اي خاڪِ خراسان .....
هتي ايران ۾ اچي هڪ ڳالهه نوٽ ڪئي اٿم ته ايراني شيعن جي اٺين امام علي ابن موسيٰ الرضا (۸۱۸-۷۶۵) سان وابسته هر شيءَ کي جڏهن رضوي سڏين ٿا ته رضويءَ جي ”ر“ اکر مٿان زبر ڏيئي اچارين ٿا يعني Razvi. پر اسان وٽ ”ر“ هيٺيان زير ڏيئي رِضوي Rizvi سڏين ٿا. جيئن ڪراچيءَ جي رِضويه سوسائٽي يا اسانجو ڪليگ جهازن جو چيف انجنيئر جميل رِضوي.
قم يا ٻين شهرجي مسجدن ۽ مدرسن ۾ عالمن ۽ شاگردن کي مختلف رنگن جا عبايا (گائون) پهريل نظر اچن ٿا پر مٿي تي اڇي رنگ جو عمامو (پڳ) اٿن يا وري ڪاري رنگ جو. قم ۾ حيدرآباد جي سيد محمد شاهه جو فرزند غلام مهدي شاهه مليو تنهن ٻڌايو ته عبايا ته ڪوبه ڪهڙي به رنگ جو اوڍي سگهي ٿو پر ڪاري رنگ جو عمامو (پٽڪو) اهي پهرين ٿا جيڪي سيد آهن. باقي عام ماڻهو اڇي رنگ جو عمامو مٿي تي رکن ٿا. اسان جي سنڌ جا به ڪيترائي عالم ايران جي مختلف شهرن ۾ نظر آيا. انهن ۾ به جيڪي سيد آهن انهن جي مٿي تي ڪاري رنگ جو عمامو هو. باقي لغاري، ڀٽآ، وڌهو، چانڊيا ۽ ٻين ذاتين وارن عالمن جي مٿي تي اڇي رنگ جو هو.
مٿيون همراهه، غلام مهدي شاهه، سول سروسز اڪيڊمي ٽندو ڄام ۾ ريسرچ آفيسر آهي. اسانجو مرحوم اديب ۽ سنڌ يونيورسٽي جو پروفيسر ظفر سندس مامو ٿئي. هن ٻڌايو ته هو حيدرآباد کان گروپ ٺاهي ڪڏهن باءِ روڊ ته ڪڏهن باءِ ايئر، ايران اڪثر ايندا رهن ٿا.
هڪ ايراني سيد ٻڌايو ته رضوي سيد دراصل تقوي به سڏجن ٿا جو امام علي رضا کي هڪ ئي پٽ امام محمد التقي (۸۳۵-۸۱۰) هو. سو جيڪي امام رضا جو اولاد (يعني رضوي سڏائين ٿا سي سڀ امام محمد التقي جو ئي اولاد آهن. يعني اهي تقوي به ٿيا. امام تقيءَ جي شادي ان وقت جي عباسي خليفي مامون رشيد (جنهن ۸۱۳ کان ۸۳۳ تائين ويهه سالن کن حڪومت ڪئي) جي ڌيءَ ام الفضل سان ٿي پر ان مان کين ڪو اولاد نه ٿيو. ڏهون امام علي نقي (علي الهادي پڻ سڏيو وڃي ٿو.) ۽ ٻيا ٻار امام تقيءَ کي ٻي زال مان ٿيا. امام علي تقي ۸۲۷ ۾ ڄائو ۽ ۸۶۸ ۾ وفات ڪيائين. سندس مقبرو عراق جي سمارا شهر جي العسڪري مسجد ۾ آهي.
امام خميني، ڏٺو وڃي ته هڪ پوڙهو ماڻهو، ڳوٺاڻو، جسماني طرح ڪمزور ۽ ملڪ بدر انسان هو. هن بنا ڪنهن توب ۽ تلوار جي فقط تعليم ۽ تقرير ذريعي ملڪ ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. ويهين صديءَ ڪيترائي انقلابي ليڊر پيدا ڪيا پر جتي مائوزي تنگ، اسٽالن، هٽلر جهڙا دهريت، ماديت ۽ ڪميونزم جي پرچارڪ ڪندا رهيا ۽ مذهب کي غير اهم ٿي سمجهيو اتي امام خمينيءَ روحانيت کي ضروري ٿي سمجهيو. هن روس جهڙي رياست کي به اهو ٻڌايو ته توهانجي ملڪ لاءِ مصيبت جو سبب Capitalism ، آزادي يا معاشيات ناهي پر ايمان جي کوٽ آهي.
ايران ۾ ڪيترائي پڙهيل ڳڙهيل امام خمينيءَ جي اها ڳالهه فخر سان ٻڌائيندا رهن ٿا ته امام خمينيءَ روس جهڙي ملڪ، جيڪو ان وقت دنيا جو سپر پاور هو، جي صدر گوربا چيف کي سندس ملڪ ٽٽڻ بابت اڳواٽ ٻڌايو ۽ کيس اسلام کي سمجهڻ لاءِ چيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ۵ جنوري ۱۹۸۹ تي اها دنيا جي اخبارن ۾ خبر ڇپي هئي ته ايران جي آيت الله خميني سوويٽ (USSR) ليڊر کي خط لکيو آهي ته ”تنهنجي ڪميونزم مردار ٿي چڪي آهي جنهن جي هاڻي صحيح جاءِ فقط عجائب گهر آهي. مونکي موڪل ڏي ته توکي اسلامي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڌيان ڇڪايان ڇو جو اسلام عالمي طاقت رکي ٿو ۽ اسلام ذريعي اسان انسان ذات جا بنيادي مسئلا ختم ڪري هن دنيا ۾ سڪون و آرام آڻي سگهون ٿا.“ خميني جي ان خط جا انگريزي ۾ جملا ڪجهه هن ريت هئا :
“ Your communism will be relegated to the museums of the world’s political history, since Marxism cannot meet any of the real needs of human beings .”
ان وقت ڪنهن ٿي سوچيو ته روس (سوويت رياستن جو جهڳٽو) جيڪو هيڏو طاقتور ملڪ سمجهيو ويو ٿي اهو ٽٽي پوندو. خميني جي مٿين خط بعد جيڪو هن ۱۹۸۹ ۾ لکيو هو ٻن سالن اندر روس ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. اڄ ڪميونزم جو فلسفو فقط ماضيءَ جو پڙاڏو آهي. ۱۹۹۱ کان وٺي روس جي هر هڪ رياست پنهنجي ليکي ۽ پنهنجي منهن آهي. ڪنهن ۾ به ڪمينوزم نه رهيو آهي.
اڃان ڪراچيءَ ۾ ئي هئاسين ته اسانجي ايران جي سفر جو بندوبست ڪرڻ وارن – الحرمين ٽريول ايجنسي جي اسانجي گائيڊ محمد علي رضوي اسان کي چوندو رهيو ته هو هڪ ڏينهن اسان کي مشهد کان پري هڪ خوبصورت جاءِ تي وٺي هلندو جتي هو پنهنجي خرچ تي اسان جي دعوت ڪندو.
”اهو هتي جو خوبصورت پڪنڪ اسپاٽ آهي،“ محمد علي ٻڌايو هو، ”جيڪو مشهد کان به گهڻو بلندي تي آهي جتي اونهاري ۾ به سيءُ پوي ٿو. ڊگهن صنوبر جهڙن وڻن جي هيٺيان ڪيتريون ئي هوٽلون آهن جتي پري پري کان ايراني پنهنجي ڪٽنبن سان شام گذارين ٿا.“
مشهد ۾ ٻه ٽي ڏينهن گذرڻ بعد هڪ ڏينهن محمد عليءَ اسان کي رهائش واري هوٽل بدران ٻاهر هلي رات جي ماني کائڻ لاءِ چيو.
”اڄ هلو ته توهان کي ان خوبصورت هنڌ تي وٺي هلان جنهن لاءِ مون وعدو ڪيو هو.“ محمد علي اعلان ڪيو.
”ڇا مشهد کان وڌيڪ سهڻي جاءِ ٿي سگهي ٿي؟“ اسان مان ڪنهن چيو.
”اهو هنڌ مشهد جو ئي حصو آهي.“ محمد علي وراڻيو.
شام جو پنجين بجي ڌاري پڪنڪ بس اسانجي هوٽل اڳيان آئي جنهن ذريعي اسان ڪلاڪ بعد مشهد کان ٽيهه ڪلو ميٽر ٻاهر هن خوبصورت ۽ ٿڌڙي ڳوٺ ۾ پهتاسين جنهن جو نالو شانديز آهي. مٿانهين Altitudeوارو هي ڳوٺ ملائشيا جو گينتگ هاءِ لئنڊس ٿي لڳو جتي پهچڻ سان سيءَ ڪري ڏڪڻي وٺي وئي. چوڌاري ريسٽورينٽون ۽ باغ باغيچا هئا جن جي اڳيان ۽ اندر ڪيتريون ئي ايراني فئميليون ۽ ڌاريان نظر اچي رهيا هئا. هتي عورتن جا روسري (حجاب) سان مٿا ڍڪيل ضرور هئا پر اهي ڊگهين چادرن ۾ ويڙهيل نه هيون جيئن امام علي رضا جي مقبري تي نظر اچن ٿيون.
اسان جي ميزبان محمد علي ۽ سندس ڀاءُ سلمان رضويءَ اسان لاءِ هتي ڪيترائي لوڪل ۽ ايراني ڊش گهرايا جن ۾ هڪ ڪوابن جو به ڊش هو. هن ريسٽورنٽ جنهن جو نالو ”تالار ريستوران بهارستان“ هو ان جي مئينيجر ٻڌايو ته ”هي ڪواب هن ڳوٺ شانديز (Shandiz) جي اسپيشلٽي آهي جنهن جو نالو ئي آهي شانديز ششلڪ (Shandiz Shishlik). پري پري کان ماڻهو هي ”ششلڪ“ کائڻ لاءِ هتي اچن ٿا ۽ سڄي ايران ۾ هن قسم جي ڪوابن کي اسانجي ڳوٺ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.“ هي ائين آهي جيئين اسان وٽ بهاري ڪواب، دکني آچار، افغاني پلاءُ وغيره. ريسٽورنٽ جي مئينجر ٻڌايو ته هن وٽ سڀ خوارزمي بورچي آهن ۽ پوءِ مونکان پڇيو ” توهان خوارزمي سمجهو ٿا؟“
”پهرين ايران بابت ايتري ڄاڻ نه هئي پر پوءِ ڪجهه هتي اچي معلومات حاصل ڪئي اٿم، ڪجهه هتي اچڻ کان اڳ ايران بابت پڙهي نڪتو آهيان.“
”خوارزمي“ خوارزم (Khwarezm) علائقي جي ماڻهن کي سڏجي ٿو. فارسي ادب خوارزم ۽ ان جي شهرن جي قصن ڪهاڻين سان ڀريو پيو آهي. ’امو درياه‘ جي ڊيلٽا (ڇوڙ) وارو علائقو خوارزم سڏجي ٿو جيڪو ڪنهن زماني ۾ ايران ۾ هو. هاڻ ماڊرن دور ۾ نيون سرحدون ۽ نوان ملڪ ٺهڻ بعد هي علائقو ازبڪستان ۾ اچي ويو آهي، پر هتي جي رهاڪن جي اڄ به روزمره جي زبان فارسي آهي. ايران سلطنت ۾ هن علائقي جا ڪيترائي اديب، شاعر، فيلسوف، عالم ۽ سائنسدان دنيا ۾ مشهور ٿيا جيئن مشهور صوفي نجم دين ڪبرا ۽ نجم دين رزي ، دنيا جو مشهور حساب دان محمد ابن موسيٰ الخوارزمي جنهن جي نالي الگورٿم ٽرم آهي، ڏهين صدي جو محمد ابن احمد خوارزمي جيڪو Encyclopedist به سڏجي ٿو جنهن جو فارسي ۾ لکيل ڪتاب ”مفاتھ العلوم“ مشهور آهي جيڪو انگريزي ۾ Key of the Sciences نالي ترجمو ٿيل آهي. سائنسدان بيروني، فلاسفر قطب الزمان محمد ابن ابو طاهر مروازي، ماهر فلڪيات المروازي، تاريخ دان ابوالغازي بهادر وغيره وغيره. مشهور حاڪم تميورلنگ جي زال توريح بيگ خانم به هن علائقي جي پرشن (ايراني) عورت هئي. ايران جي هن علائقي خوارزم جي گادي جو شهر گرگانج هو جنهن کي مغربي دنيا Urgench سڏي ٿي. سترهين صدي بعد گاديءَ جو شهر خيوا (Khiva) ٿيو. فارسي جي شاعر خاقاني شيرواني جو خوارزم علائقي جي واکاڻ ۾ هڪ شعر آهي ته :
عالم جانها بر اوهست مقرر چنانڪ
دولت خوارز مشاهه داد جهان را قرار
شيخ سعدي جو به ان وقت خوارزم جي حاڪم بابت هڪ مشهور شعر آهي ته ؛
يڪي پر طمع پيش خوارزم مشاهه
شنيدم ڪھ شد بامدادي پگاهه
(هڪ لالچي ماڻهو خوارزم ۾ شاهه وٽ آيو صبح جو سوير مون ائين ٻڌو آهي )
هن علائقي خوارزم جي گادي واري شهر گرگانج جي به ڪهڙي ڳالهه ڪجي! اڄ جي سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ دبئي وانگر ديسان ديس مشهور ۽ امير شهر هو. ياقوت الحمودي تيرهين صدي جو هڪ مشهور بايو گرافر ۽ جاگرافي جو ڄاڻو ٿي گذريو آهي. پاڻ ۱۱۷۹ ۾ شام جي حما شهر ۾ ڄائو، ان ڪري حموي ٿو سڏجي . پاڻ هڪ غلام جي حيثيت ۾ وڪرو ٿي بغداد پهتو جيڪو تن ڏينهن ۾ ايران سلطنت هيٺ هو. ياقوت جي مالڪ کيس پڙهايو لکايو ۽ هو وڏو عالم ٿيو. پاڻ ڪجهه ڪتاب به لکيائين جن ۾ معجم الادباءَ (ليکن جي لغت) بيحد مشهور چيو وڃي ٿو. هن ديسان ديس سفر ڪيو. ۱۲۲۹ ۾ وفات ڪيائين. ياقوت الحمويءَ خوارزم جي گادي واري شهر گرگانج جي وڏي تعريف لکي آهي. چي: ”مون گرگانج جهڙو امير ۽ خوبصورت شهر ڪٿي به نه ڏٺو.“ بهر حال هي شهر ڪيترن جي حملن جي ور چڙهيو ۽ هرهڪ هن کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪسر نه ڇڏي. خاص ڪري منگول لشڪر امو درياءَ جون ڊيمون ڀڃي گرگانج کي لوڙهائي ڇڏيائون. ياقوت لکي ٿو ته هر منگول فوجيءَ سراسري چار گرگانج جا شهري قتل ڪيا. انهن شهيدن ۾ مشهور صوفي نجم الدين ڪبرا به هڪ هو. چيو وڃي ٿو ته منگولن جي لشڪر ۾ اسي هزار سپاهي هئا. گرگانج تي آيل ان تباهيءَ جو ذڪر ديوان انوري ۾ به آهي:
آخر اي خاڪِ خراسان داد يزدانت نجات
بلاي غيرت خاڪ ره گرگانج و ڪات .
(اي خراسان جي ڌرتي ! خدا توکي بچائي ورتو آهي، ان تباهي کان جيڪا گرگانج ۽ ڪات تي نازل ٿي.)
No comments:
Post a Comment