ايران هڪ نظر ۾
الطاف شيخ
· ايران جي تهذيب دنيا جي جهونين تهذيبن مان آهي.
· ڪنهن زماني ۾ ته ايران اڃا به وڏو ملڪ جنهن ۾ افغانستان، عراق، اڄ واري پاڪستان، آذر بائيجان ۽ ترڪمنستان جا به ڪجهه حصا اچي ويا ٿي.
· اڄ به ايران ڪافي وڏو ملڪ آهي. برطانيا، فرانس، اسپين ۽ چوٿون جرمني ملائجن ته ايران جيڏي ايراضي ٿيندي. ايران جي جملي پکيڙ ساڍا سورهن لک چورس ڪلوميٽر آهي. ان حساب سان ايران دنيا جو سترهون نمبر وڏو ملڪ آهي.
· ٻاهرين ملڪن مان ايران ٽيلفون ڪرڻ لاءِ ۰۰۹۸ ڪوڊ ملائجي ۽ ان بعد ايران جي شهر جو ڪوڊ نمبر ملائجي. ڪجهه شهرن جا ڪوڊ هن ريت آهن:
تهران
|
۵۱ ۰۰۹۸
|
اصفهان
|
۳۱ ۰۰۹۸
|
تبريز
|
۴۱ ۰۰۹۸
|
شيراز
|
۷۱ ۰۰۹۸
|
اهواز
|
۶۱ ۰۰۹۸
|
قم
|
۲۵۱ ۰۰۹۸
|
زاهدان
|
۵۴۱ ۰۰۹۸
|
همدان
|
۸۱۱ ۰۰۹۸
|
· ايران جا ڪجهه امرجنسي ٽيليفون نمبر هن ريت آهن:
پوليس: ۱۱۰
ائمبولينس: ۱۱۵
فائر ڊپارٽمينٽ: ۱۲۵
· ايران صدين کان پرشيا سڏبو آيو ٿي.
۱۹۳۵ ۾ هن ملڪ جو سرڪاري طرح نالو ”پرشيا“ بدران ”ايران“ رکيو ويو.
۱۹۷۹۾ شهنشاه ايران جي ملڪ بدر ٿيڻ ۽ امام خميني جي انقلاب بعد هن ملڪ جو نالو ”جمهوري اسلامي ايران“ (Islamic Republic of Iran) رکيو ويو.
· ۱۹۸۰ کان ۱۹۸۸ تائين ايران ۽ عراق جي لڙائي هلندي رهي.
· ايران جي بارڊر يعني Boundaries جي ماپ ورتي وڃي ته ۵۴۴۰ ڪلوميٽر ٿيندي ۽ پنهنجي پاڙي وارن ملڪن سان هن ريت ڪامن بارڊر ٺاهي ٿو: افغانستان ۹۳۶ ڪلوميٽر، آرمينيا ۳۵ ڪلوميٽر، آذربائيجان ۶۱۱ ڪلوميٽر، عراق ۱۴۵۸ ڪلوميٽر، پاڪستان ۹۰۹ ڪلوميٽر، ترڪي ۴۹۹ ڪلو ميٽر ۽ ترڪمستان ۹۹۲ ڪلوميٽر.
· ايران جو ايراني ۽ اوماني نار پاسي واري سمنڊ جو ۲۴۴۰ ڪلوميٽر ڪنارو آهي ۽ مٿي اتر ۾ ڪئسپين سمنڊ پاسي ۷۴۰ ڪلوميٽر ڪنارو آهي.
· ايران پيٽروليم، قدرتي گئس، ڪوئلي، ڪروميم، ٽامي، لوه، شيهي، جست ۽ سلفر جهڙي معدني شين کان مالا مال آهي.
· ايران جي آدمشماري ست ڪروڙ کن آهي. جن ۾ اڌ کان وڌيڪ فارسي (پرشن) نسل جا ماڻهو رهن، ۲۴ سيڪڙو آذري آهن، ۸ سيڪڙو گيلاڪي ۽ مزنداراني آهن، ۷ سيڪڙو ڪرد، ۳ سيڪڙو عرب، ۲ سيڪڙو لور (Lur) اهڙا ۲ سيڪڙو بلوچ، ۲ سيڪڙو ترڪ ۽ باقي هڪ سيڪڙو ٻيا آهن.
· مذهب جي حساب سان ۹۰ سيڪڙو شيعا آهن ۽ ۱۰ سيڪڙو سني. ان کان علاوه ڪجهه عيسائي، يهودي، بهائي ۽ پارسي به رهن ٿا.
· ايران کي نظامي جهڙن شاعرن سڄي عالم (Universe) جي دل سڏيو آهي. چي:
همھ عالم تن است و ايران دل
خجل نيست گو ينده زين قياس
· ايران لاءِ گهٽ تعريف فردوسيءَ به نه ڪئي آهي. چي ڪو ايران کي جنت سمجهي يا باغ هتي جي هر دوست مان مشڪ جي خوشبوءِ اچي ٿي.
بوستان ڪھ ايران بهشت است يا
همي بوي مشڪ آيد از دوستان
· ايران ۾ امام خميني جي آندل اسلامي انقلاب کان اڳ ايران جو پهلوي شهنشاه، آمريڪا ۽ مغربي حڪومتن جو چمچوٿيو پئي هليو ته ايران جي واه واه پئي ٿي. آمريڪا کان جمهوريت ۽ عوام لاءِ انصاف جهڙيون ڳالهيون ئي وسري ويون هيون، جيئن ضياء جي ڏينهن ۾ آمريڪا لاءِ پاڪستان هو. هاڻ ايران جي حڪومت آمريڪا جهڙين مغربي طاقتن کي وٺ نٿي ڏئي ته هنن کي هر خراب ڳالهه ايران ۾ نظر اچي ٿي. گذريل پاءُ صديءَ کان آمريڪا جي ميڊيا ذريعي هر وقت اهو چتاءُ ڏنو پيو وڃي ته اجهو ٿو ايران ٽٽي. پر هتي ايران پهچڻ سان يڪدم احساس ٿئي ٿو ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي، ڀلي کڻي مغرب جا ماڻهو ايران جي اسلامي ريپبلڪ حڪومت جي عدم استحڪام جي دعوا ڪندا رهن. سچ ته هي آهي ته ايران جي اسلامي حڪومت جون پاڙو عوام ۾ نهايت ئي اونهيون آهن. ان جو اهم سبب اعليٰ درجي جو معاشرتي انصاف آهي. اڄ نه رڳو هر ايرانيءَ کي روز مره جي استعمال جي شين تي حڪومت جي طرفان برابر رعايت ملي ٿي بلڪه انهن غريب ۽ ڳوٺاڻن ماڻهن کي به صحت ۽ تعليم جي سهولت بنا فرق رکڻ جي مهيا ڪئي وڃي ٿي جن کي شاه جي دؤر ۾ ڪنهن پڇيو به ڪونه ٿي. ايران ۾ اڄ هر هڪ گاڏي رکي سگهي ٿو. شاه جي ڏينهن ۾ اها اجازت فقط هڪ خاص طبقي تائين محدود هئي. جيتوڻيڪ هاڻ ماڻهن کي اها شڪايت ضروري آهي ته رستن تي ٽرئفڪ جو هجوم ٿيڻ لڳو آهي. پر اهو آهي ته ان سهولت ڪري ايران جي هر شعبي جي ماڻهن کي فائدو رسيو آهي.
· ۲۸ سال گذري ويا آهن پر اڃا تائين ايران ۾ ڪابه اهڙي تحريڪ پيدا نه ٿي سگهي آهي جيڪا ايران جي حڪومت خلاف هجي. تنهن جي معنيٰ ته ايراني عوام پنهنجي هن اسلامي ۽ انقلابي حڪومت مان بد دل ناهي. ڪيترن تجزيه نگارن جي اها راءِ ضرور آهي ته اسلامي حڪومت ڪافي حد تائين آمرانه آهي پر ان کي ڊڪٽيٽرشپ نٿو چئي سگهجي، ڇوته هن ۾ مشاورت جو اعليٰ نظام موجود آهي، بلڪه ايتري قدر لچڪ رکي وئي آهي جيئن اهو ٽٽي نه سگهي.
· ڊگهي عرصي تائين تيل جي قيمتن ۾ واڌ اچڻ ڪري ايراني حڪومت جو خزانو ڪافي ڀرجي ويو آهي ۽ هن جي غير ملڪي زرمبادلي جو ذخيرو به هن وقت معقول مقدار ۾ آهي. پاڙي وارين گلف جي رياستن جنهن اٻهرائيءَ سان پنهنجو تيل ڪڍي ان کي وڪڻي پئسي کي اجاين سجاين شين ۾ ضايع ڪري ڇڏيو- ايران ان ڳالهه کان هميشھ پاسو ڪيو آهي. ايران وارن هر سال ”آئل اسٽيبلائزيشن فنڊ“ جي نالي اربها ڊالر بچايا آهن ۽ هن بچت جو مقصد اهڙن ڏکين ڏينهن کي منهن ڏيڻ آهي.
· ايران ادب ۽ شعر و شاعري کان به مشهور آهي. شروع ۾ فارسي جا ڪجهه پهاڪا لکيا اٿم. هن وقت ڪجهه ٻيا ياد اچي رهيا آهن جيڪي پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هيٺ ڏيان ٿو:
· ڀڳل هٿ وري به ڪجهه ڪم ڪري سگهي ٿو پر ٽٽل دل هرگز نه.
· خراب ڦٽ ڇٽي سگهي ٿو پر گٿو لفظ صحيح ٿي نٿو سگهي.
· صحيح وقت تي اڇلايل پٿر ان سون کان بهتر آهي جيڪو غلط وقت تي ڏجي.
· هر چور بادشاه آهي جيسين جهلجي نٿو.
· مرڻ بعد هر انسان هٿن ۾ اهو کڻي وڃي ٿو جيڪو هن ڏنو آهي.
· گلاب سان پيار ڪرڻ واري کي ڪنڊن جي به عزت ڪرڻ کپي.
· سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهوءَ جو انڌو، گونگو ۽ ٻوڙو هجڻ ضروري آهي.
· جڏهن بدبختي منهن ڪڍي ٿي ته جيلي کائڻ سان به ڏند ڀڄيو پون.
· ڪوبه ڏيئو صبح تائين نٿو ٻري.
· انڌو ماڻهو ٺوڙهي تان پيو ٺٺوليون ڪري.
· نانگ جهلڻ لاءِ دشمن جو هٿ استعمال ڪجي.
· ٻلي ۽ ڪوئي جو صلح دڪاندار جي تباهي.
No comments:
Post a Comment