ڪيو. اسلامي دنيا تي بنو اميه جي ۶۶۱ کان وٺي ۷۵۰ تائين خلافت (حڪومت) رهي. زاب جي جنگ ۾ بنو اميه کي شڪست آئي ۽ سندس آخري خليفو مروان ”ٻيو“ ابن محمد جيڪو ۷۴۴ کان خليفو ٿيو هو، مصر ۾ مارجي ويو ۽ دمشق (بنو اميه جي سلطنت جو گادي وارو شهر) عباسي گهراڻي جي حوالي ٿي ويو جنهن جو پهريون حاڪم ابوالعباس اصفاه ۷۵۰ کان ۷۵۴ تائين مسلم دنيا جو خليفو ٿيو. اميه گهراڻي جي هڪ خليفي هشام ابن عبدالملڪ (جيڪو ۷۲۴ کان ۷۴۳ تائين خليفو هو) ان جو هڪ پوٽو عبدالرحمان بچي ويو ۽ هن اندلس (اسپين پاسي) حڪومت قائم ڪئي جنهن جو پاڻ پهريون امير ۷۵۶ کان ۷۸۸ تائين ٿيو ۽ ان بعد ان جو اولاد يعني اميه گهراڻو ۱۰۳۱ع تائين حڪومت ۾ رهيو. ان بعد ٻين مسلمان حاڪمن ۽ گهراڻن جي اسپين پاسي پنڌرهين صديءَ جي آخر تائين يعني ست سو سال حڪومت رهي. اميه گهراڻي جو اسپين پاسي گادي جو هنڌ ڪاردوبا (Cardoba) هو جنهن کي اسين عربي نالي ”قرطبه“ سان سڏيون ٿا. ان بعد ٻين خليفن ۽ حاڪمن جو، خاص ڪري آخري ڏينهن ۾، گراناڊا (Granada) رهيو جنهن کي پاڻ ”غرناطا“ سڏيون ٿا. آخري مسلمان حاڪم ابو عبادالله محمد (ٻارهين سلطان) ۱۴۹۱ ۾ غرناطا ۾ Surrender ڪيو ۽ Granada Treaty of تي صحيح ڪئي.
بهرحال هيڏانهن وچ اوڀر ۽ ايشيا ڏي اميه گهراڻي جي حڪومت ۷۵۰ ۾ ختم ٿي ۽ عباسي گهراڻي جي شروع ٿي. عباسين هڪدم اڳوڻو گاديءَ جو شهر دمشق (شام) ڇڏي بغداد (عراق) کي بنايو. عباسي گهراڻي جو پهريون خليفو ابوالعباس ۴ سال حڪومت ڪرڻ بعد ۷۵۴ ۾ وفات ڪئي ته هن جو پٽ المنصور تخت تي ويٺو ۽ ۷۷۵ تائين خليفو رهيو. هن جي خلافت وارن ڏينهن ۾ شيعن جو ڇهون امام جعفر الصادق هو. پاڻ محمد الباقر پنجين امام جو فرزند ۽ امام علي ابن حسين (علي زين العابدين) جو پوٽو هو. پاڻ ۷۰۲ ۾ پيدا ٿيا. ۷۴۳ ۾ سندن والد جي وفات بعد امامت جي پڳ سندن مٿي آئي. امام جعفر صادق وڏو قابل ماڻهو هو. پاڻ ڪيميائي ماهر Alchemist فلڪيات جو ماهر (Astronomer)، فلاسفر، سائنسدان، فزيشن ۽ قانون جو ڄاڻو هو. پاڻ جابر بن حايان (Geber) جهڙن مشهور ڪيميائي دان ، ابو حنيفه ۽ مالڪ ابن انس جهڙن جو ٽيچر هو. ميڊيڪل سائنس سان تعلق رکندڙن کي اهو معلوم ڪري حيرت ٿيندي ته روشنين ذريعي بيماري جو وجود ۾ اچڻ واري ٿيوري شيعن جي هن ڇهين مام جعفر صادق پيش ڪئي جاهن ريت آهي ته ؛
“There are some lights which, if thrown from a sick person to a healthy person, can possibly make that healthy person sick.”
ان کان علاوه مغربي دنيا ۾ ادب بابت هيٺين مشهور ڪوٽيشن پڻ امام الصادق جي آهي ؛
“Literature is garment which one puts on what he says or writes so that it may appear more attractive.”
جهازي (جهاز هلائيندڙ Navigator) توڙيAstronomy جا شاگرد چڱي طرح ڄاڻن ٿا ته فلڪيات ۽ ان سان واسطو رکندڙ مئٿس ۽ تارن ۽ سيارن جي نالن ۾ مسلمانن جو وڏو Contribution آهي. ۽ هن ڳالهه کان ته هر ڪو واقف هوندو ته امام جعفر الصادق Astronomy ۽ Mathematics ۾ تمام گهڻو هوشيار هو جنهن وٽ ڪيترا نامور سائنسدان پڙهيا. انهن مان هڪ شاگر جابر بن حايان هڪ دفعي الصادق کان سوال ڪيو ته سج چنڊ تارن جي چرپر، هنن کي ڪرڻ کان ڪيئن ٿي بچائي؟ (ياد رهي ته هي سوال اڄ کان ۱۳۰۰ کن سال اڳ ڪيو ويو هو. )امام جعفر وراڻيو ؛ ”ڪنهن پٿر کي رسيءَ جي هڪ پوڇڙ ۾ اٽڪائي ٻئي پوڇڙ کان گول گهمايو. پٿر رسيءَ سان ئي گڏ رهندو جيستائين توهان رسي کي گول گهمائي رهيا آهيو. پر جيئن توهان رسي کي گول گهمائڻ بند ڪندائو ته پٿر هيٺ زمين تي ڪري پوندو. اهڙي طرح لڳاتار گهوم (Perpetual Motion) تارن يا سيارن کي ڪرڻ کا بچائي ٿو.“
ملڪ جو عباسي خليفو المنصور هميشه وقت جي امام تي شڪ ڪندو رهيو ڇو جو المنصور کي سندس قابليت يا عوام جي پسنديدگي ڪري خلافت نه ملي هئي. ملڪ جي اڪثريت موجب امام جعفر الصادق خلافت جو حقدار هو . هوئي نيڪ، پرهيزگار ۽ ديني ۽ دنيائي ڪمن جي ڄاڻ رکندڙ هو. ان ڪري المنصور توڙي ان کان اڳ وارو خليفو ابوالعباس الصفا امام جعفر جي چرپر تي نطر رکندو رهيو ۽ هن کي سندس شاگردن ۽ علم حاصل ڪندڙن سان ملڻ کان روڪڻ لاءِ قيد ۾ به رکيو. امام جعفر اهي سڀ سختيون صبر سان برداشت ڪندو رهيو ۽ پنهنجو وقت عبادت ۽ لکڻ پڙهڻ جي ڪمن ۾ استعمال ڪندو رهيو. سندس انتقال ۴ ڊسمبر ۷۶۵ تي ٿيو. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته هن کي دشمنن زهر ڏئي ٻين امامن وانگر شهيد ڪيو. پاڻ مديني جي جنت البقيه قبرستان ۾ دفن ٿيل آهن.
امام جعفر الصادق (ڇهين امام) جي وفات بعد امامت ۾ ڪجهه اختلاف ٿي پيو. اسماعيلين اهو محسو س ڪيو ته امام جعفر جو وڏو پٽ اسماعيل ستين امام ٿيڻ لاءِ حقدار جانشين آهي پر گهڻائي يعني اثنا عشري شيعن (جيڪي ٻارهن امامن کي مڃين ٿا) انهن جو ان ۾ يقين هو ته امام جعفر پنهنجو وارث موسيٰ الڪاظم (اسماعيل جعفر جي ننڍي ڀاءُ) کي ڪري ويو آهي. بهرحال اسماعيلين جا اڳتي هلي مختلف گروپ ٿيا جن مان ٽي مشهور آهن نظاري، دروز (Druze) ۽ مستا علي. اسماعيلين ۾ سڀ کان وڏو گروپ نظاري اسماعيلين جو آهي جيڪي آغا خان جا پوئلڳ آهن ۽ آغا خاني به سڏجن ٿا. هيءَ ئي هڪ ڪميونٽي آهي جن جو امام موجود آهي ۽ اڄ ڪلهه ۴۹ هون امام شاهه ڪريم حسين آغا خان چوٿون آهي. جيڪو پرنس ڪريم آغا خان به سڏجي ٿو. آغا خانين جو ڇاهيتاليهون امام آغا حسن علي شاهه ايران جي قاچاري حاڪم جي خلاف ۱۸۴۰ ۾ اٿاريل بغاوت به ناڪامي اچڻ ڪري ايران ڇڏي ڏکڻ ايشيا جو رخ ڪيو. آخر ۱۸۴۸ ۾ هن اچي ممبئي ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ انڊيا ۽ پاڪستان ۾ هنن جي گهڻائي آهي. اسماعيلي شيعن جو ٻيو ننڍڙو گروپ ”دروز“ آهي جيڪي شام ۽ لبنان ۾ رهن ٿا. اسماعيلين جون ٽيون مشهور گروپ مستا علي آهي، جيڪي بوهري سڏجن ٿا جن جو ن وڌيڪ ٽي شاخون آهن ؛ سليماني بوهرا، دائودي بوهرا ۽ علوي بوهرا. هنن بوهرين ۾ اڪثريت دائودي بوهرين جي آهي جيڪي محمد برهان الدين کي پنهنجو ۵۲ هون پير يا مرشد (دائي المتلق) قبول ڪن ٿا.
بهرحال شيعن ۾ سڀ کان وڏو گروپ اثنا عشري وارن جو آهي جيڪي ٻارهن امامن کي مڃين ٿا ۽ هو ايران، پاڪستان، انڊيا، افغانستان، وچ ايشيا جي رياستن، عراق،بحرين کان علاوه ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ رهن ٿا. هنن جو ڇهين امام بعد ستون امام موسيٰ الڪاظم (مشهد ۾ دفن ٿيل شهيد امام علي رضا جو والد آهي).
امام موسيٰ ڪاظم ۲۸ آڪٽوبر ۷۴۵ تي مڪي جي ڀر واري شهر ابوا ۾ ڄائو. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن اميه گهراڻي ۽ عباسي گهراڻي جي حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ ڏي وٺ هلي رهي هئي. موسيٰ الڪاظم ۲۱ سالن جو هو ته سندن والد امام جعفر الصادق ۷۶۵ گذاري ويو چون ٿا ته کيس عباسي گهراڻي جي ماڻهن قتل ڪيو. امامت جا فرض موسيٰ ڪاظم سپرد ڪيا ويا ۽ هو شيعن جو ستون امام سڏيو ويو. انهن ڏينهن ۾ عباسي گهراڻي جو ٻيو خليفو المنصور ملڪ جو حاڪم هو جنهن جي ۷۷۵ ۾ وفات بعد المهدي خليفو ٿيو جيڪو ۷۸۵ تائين رهيو ۽ پوءِ هڪ سال الهادي خيلفو ٿيڻ بعد عباسي گهراڻي جو مشهور حاڪم هارون رشيد ۷۸۶ ۾ خليفو ٿيو. هارون رشيد ۸۰۹ تائين بغداد جي گاديءَ تي ويٺو. يعني موسي الڪاظم (ستين امام ) جي دور امامت (۷۴۵ کان ۷۹۹) ۾ عباسي گهراڻي جا چار خليفا رهيا؛ المنصور، المهدي، الهادي ۽ هارون رشيد. هميشه وانگر عباسي گهراڻي جي حاڪمن جو امام موسيٰ الڪاظم سان به وهنوار سٺو نه رهيو. ايتريقدر جو خليفي هارون رشيد ۷۹۵ ۾ امام موسيٰ الڪاظم کي بغداد جي جيل ۾ رکيو جتي چئن سالن بعد ۷۹۹ ۾ هارون رشيد جي حڪم تي جيلر موسيٰ الڪاظم کي زهر ڏنو جيڪو سندن موت جو سبب بڻيو.
موسيٰ الڪاظم جي شهادت (۷۹۹ع) وقت سندن فرزند علي الرضا جي عمر ۳۵ سال هئي جن کي امامت جي جوابداري سونپي وئي. ان وقت جي خليفي هارون رشيد نٿي چاهيو ته امام علي رضا ماڻهن ۾ مقبول ٿئي. ايتريقدر جو هن مديني جي ماڻهن کي امام علي رضا سان ملڻ يا هنن وٽ علم حاصل ڪرڻ تي به پابندي هڻي ڇڏي هئي. چون ٿا ته هارون رشيد هڪ ٻه دفعو امام رضا کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي پر ڪامياب نه ٿيو ۽ پوءِ سگهو ئي هارون رشيد پاڻ هن دنيا مان هليو ويو. هو خراسان پاسي بغاوت کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ نڪتو هو. رستي تي مشهد ڀرسان سخت بيمار ٿي پيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هو هميشه لاءِ پاڻ خاموش ٿي ويو. هيڏي سلطنت ۽ طاقت جو مالڪ مڻ مٽيءَ هيٺيان دٻجي ويو انگريز شاعر لانگ فيلو (هينري واڊس ورٿ) جو هارون رشيد بابت هڪ شعر آهي ؛
Oneday Haroun Al-Rashid read
A book Wherein the poet said
Where are the kings and where the rest
Of those who once the world possessed?
۸۰۹ ۾ هارون رشيد جي وفات بعد سندس وصيعت موجب عباسي گهراڻي جي عرب زال زبيده جو پٽ الامين خليفو ٿيو ۽ هارون رشيد جي ايراني (پرشن) زال جو المامون خراسان جو گورنر ٿيو. پر ڀائرنه ٺهيا. هو ڇا چوندا آهن ته ”بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري“، پر حڪومت، پاور، بادشاهي ان کان به خراب شيءَ آهي. جنهن لاءِ ڀاءُ ڀاءُ کي، پٽ پيءُ کي ڪهيو رکي. ڀائرن جي وچ ۾ هلندڙ جهيڙي ۾ آخر الامين ۸۱۳ ۾ قتل ٿي ويو. ۽ المامون خليفو ٿيو. الامين جي قتل ڪري ملڪ ۾ وڳوڙ ٿيو. عرب ماءُ جو پٽ هجڻ ڪري عربن جون الامين لاءِ همدرديون هيون. پرشيا (ايران) جو وڏو حصو ته هونءَ ئي هنن خليفن کي نقلي خليفو سمجهيو ويٺو هو. هنن جو همدرديون هاشمين سان هيون ۽ هنن لاءِ مذهبي توڙي سياسي طرح علي جو اولاد خلافت جو حقدار هو جن کي هنن امام ٿي سڏيو. مشهد يونيورسٽي جي تاريخ جي هڪ شاگرد ٻڌايو ته ملڪ ۾ ٺاپر آڻڻ ۽ عربن ۽ ايرانين کي خوش ڪرڻ لاءِ خليفي مامون اها سياسي چال کيڏي ته هو خلافت شيعن جي اٺين امام علي رضا جي حوالي ڪرڻ چاهي ٿو. امام علي رضا توڙي ٻين ان کي پسند نٿي ڪيو پر خليفي مامون امام علي رضا کي خراسان ۾ گهرايو.
امام رضا پنهنجو ننڍڙو پٽ محمد التقي ۽ زال مديني ڇڏي خليفي مامون سان ملڻ لاءِ خراسان ڏي نڪتو. هو پهرين بصري آيو جتان پوءِ بغداد مان ٿي ايران جي شهر قم ۾ پهتو. آئون جڏهن قم شهر ۾ هوس ته اتي گلگٽ جي هڪ شيعا عالم سيد عالم نقويءَ اتي جي ”مدرسھ رضويھ“ لاءِ ٻڌايو ته ”جڏهن خليفي مامون رشيد امام علي رضا کي گهرايو ته هو هتي قم پڻ آيو. قم جا ماڻهو پنهنجي امام جي آڌرڀاءُ لاءِ ڳاهٽ ٿي آيا ۽ هر هڪ چاهيو ٿي ته امام سندن مهمان ٿي رهي. حضرت امام علي رضا کين چيو ته ” منهنجي اٺ کي ڇڏي ڏيو ته هو پاڻ ڪٿي ٿو مونکي لاهي. منهنجي اهائي منزل ٿيندي.“ اٺ قم شهر جي ور وڪڙن وارين سوڙهين گهٽين ۾ هلي هلي نيٺ هڪ گهر جي در وٽ اچي ترسيو. امام رضا ان گهر ۾ مهمان ٿي رهيو ۽ اڄ اها جاءِ مدرسھ رضوي نالي ديني تعليم جو درسگاهه آهي.“
قم بعد امام رضا خراسان صوبي جي شهر نيشاپور ۾ آيو. نيشاپور جتي بعد ۾ عمر خيام، فريد دين عطار ۽ ڪمال وملوڪ جهڙا شاعر، مئٿميٽيشن، عالم ۽ آرٽسٽ اچي رهيا جن جا اتي مقبرا پڻ آهن. بهرحال اڄ ڪلهه نيشاپور ايڏو وڏو شهر ناهي ۽ طوس ته بنهه مٽجي چڪو آهي پر انهن ڏينهن ۾ نيشاپور ۽ طوس ”خراسان“ صوبي جا وڏا ۽ گهماگهمي وارا شهر هئا. انهن ڏينهن ۾ نيشاپور ۾ سوين حديثون ٻڌائڻ وارا ۽ شريعت جي قانون جا ڄاڻو رهيا ٿي. بعد ۾ منگولن جي حملي ۾ هي شهر تباهه ٿي ويا. چون ٿا ته امام علي رضا جي پهچڻ تي هتي جي مشهور محدث محمد بن اسلم طوسيءَ امام علي رضا کي ڪا حديث ٻڌائڻ لاءِ عرض ڪيو.
نيشاپور بعد امام رضا سنا آباد ڳوٺڙي ۾ آيو. ان وقت ظهر نماز جو وقت هو. نماز بعد پاڻ حميد بن قهاتبا جي گهر پهتو جتي جي هڪ هال ۾ خليفو هارون رشيد دفن ٿيل هو. چون ٿا ته امام رضا هارون رشيد جي قبر وٽ اچي ان جي ڀرسان هڪ ليڪ ڪڍي چيو ته ”هتي منهنجي قبر ٿيندي جتي مونکي دفن ڪيو ويندو.“
امام علي رضا جڏهن خليفي مامون رشيد وٽ پهتو ته هن ڪورٽ جي اهم ماڻهن، اهلڪارن ۽ سردارن اڳيان اهو اعلان ڪيو ته ”مونکان پوءِ خلافت جي پڳ امام علي رضا حوالي ڪئي وڃي.“ هن عباسي گهراڻي جو ڪاري رنگ جو جهنڊو بدلائي بنو هاشم جو سائو رنگ ڪيو. خليفو مامون اهو سڀ ڪجهه فقط ان ڪري ڪري رهيو هو جيئن عوام هن کي پسند ڪري. پر امام علي رضا ايترو زنده رهڻ نه ڏنو ويو جو هو مامون رشيد بعد خليفو ٿي سگهي. ۲۶ مئي ۸۱۸ع تي جڏهن امام رضا خليفي مامون سان گڏ طوس شهر ۾ موجود هو ته هو اوچتو وفات ڪري ويو. هتي جي ڄاڻو ۽ عالمن جو اهوئي چوڻ آهي ته خليفي مامون رشيد امام رضا کي انگورن ۾ زهر ملائي ڏنو هو. جنهن جو احوال مرڻ کان اڳ امام رضا پنهنجي پراڻي دوست ابا صالت سان اڻ چٽي طرح ڪيو.
امام جي شهادت بعد سڄي خراسان ۾ وڏو گوڙ مچي ويو. عوام اڳيان مامون رشيد پنهنجو منهن مٿو پٽيو ۽ اوڇنگارون ڏيئي رنو، پر وڏي ڀاڱي عوام اهوئي سمجهڻ تي مجبور رهي ته ان قتل پويان مامون رشيد جو هٿ آهي. ان وقت امام علي رضا جو اڪيلو پٽ محمد التقي نون سالن جو هو ته هن کي نائين امام ٿيڻ جي جوابداري سونپي وئي. ڪجهه سالن بعد خليفي مامون رشيد هڪ دفعو وري پنهجي طاقت ۽ دولت امام علي رضا جي فرزند امام تقي (نائين امام) تي آزمائي. هن امام تقي کي گهرائي سوچيل رٿا موجب پنهنجي ڌيءُ ام الفضل سان شادي ڪرائي. جيتوڻيڪ مامون رشيد جي عباسي خاندان ان شاديءَ تي سخت مخالفت ڪئي پر اها شادي هر صورت ۾ رچائي وئي. مشهد شهر جي مڪاني گائيڊ مطابق هن اهوئي چاهيو ٿي ته سندس ڌيءُ جو ٻار اڳتي هلي ڏهون امام ٿئي. پر امام تقي کي ام الفضل مان اولاد نه ٿيو کين ٻي زال سومانھ مان علي الهادي ڄائو جيڪو اڳتي هلي شيعن جو ڏهون امام ٿيو. خليفي مامون جي ڌيءُ ام الفضل وٽ جيتوڻيڪ امام تقي بغداد ۾ اٺ سال ۽ ان بعد مديني ۾ ڪجهه سال رهيو پر ام الفضل جو امام سان ٺاهه نه رهيو. ۸۳۳ ۾ خليفي مامون جي وفات بعد هن جو ويڳو ڀاءُ المتسم خليفو بڻيو. ان بعد امام تقي لاءِ حالتون ويتر ڏکيون ٿي پيون. خليفو المتسم شروع کان علمائن جي خلاف هو ۽ هاڻ خليفو بنجڻ بعد پنهنجي نفرت جا اظهار کلئي طرح ڪرڻ لڳو. ايتريقدر جو هن اعلان ڪيو ته سڀ شيعا غير مسلم آهن ۽ ٻين تي واجب آهي ته هو هنن کي قتل ڪن ۽ سندن مال ملڪيتن کي نقصان رسائين. ۸۳۵ ۾ هن امام تقيءَ کي بغداد گهرايو جتي هن جو به موت اوچتو درپيش آيو.
امام محمد تقي (شيعن جي نائين امام) جي شهادت جا به ڪيترائي حالات بيان ڪيا وڃن ٿا. ابن شهراشوب تواريخدان ان بابت ٻڌائي ٿو ته خليفي المتسم پنهنجي ڀائيٽي ام الفضل کي پنهنجي مڙس امام تقي کي قتل ڪرڻ لاءِ ڀڙڪايو. جنهن ۲۹ ذوالقعد ۲۲۰ هجري (۸۳۵ع) تي امام تقي کي زهر ڏئي شهيد ڪيو. کين بغداد ۾ قريش جي قبرستان ۾ پنهنجي ڏاڏي موسيٰ الڪاظم (ستين امام ) جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو. هي مقبرو جنهن هيٺيان اهي ٻه قبرون آهن ڪاظمين سڏجي ٿو. جن جي زيارت لاءِ مختلف ملڪن کان ماڻهو عراق اچن ٿا.
No comments:
Post a Comment